• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عزم هجي ته هر شئي ممڪن آهي۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
انڊيا جي شمال مشرقي رياست جهاڙ کنڊ جو هڪ خاڪروب (سولي سنڌيءَ‌ ۾‌ ڀنگي) سخت محنت ۽ مسلسل جدوجهد کان پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊپٽي سپرنٽيڊنٽ آف پوليس جي عهدي تي فائض ٿي ويو آهي۔ روشن گوڊيا نالي هن همراهه جو پي سوما گوڊيا هڪ ريٽائرڊ فوجي آهي۔
سندس چوڻ‌آهي ته پوليس جي محڪمي ۾ نوڪري ڪرڻ سندس ننڍپڻ جي ۡخواهش هئي، هن پنهنجي پوري توجهه تعليم تي ڏني ۽‌ شروعاتي ناڪامين مان مايوس نه ٿيو۔ سندس مطابق ته هن ٻه سال ضلعي پرائمري مرڪزِ صحت ۾ نوڪري ڪئي ۽ ان سان گڏ تعليم به جاري رکي ۽ چوٿين ڪوشش ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري هن عهدي کي ماڻڻ‌۾ ڪامياب ٿيو۔
 
جواب: عزم هجي ته هر شئي ممڪن آهي۔

ادا هن نئين نسل لاءِ مثال ڇڏيو آهي ونڊ ڪرڻ تي مهرباني
 
Back
Top