مست
سينيئر رڪن
سنڌ ڌرتي جي برک ليکڪ ۽ نامور قانوندان سيد ظفر حسين شاهه جي ذاتي ڪتابن، رسالن ۽ ٻئي قيمتي مواد تي مشتمل هڪ ڪارنر سنڌالاجي ۾ قائم ڪيو ويندو۔ سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر محمد قاسم ماڪا جي ڪيل هڪ اعلان مطابق پروفيسر سيد ظفر حسين شاهه جي فرزند ناياب تحريري مواد ۽ تقريبا ٻه هزار کان مٿي قيمتي ڪتاب سنڌالاجي کي تحفي طور ڏيڻ جي خواهش ڏيکاري آهي، انهيءَ مواد کي عوام جي آڏو پيش ڪرڻ لاءِ سنڌالاجي سيد ظفر حسين شاهه جي نالي تي هڪ ڪارنر قائم ڪندي۔