
جي ته هاڻي حاضر آهي هن جديد دور جي هڪ ايوارڊ يافته پين جنهنجو نالو آهي۔۔۔Echo Smartpen ۔۔۔هن ٻئي نالي ۾ هلندڙ ڦرندڙ سڪرائيبڊ سائيٽ پڻ چئي سگهجي ٿو۔۔۔ ڇو ته هن جا فنڪشنس ئي اهڙا آهن۔۔۔
هاڻي اهي شاگرد جيڪي استاد جو ليڪچر ٻڌندي ڪجهه نوٽ به ڪندا رهندا هئا پر جيئن ئي پيرڊ ختم ۔۔۔ هر ڳالهه وسري وئي۔۔۔ ۽ پوءِ دوستن جي آسري رهندا هئا پڻ پاڻ کي هيرو بڻائي سگهن ٿا۔۔۔ ڇو ته هن پين جي ذريعي توهان ٽيچر جو ليڪچر ٻڌو، ريڪارڊ ڪريو، پوائينٽس لکو ۽ پوءِ ڪمپيوٽر سان منسلڪ ڪري محفوظ بڻائي ڇڏيو ۔۔۔ چاهيو ته گوسڙو يا مجبوري ۾ موڪل ويندڙ شاگردن کي اي ميل ڪيو، انهن سان مختلف سائيٽس تي ونڊ ڪيو يا پنهنجي سوشل نيٽ پروفائيل تي شيئر ڪريو۔۔۔ يقينن هن عمل سان توهان پنهنجي دوستن جي اکين جا تارا بڻجي ويندو۔۔۔

4 کان 8 گيگا بائيٽ جي ميموري رکندڙ هي پين في الحال مارڪيٽ ۾ 200 ڊالرز تائين موجود آهي ۔۔۔ هن جي خاص خوبين ۾ لکڻ کي ريڪارڊ ڪرڻ ، زبردست مائيڪ سان آهستي آواز کي پڻ ريڪارڊ ڪرڻ، پاسورڊ پروٽيڪشن، پين تي موجود هلڪي LED تي چاهيو ته پنهنجو نالو لکي ملڪيت بڻايو يا وري گهڙي ڊسپلي ڪريو، جيڪو لکو ريڪارڊ ڪريو، تلفظ ٻڌڻ لاءِ لکيل ڳالهيو آڊيو طور ٻڌو، سپيلنگ درست ڪريو، معنى معلوم ڪريو، محفوظ ڪرڻ کان پوءِ لکيل ٽيڪسٽ کي سرچ ڪريو، يا وري پنهنجي لکائي کي اسٽائلش بڻايو۔۔۔
هن پين جي ڪارڪردگي کي بهتر طريقي سان ڏسڻ لاءِ حاضر آهي هڪ مختصر وڊيو۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=Ag6R8v9YZ2k&feature=related