سنڌ جي تعليمي نصاب ۾ سنڌي پڙهن لکن ضروري آهي ان لاءِ ڪراچي مان سنڌي کي ختم ڪرڻ لاءِ هٿ سان سرڪاري اسڪولن جو ٻيڙهو ٻوڙهي پرائيويٽ اسڪول کوليا ويا ته جيئن ڪراچي مان سنڌي ٻولي قومي ٻولي آهسته آهسته ختم ٿيندي وڃي، ان کانپوءِ ڪراچي کي ڏسندي ڏسندي پوري سنڌ ۾ پرائيويٽ اسڪول کلڻ شروع ٿيا ۽ سنڌي ٻولي جو وجود خطري ۾ پئجي ويو، هن وقت جيڪي سرڪاري اسڪول آهن انهن ۾ ٿوري گهڻي سنڌي پڙهائي وڃي ٿي باقي پوري سنڌ ۾ پرائيويٽ اسڪولن ۾ سنڌي زبان جو نالو هي نه ٿو ورتو وڃي
جواب: سنڌي ٻولي ادا ڪنهن شئي جو بنياد ختم ڪرڻو هجي ته ايئن ئي ڪيو ويندو آهي، يعني ان جي تعليم جي سرشتي کي تباهه ڪيو ويندو، سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم جو خاتمو يعني هن قوم جي اهم هٿيار علم کي انهن کان جدا ڪرڻ، پڙهيل لکيل قومون اڳتي وڌنديون آهن، هاڻي اسان جي قوم کي ڄاڻي واڻي علم جي ميدان ۾پوئتي رکيو پيو وڃي ته جيئن هو ڪنهن به تبديليءَجو باعث نه بڻجن۔۔۔
جواب: سنڌي ٻولي ادا پرائيويٽ اسڪولن ۾ تمام سٺي اهميت ڏني وڃي ٿي سنڏي کي آءُ اوهان جي ڳالهه سان سهمت نه آهيان ته ان کي پرائيويٽ اسڪولن مان بلڪل ختم ڪيو ويو آهي!!
جواب: سنڌي ٻولي ان ڳالهه ۾ به مان توهان سان ايگري نه ٿو ڪيان توهان ڪو مثال ڏيو ڇا توهان سروي ڪئي آهي؟ ڇا توهان وٽ سرڪاري يا غير سرڪاري ڪو رڪارڊ آهي جيڪو اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته پوءِ شِئر ڪريو مهرباني دوست