• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ هاڻي حاضر آهي 100 جي بي (گيگا بائيٽ) جي ڊسڪ۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ڪو وقت هو جو هڪ هنڌا ٻئي هنڌ ڊيٽا منتقل ڪرڻ لاءِ فلاپي ڊسڪ استعمال ٿيندي هئي وري اڳتي هلي ان جي جاءِ سي ڊي ورتي ۔۔۔ اڃان سفر اڳتي وڌيو ته ڊي وي ڊي به مارڪيٽ ۾ اچي وئي ۔۔۔ اسان اڃان اهو سوچي رهيا هئاسين ته هڪ سائيز جي ڊسڪ ۾ ڪٿي سي ڊي جي صورت ۾ 700 ميگا بائيٽ ته ڪاٿي 7 گيگا بائيٽ جو مواد ۔۔۔۔
ته نئين ٽيڪنالاجي Blu-ray technology متعارف ٿي۔۔ ڏسندي ئي ڏسندي سندس مشهوري وڌڻ لڳي ۔۔۔ ۽ وقت ويجهو پهتو Sharp ڪمپني ايندڙ مهيني بلو ري ٽيڪنالاجي جي مدد سان BDXL فارميٽ ۾ وڌ ۾ وڌ ميڊيا مواد جي حامل ڊسڪ VR-100BR1 مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن جي مواد جو هجم 100 گيگا بائيٽ آهي۔۔۔

1so3ra.jpg

هن ڊسڪ ۾ ٽي وي براڊڪاسٽنگ جي وڊيو هوندي جنهن کي هلائڻ جو مڪمل وقت 12 ڪلاڪن تائين هوندو۔۔۔ هي ڊسڪ DXL compatible drives جي ذريعي هلائي ويندي جنهن جا مارڪيٽ ۾ تازا ٻه ماڊل موجود آهي هڪ BD-HDW700 ۽ ٻيو BD-HDW70
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي 100 جي بي (گيگا بائيٽ) جي ڊسڪ۔۔۔

سائين لاڳت گهڻي اٿس اچڻ مهل تقريبن؟
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي 100 جي بي (گيگا بائيٽ) جي ڊسڪ۔۔۔

سائين بليو ري ٽيڪنالوجي تي ٺهيل ڊسڪن ۾ هاڻي ٿري ڊي فلمون اچن پيون جيڪي ڪنهن به طرح سان عام ڊي وي‌ڊي يا سي ڊي ۾ نه ٿيون اچي سگهن۔۔ ايتري بهترين ڏس ڏيڻ جي مهرباني
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي 100 جي بي (گيگا بائيٽ) جي ڊسڪ۔۔۔

ادا مست وڌيڪ وضاحت ڪرڻ جي مهرباني
 
Back
Top