پاڻي مسئلي تي ڪمزور موقف

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏21 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پاڻي مسئلي تي ڪمزور موقف​

    سرويچ ساريو


    پاڻي مسئلي تي حڪومت جو وائڙو ڪردار عوام جي جذبن سان کيڏڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي، پنجاب جا سنڌوءَ تي ڌاڙا ۽ راتاها بدستور جاري آهن، زبردستي سان مختلف لنڪ ڪئنال ذريعي چشما جهلم ۾ تونسا، پنجنند ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ذريعي ڏاڍ مڙسي ڪري کنيو ٿو وڃي، سينٽرل پنجاب کان بچي سنڌ ڏانهن ايندڙ باقي پاڻي به گڊو بئراج ذريعي سنڌوءَ ۾ پهچڻ کان اڳ پنجاب جي سرحدن مان مختلف غير قانوني جوڙيل ننڍن ڌاڙيل واهن ذريعي پڻ کنيو وڃي ٿو ۽ رڪارڊ ۾ اهو پاڻي سنڌ ڏانهن موڪليل ڄاڻايو وڃي ٿو. سنڌوءَ تي پنجاب جي ڌاڙن جو سلسلو ۽ زوري ڏنڊو کڻي اسان جي حصي جو پاڻي کڻڻ وارو سلسلو ذري گهٽ ٻن صدين جو سلسلو آهي، ان حوالي سان تمام گهڻيون ثابتيون منظر عام تي اچي چڪيون آهن، هتي رڳو چشم جهلم لنڪ ڪئنال زبردستي کولڻ واري مسئلي ۽ ان کان پوءِ حڪومت جي اختيار ڪيل رويي جي اپٽار ڪري رهيا آهيون.

    ارسا جي اڳوڻي وقتي چيئرمين شفقت مسعود پاران ارساجي ميمبرن جي مرضي کان سواءِ اڪيلي سر ڏاڍ مڙسيءَ جو مظاهرو ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ هجڻ باوجود چشما جهلم لنڪ ڪئنال وهائڻ وارو عمل سنڌوءَ جي حصي جي پاڻيءَ تي سڌو سنئون ڌاڙو هڻڻ کان سواءِ ڪجهه به نه هو، سي جي ڪئنال کلڻ کان پوءِ ۽ ارسا جي وقتي چيئرمين جي اهڙي فيصلي کي هر سطح تي ننديو ويو ۽ پوري ملڪ ۾ سندس عمل جي هر سطح تي مذمت ڪئي وئي، سنڌ جي هر تنظيم، هر اداري ۽ هر ماڻهوءَ ان دينا داستي ڪيل ڏاڍ مڙسيءَ خلاف سخت احتجاج ڪيو، سنڌ کي پنهنجي جيجل تنظيم جهڙو مرتبو ڏيندڙ ڌرين ۽ درياهه شاهه کي تار تار وهڻ جو خواب پنهنجي نيڻن ۾ سمائي جدوجهد ڪندڙ جوانن پاران حڪمران ٽولي جي ان عمل خلاف سخت احتجاج ڪرڻ ته فطري عمل هو، پر سنڌ سرڪار جو پنجاب جي ان رويي خلاف ڪيل سخت احتجاج رڳو کل جو کارو بڻجڻ کان سواءِ ڪا به حيثيت نه ٿو رکي. واقعي، حيرت به ان تي اچڻ ڇو نه گهرجي، جڏهن وفاق ۽ ٽن صوبن ۾ ساڳي پارٽيءَ جي حڪومت هجي، جيڪا پارٽي سي جي ڪئنال جهڙو ڌاڙيل واهه وهائڻ کي غير قانوني قرار ڏئي ٿي، پر مزي جي ڳالهه اها ته پ پ سرڪار جي ئي پاڻي ۽ بجليءَ واري وفاقي وزير جي حڪم سان ئي ارسا جي وقتي چيئرمين سي جي ڪئنال کي کولڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، سنڌ سرڪار کي سي جي ڪئنال کولڻ جي مسئلي تي احتجاج ڪرڻ جو حق به ڪهڙو هو، جيڪڏهن هو رڳو مرڪزي قيادت تي زور ڀرين ها ته سي جي ڪئنال بند ڪرائڻ لاءِ پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير کان هڪڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪرايو وڃي ها ته سي جي ڪئنال بند ڪرايو وڃي، نه رڳو ڪئنال بند ٿئي ها پر سرڪار خلق جي خواري کڻڻ کان به بچي پئي ها. پر هتي ته ڪم جي ڳالهه ڪرڻي نه هئي، سنڌين جي اکين ۾ سرمو وجهي کين انڌو بڻائڻ وارو مسئلو هو، اتي عقل جي ڳالهه نه ڪرڻي هئي، سنڌ سرڪار جي اختيار ۾ رڳو ڪرڻي به ته هاءِ گهوڙا هئي. سنڌ سرڪار ڪراچيءَ جي بندرگاهه ذريعي پنجاب ڏانهن ويندڙ مختلف سامان جي رسائي بند ڪرڻ کان ويندي اوڏانهن ويندڙ بادلن کي بيهارڻ تائين پنهنجي موقف ۾ سختي آندي، پر جڏهن بادلن کي بيهارڻ جهڙي به شاندار شاعري ٿي رهي هئي تڏهن به عقل جي انڌن کي ايترو سمجهه ۾ نه آيو هو ته سي جي ڪئنال کولڻ وارو فيصلو به سندن پارٽي جي مٿين قيادت جو ڪيل آهي ۽ هو رڳو تقريرن ۾ وضاحت جا جوهر ڏيکاري پاڻ کي خوش ڪري سگهن ٿا. خير… جڏهن سنڌ سرڪار جا ڪارندا پنهنجن تقريرن ۾ لفظن جا واهڙ وهائي ۽ ”مر ويسون مر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون“، جهڙا نعرا لڳائي رهيا هئا ته تڏهن سندن پارٽيءَ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فوزيا وهاب چئي رهي هئي ته سنڌي ڪوڙ ٿا ڳالهائين، سنڌ ۾ پاڻيءَ جي ڪا به کوٽ ناهي، اتي بمپر فصل لهن ٿا، تڏهن تن همراهن جي ”سنڌ نه ڏسون“ واري ضمير ۾ ايتري چهنڊڙي به ڇو نه آئي ته انتهائي خراب ڳالهه ڪندڙ پنهنجي پارٽيءَ جي انفارميشن سيڪريٽريءَ کان پڇاڻو ڪن يا مرڪزي قيادت کان مطالبو ڪن ته اڌ چرين ۽ غير ذميوار ماڻهن کي ذميوار عهدن تي رهڻ جو ڪو به حق ناهي، ڳالهه رڳو پ پ جي انفارميشن سيڪريٽريءَ کي عهدي تان هٽائڻ جي به ڀل نه هجڻ گهرجي، پر ڇا انهن ۾ ايتري جرئت آهي ته سنڌين کي ڪوڙو چئي مٿن نفسياتي حملو ڪندڙ پنجابي حڪمران ٽولي جي ان دادلي ق کان ڪنهن ايترو به مطالبو ڇو نه ڪيو ته سنڌين جي عزت نفس سان کيڏڻ تي سندن معافي ورتي وڃي؟ ان کان سواءِ پاڻي مسئلي تي پ پ پنجاب جي پوري قيادت، پنجاب جي ناجائز عملن ۽ نسوري ناحق تي ٻڌل موقف جي ڀر جهلو بڻيل آهي، پر پارٽيءَ جي مک قيادت ڪڏهن به انهن کان اهڙي ڪنهن عمل جو پڇاڻو نه ڪيو آهي، مطلب ته پاڻي مسئلي تي هاڻوڪي سرڪار مڪمل طور وائڙائپ جي ور چڙهيل آهي. ڪٿي به ڪو به پارٽي ضابطو ناهي، جنهن کي جتان اچي ٿو اهو اتان جاٺو هڻي، پاڻ کي ماهر قوالي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي.

    سياسي علم جي ڄاڻ رکندڙ ڌريون اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿيون ته اقتدار ۽ اختيار ٻه الڳ الڳ شيون آهن، اقتدار حاصل ڪندڙن لاءِ اهو لازمي ناهي هوندو ته هو اختيار جي به حاصلات ماڻي سگهن، شهيد بينظير ڀٽو جي قربانيءَ جي نتيجي ۾ هاڻوڪي سرڪار کي اقتدار ته مليو آهي پر سندن عملن مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته کين ڪو به اختيار نه مليو آهي يا ته انهن اسٽيبلشمينٽ جي اڏيءَ تي پنهنجا ٻئي هٿ وڍائي اقتدار حاصل ڪيو آهي يا ڏي وٺ جي بنياد تي انهن اسٽيبلشمينٽ سان ڪجهه معاملا طئي ڪري کين سنڌ ۽ سنڌين جي تقدير سان کيڏڻ جو پورو پورو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ جي معاملي ۾ پ پ سرڪار جا سمورا فيصلا ان دعويٰ جي ثابتيءَ لاءِ ڪافي آهن ته سنڌ جو وجود تهس نهس ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن ٽولن کي مڪمل ڇوٽ ڇڏيو ويو آهي. سنڌي دشمن دهشتگرد مافيا جي ڪلهن ۾ اجرڪ وجهي کين پنهنجو اتحادي بڻائڻ کان ويندي سنڌ جي ٻهراڙين کي به انهن جي رحم تي ڇڏيو ويو آهي ته هو ڀل ويٺا هن چمن جي ڀينگ ڪن، سنڌ وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ مان قانون جي حڪمرانيءَ کي ختم ڪري جهنگ جي قانون کي لاڳو ڪرڻ به هاڻوڪي سرڪار جي مک ڪارنامن مان هڪ اهم ڪارنامو آهي. بي اختيار پ پ سرڪار، سنڌي عوام جو احتجاج، سنڌ سرڪار جو احتجاج ڪا به حيثيت رکندڙ ڪو نه هو، اهو رڳو هوا ۾ لٺيون هڻڻ جو هڪ ناٽڪ هو، ان کان مجبور ٿي جڏهن چشما جهلم لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ جو ٽن ڏينهن لاءِ ئي سهي عارضي فيصلو ڪيو ته پوءِ ان کي هڪ ڏينهن بند ڪرڻ کان پوءِ (اهو به بند ڪيو ويو هو يا نه، ڪا به خبر ناهي) وري کولڻ مان ڪهڙو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو؟ ان عمل کي شفقت مسعود جيان رقيب خان جي رقيبي قرار ڏئي وري آسمان مٿي تي کنيو ويندو يا مٽيءَ به ماٽ ۽ مٺيءَ به ماٽ وانگر هاڻوڪي سرڪار جا مهرا پنهنجا چپ سبائي سمورو تماشو خاموشيءَ سان ويهي ڏسندي.

    حڪمران ٽولي، سي جي ڪئنال جي وهائڻ واري عمل کي غير قانوني قرار ته ڏنو پر ان غير قانوني قرار ڏيڻ واري ان مدي دوران جيڪو پاڻي ان ۾ ڇڏيو ويو ته ان جو حساب ڪتاب ڏيڻ بابت سرڪار جي چپن مان هڪ لفظ به نه نڪتو، آخر ڇو؟ ۽ وري هڪ ڏينهن جي وقفي کان پوءِ ساڳيو غير قانوني ڪئنال ۾ پاڻي جو ٿيندڙ وهڪرو قانوني بڻجي ويو، اهو سڀ ڪجهه ڇا معنيٰ رکي ٿو؟

    حڪمران ٽولي جي پاڻي مسئلي تي اختيار ڪيل سموري وائڙي موقف ۽ اونڌي هلت مان رڳو اهو ئي ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ کي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي کان تڙپائڻ لاءِ پنجابي حڪمران ٽولي جي شاطر دماغن، سرڪار کان پاڻيءَ بابت سمورا حق ۽ واسطا کسي ڇڏيا آهن. انهيءَ ڪري، سنڌ جون سمورين ڌريون پنهنجي ڌرتي ۽ درياهه جي بچاءَ لاءِ پر امن جمهوري جدوجهد ۾ تيزي آڻين ۽ باغيرت ۽ باوقار قومن آڏو ڪنڌ کڻڻ جهڙا بڻجي ايندڙ نسل لاءِ جدوجهد جون ڏياٽيون روشن ڪرڻ واسطي ڌرتي ۽ درياهه جي جياپي لاءِ پاڻ پتوڙڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو