مخدوم طالب المولا صاحب الطاف شيخ. مخدوم طالب المولئ کي ڏاڍو مس ڪريان ٿو تعليم توڙي نوڪري دوران ٻاهران ٿي پنهنجي ڳوٺ هالا اچڻ تي مخدوم صاحب جن سان ِضرور ملندو هوس ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچي ته سندس طبيعت صحيح نٿي رهي کين ڪيترائي ڪم آهن ۽مصروف رهن ٿا منهنجي وڃڻ جي ڪري متان رخنو پوي آئون نه ويندو هوس ته پاڻ گھرائي وٺندا هئا ۽ منهنجي لکڻين ۽ نون ڇپيل ڪتابن جو پڇندا هئا ۽ وڌيڪ لکڻ لاء تمام گھڻي همت افزا.ي ڪندا هئا.، اهو سندن ادب لاء چاه هو جومون جهڙي جي عزت افزائي ڪرڻ فرمائيندا هئا ملئيشيا وڃڻ کان اڳ پاڻ مون کي ان پاسي جي ملڪن جي شاعري تي ڪجھه لکڻ يا ترجمو ڪرڻ لاء چوندا هئا شا.عري پڙهڻ ياسمجھڻ مون لاء ڏکيوسبجيڪٽ رهيو آهي البت ملئي ٿا.ئي سنگاپوري اندونيشي اديبن جا جيڪي افسانا پسند اٿم سي ترجمو ڪري هي ڪتاب ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ وجود ۾ آيو.. 1987 ۾ ،ملائيشيا کان موڪل ملڻ تي ڳوٺ آيس ته هي ڪتاب ڇپجي چڪو هو ۽ مخدوم صاحب کي . پيش ڪندي چيم شعر نه پر افسانا ترجمو ڪيا اٿم پاڻ افسانن جاعنوان ڏسي مرڪندا رهيا. مخدوم طالب المولئ جن تي گھڻو ڪجھ لکي سگھجي ٿو پر هتي سيد مرتضئ ڏاڏاهي جو مخدوم صاحب جي باري ۾ فقط هڪ جملو ورجائيندس ته پاڻ در گذر ڪرڻ وارا صابر شاڪر سهڻا سٻاجھا ماکي کان وڌ مٺا ملنسار۽ مهربان طبيعت جا مالڪ هئا . پاڻ سٺا مشهور شاعر ممتاز اديب ۽ با اصول سياستدان هئا سياستدانن جي خبر نه اٿم پر اديبن شاعرن ۽ فنڪارن تي ڏاڍو مهربان هئا .هالا ۾ ننڍي هوندي کان شعر شاعري جون محفلون ڏٺيوسين پاڻ بزم طالب المولئ سميت ڪيترين ئي ادبي انجمن جي سرپرستي ڪيائون ويترسٺي ڳاله اها آهي ته ادبي محفلن ۽ شعر شاعري سان لڳاء سندن فرزند مخدوم امين فهيم ۽سندس پوٽي مخدوم جميل الزمان جميل ۾ پڻ تمام گھڻو لڳاء آهي اڄ جي دور ۾ جڏهين تعليم ۽ ڇپائي عا م ٿي وئي آهي تڏهين به سنڌ جي ڪيترن وڏن شهرن ۾ ڇپائي جي ڪا پريس نظر ڪانه ٿي اچي پر هالا جهڙي شهر ۾ جيڪو اڄ کان اڌ صدي اڳ هڪ ڳوٺڙو هئيو اتي مخدوم صاحب جن الزمان نالي پرنٽنگ پريس لڳائي 1948 جڏهن پاڻ اٺاويهن سالن جا هئا ان پريس ما انوقت پاسبان ۽ الزام نالي هفتيوار اخبارون نڪرنديون هيون 1950۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو فردوس سندن سرپرستي ۾ نڪرندو هو فردوس سڄي سنڌ ۾ تمام مشهور ٿيو ان ۾شعر افسانا سوال جواب ۽فلمي فوٽو ۽ خبرون هونديون هيون ۽ لکڻ وارن جي گھڻائي جو تعلق هالا سان هو بلڪ هن پريس هن رسالي ۽ مخدوم صاحب جي همت افزائي هالا جي ڪيترن ئي ماڻهن کي اديب بنائي ڇڏيو اسان جئن ئي لکڻ پڙهڻ جهڙا ٿياسون ته پرئڪٽس لاء الوحيد فردوس نئين زندگي ۽ گلستان اخبار ۽رسالن جي صفحن کي پڙهڻ لڳاسين فردوس هالا۾ڇپبو هو گھر گھر ۾ نظر ايندو هو ان ڪري سڀ کان گھڻو ان رسالي سان واسطو پيو . اڄ به ان زماني م لکندڙ ڪيترن ئي شاعرن جا نالا دماغ ۾ ڦري رهيا آهن الهه بچايو فيروز عبد الحئ سليم هالائي، انور هالائي ،شفيع محمد شهنشاه ،علي احمد گلچين ،عبد الرحمان انجم ،اختر هالائي، شوڪت ابڙو ،عبد اللطيف ساقي وغيره ان کان علاوه مخدوم صاحب جا شعر غزل ڪافيون گيت پڻ ان ۾ ڇپبيون هيون سندن ڪافيون *۽ وائيون نه فقط پڙهندڙن کي پر ڳائڻ وارن ۾پڻ مقبول هيون اسان به تو دلڙي يار ڌتاري جهڙيون ڪافيون پهرين ڳوٺ پوء ريديو پاڪستان۽ ٽي وي ِتي ۽ هاڻ هر بس ۾ رونا ليلا جي آواز ۾ ڪئسٽ وڄندا رهن ٿا. تنهنجو طالب مولئ آهي ٻي ساڻ ڀلا تنهنجو ڇا آهي رس تنهن کي قرب مان ڪاهي ٻيا لڳ لاڳاپا لاهي ڇڏ وير ورء جي واهي ڪير سينو توسان ساهي اها طاقت ڪنهن کي ناهي اچ مون وٽ گاهي ماهي لاء بره جي يار بهاري الا ير ڪانه ڪئي پوئواريسائين طالب مولئ جن جي ٻي ڪافي جا خوبصورت ٻول جيڪي هنوقت ياد اچي رهيا آهن جيڪي بره ۾ بيپرواه دليون اهي آهن شهنشاه دليون جيڪي پورن ۾ پيون روز پچن جيڪي بره جي باه م ڌار ڌڳن جيڪي درد جو درمان نه ڪن سي سهڻن جون ٿيون ساه دليون جيڪي محبت ۾ ٿيون مست مچي جيڪي طالب مولئ ڪن نه ڪجي والاه چوان ٿو سچ به سچي اهي ڪن ٿيون ڪونه گناه دليون 1952مخدوم صاحب جن سياست ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو سندن رهنمائي چاچي مخدوم غلام حيدر جن ڪئي 1953 جي چوندن ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ بنا مقابلي چونڊجي آيا پاڻ ان بعد مغربي پاڪستان اسيمبلي جي چونڊن ۾ نه بيٺا مارشل لا کا پوء نئين آئين جي چونڊن ۾ پاڻ مرڪزي اسيمبلي تي ميمبر چونڊجي آيا پاڻ پهرين مسلم ليگ ۾هئا پر 1967 کان ڀٽي صاحب جي َقا.ئم ڪيل پيپلز پارٽي جا باني ميمبر ۽ سينئر وائيس چيئرمن رهيا پاڻ 1970۽ 1977 ۾ قومي اسيمبلي جا ميمبر منتخب ٿيا. مخدوم طالب المولى جن 9محرم 1338 هجري سيپٽمبر 1919 آچر تي هالا ۾جنم ورتو سندن والد بزرگوار جو نالو مخدوم غلام محمد هيو.مخدوم صاحب جي زياده تعليم ۽تربيت سندن والد ۽ چاچي مخدوم غلام حيدر جن جي خد،مت ۾ٿي قران شريف جي تعليم انهي وقت جي عالم ۽ درگاه جي مجاور حافظ ولي محمد کان حاصل ڪئي سنڌي تعليم استاد عبد الرحمان کان ۽عبد الغفور وڪيلاڻي کان ورتائون فارسي عبد الحئ ٺيڙهي وارو ۽ انگريزي ۾سندن استاد غلام رضا ڀٽو هو مخدوم صاحب جو و_ڏو فرزند مخدوم امين فهيم هالا جي اسڪول ۾مون کان چار سال کن سينئر هو پيٽارو وڃڻ کان اڳ ٽي سال جيڪي هالا جي اسڪول پڙهيو هوس اتي اسا ن جو هئڊ ماستر سائين غلام رَضا ڀٽو هو اهڙي طرح سندن ٻئي استاد انجم هالائي جن سان پڻ منهنجا ويجھا تعلقات رهيا جو انجم جو ننڍوپٽ عبد الرزاق پرائمري اسڪول کان وٺي انگريزي تائين منهجو ڪلاس ميٽ رهيو۽ اسان جي ڀرواري گھٽي ۾رهيو ٿي مخدوم صاحب جنجا ڪيترائي موضوئن تي ڪتاب لکيل آهن جئن رباعيات طالب، خود شناسي، شيطان ،اسلامي تصوف ،امام غزالي جا خط، ياد رفتگان مثنوي عقل و عشق ،ڪچڪول، شان سروري، ڇپر ۾ ڇڙيون، ديوان طالب المولى، بي پير اکيون وغيره مخدومصاحب جن ٻه شاديون ڪيون پهرين 1937 اچ شريف مان تعلقي ٽنڊو باگو جي پيرن مان ڪئي ۽ ان مان هڪ پٽ مخدوم امين فهيم آهي ٻي ڊسمبر 1941 ڌاري ڪيائون جنهن مان مخدوم خليق الزمان رفيق الزمان شفيق الزمان سعيد الزمان ۽ مخدوم نويد الزمان آهي . مخدوم صاحب جي وفات کان پوء چاليهي جي موقعي تي 1993 ۾مخدوم امين فهيم جن کي گادي تي وهاريو ويو اهڙي طرح مخدوم صاحب ارڙهون گادي نشين آهي. پاڻ سياست جي مئدان ۾ هميشه سرخرو رهيو آهي پاڻ اديب شاعر ۽ سنڌ جي اهم خاندان جو فرد هجڻ ڪري کين ڪيترن ملڪن توڙي غير ملڪي اهم ۽ مشهور ماڻهن سان ملڻ جا موقعا مليا آهن مخدوم طالب المولى جي سياسي سماجي علمي ۽ ادبي خدمتن کي مڃتا طور کين تمغه پاڪستان 1990 ڌاري هلال امتياز ۽ 1991 ڌاري حڪومت سنڌ طرفان شاه عبداللطيف ايوارڊپڻ ملي چڪوآهي سنڌ جو سڄاڻ مخدوم طالب المولى 11 جنوري 1993 تي ٽيهتر سالن جي ڄمار ۾علم ادب جي محفل کي روشن رکندي راه رباني وٺي ويو دعا آهي ته رب پاڪ شل کين جنت الفردوس ۾ اعلى مقام عطا فرمائي آمين آديسي اٿي ويا وياوطنون ڏور قائم جنسان ڪچهريون زنده هيون ضرور اهي مرد نه مور ٿيندا پيدا ٿري چوي
جواب: مخدوم طالب المولا صاحب سائين مون وٽ اهڙا لفظ نه آهن جو اوهان جي اهڙي ڪوشش جي واکاڻڪريان۔۔۔ تمام۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ حفظ الله ڪاڪا