اسان سنڌي ته مهمان نوازي ۾ مشهور آهيون پر اسان شڪارپور وارن تي پهاڪو آهي۔ چيو ته الائي ڪنهن به آهي ته شڪارپور وارا ماني جي صلاح شڪارپوري ڪندا آهن۔ ان جي معني ته مونکي به ڪون ٿي اچي پر اڄ مان وري ماني کڻي آيو آهيان اوطاق تي۔ ڇا ڪيون ادا پاڻ اوطاقي ماڻهو آهيون۔ Uploaded with ImageShack.us هٿ ڌوهي اچو ته ادا ته گڏجي کائون
جواب: ڇڏيو ٻين ڪمن کي۔ هيڏان اچو۔ واهه واهه سولنگي ڀاءُ۔۔۔ مطلب ته دعوت ڪرڻ ۾ ڪاڪو آچار اڪيلو نهآهي۔۔ هاڻي ته لئه ٿي وئي۔۔ بهترين ڪم آهي، ڏسون ته دوست اچن ٿا ڪونه ٿا اچن۔۔ آهي ته سانجهيءَ جي مانيءَجو وقت۔۔
جواب: ڇڏيو ٻين ڪمن کي۔ هيڏان اچو۔ ادا مست ڪاڪي آچار جي اوطاق جا اسان خدمتگار آهيون۔ ماني کارائڻ جو ڪم اسان جي مٿان آهي۔
جواب: ڇڏيو ٻين ڪمن کي۔ هيڏان اچو۔ يار سولنگي واه جو ڪم ڪيو اٿئي بک به ڏاڍي لڳي هئي ۔۔۔ خئير اڄ اوهانجا قرب اکين تي ۔۔۔ڀلا سنگت جي صلاح ٿئي ته سڀاڻي ماني منهنجي، بس غريباڻي ماني هوندي ۔۔۔ دوستن جي صلاح ٿئي ته؛ يار منع نه ڪجو ۔۔۔ مون واري ڪڪڙ به اچي پڪي عمر جي ٿي آ، وڃي نه پيالو ڪري سو کائي جان ڇڏائجي ۔۔۔ ايترا چوزا ڏنا اٿس جو هاڻ رحم ٿو اچي ۔۔۔ بس ته پو ڳالهه پڪي سڀاڻي مانجهاندو مون وٽ ۔۔۔ سڀاڻي گڏ آهيون ۔۔۔ الله واهي ۔۔۔
جواب: ڇڏيو ٻين ڪمن کي۔ هيڏان اچو۔ هائو ابا اينداسي، توهان چئو ۽اسان ڪونه اچون۔۔۔۔۔ مڙئي پارت اٿوَ۔۔۔ جيڪڏهن ٿر پاسي واريون کنڀيون ملي وڃن ته اصلي واهه واهه ٿي ويندي۔۔۔۔ باقي هڪ اهو قرب ڪجو ته ٻيلي ڪڪڙ جو پلا ٺهرائجو۔۔۔ ٻوڙ ته ادي اڪبر کارايو هو۔۔۔۔ سو مهرباني ڪري سنڌي برياني ٺهرائجو۔۔۔۔ باقي گڏيا پيا آهيون
جواب: ڇڏيو ٻين ڪمن کي۔ هيڏان اچو۔ مطبل ته منهن ۾ پاڻي اچي ويو نه۔۔ هلاٿئي ڪاڪي آچار جي اوطاق جا ڪمال۔۔۔
جواب: ڇڏيو ٻين ڪمن کي۔ هيڏان اچو۔ توهان جهڙا دوست خدمتگذار هوندا ته پوءِ ته بس اوطاق تي مهمانن جو ڦهڪو هوندو، مطبل ته ڪاڪو آچار ڪاڏي گهمڻ ڇو نه هليو وڃي، اوطاق جا مهمان بک نه مرندا۔۔۔۔ ساٿ ڏيڻ جي مهرباني،
جواب: ڇڏيو ٻين ڪمن کي۔ هيڏان اچو۔ سائين وڏا۔۔ ڏيو خبر ته اها دعوت ڪاٿي ڪئي اٿوَ۔۔ توهان به وقت سر خبر نه ڏني آهي نه ته ڪاڪي ڪانڊيري کي سائين نثار ناز جي پٽ جي شادي واري دعوت مان واپس گهرائي توهان واري دعوت ڏانهن اچڻجو چئجي ها۔۔۔ پر هئه ڙي قسمت، اڃان ڪاڪي ڪانڊيري جو تپ سائين نثار ناز جي گلي ۾ پيل هوندو۔۔۔