پنهنجي اهم ڊيٽا کي محفوظ ۽ هر وقت پاڻ سان گڏ رکڻ لاءِ فليش ڊرائيو هڪ اهم ايجاد آهي۔۔۔ پر اڪثر پريشاني وڌي ويندي آهي جڏهن اها هٿ مان فرش تي ڪري پوي ۽ مٿان پير اچي وڃي۔۔۔ يا بي ڌياني جي ڪري پاڻي ۾ ڪري پوي۔۔ يا وري ڪنهن گرم شي تي ڪري پوي۔۔۔ پر انهن سڀني مسئلن جو توڙ آندو آهي۔۔۔۔ LaCie پنهنجي نئين هڪ پائيپ نما پروڊڪٽ ۽ XtremKey نالي فليش ڊرائيو سان جيڪا هڪ مخصوص ڌاتو zamac سان تيار ڪئي وئي آهي۔۔۔۔ هن جي خوبين ۾ شامل آهن۔۔۔ پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ تڪڙي رفتار ۔۔۔۔ يعني لکڻ لاءِ 30 ميگابائيٽ في سيڪنڊ ۽ پڙهڻ لاءِ 40 ميگا بائيٽ في سيڪنڊ رٻڙ جي رنگ منڍ ۾ هجڻ ڪري مڪمل واٽر پروف آهي۔۔۔ 10 ٽن ٽرڪ جو وزن پڻ سهي سگهي ٿي۔۔ ڪاٽو 50 کان وٺي واڌو 200 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرمي پد جي سهپ۔۔۔ سائيز ۾ ٽي انچ ۽ ميموري ۾ 8 کان 64 ميگا بائيٽ جو هجم۔۔۔ وڌيڪ تفصل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=xAInW-LA_ko&feature=player_embedded هن فليش ڊرائيو يا يو ايس بي ڊرائيو جي مارڪيٽ ۾ قيمت 50 ڊالر آهي۔۔۔
جواب: هاڻي فليش ڊرائيو نازڪ نه رهندي۔۔۔ تمام زبردست۔۔۔ سائين توهان جي هر نئين ايجاد جي متعلق خبر پڙهي دل باغ بهار ٿي ويندي آهي ته اسان جو مسئلو حل ٿي ويو۔۔ پر آخر ۾ وري اها ئي مئي ماري قيمت۔۔۔ اصل مست کي بيحال ٿي ڪري ڇڏي۔۔۔ اصل دل جو دورو ڏيڻ برابر آهي
جواب: هاڻي فليش ڊرائيو نازڪ نه رهندي۔۔۔ وڃ ڀيسان۔۔۔ الله مالڪ آ۔۔۔ ان جو پاڪستاني ورجن ملي ويندو۔۔۔ نه ته انڊين ته ليبارٽري ۾ تيار ٿي ويو هوندو۔۔۔۔
جواب: هاڻي فليش ڊرائيو نازڪ نه رهندي۔۔۔ ها ادا رنجيت جيڪڏهن انڊيا ۾ سستي ملي ته دوستن کي ٻڌائجو باقي ايجاد ڀلي آهي جو ايتريون ساريون خوبيون اٿس جيڪي واقعي ساراه لائق آهن۔
جواب: هاڻي فليش ڊرائيو نازڪ نه رهندي۔۔۔ مٺا رنجيت چائنه زنده آباد، ٻهه ٽي مهينا صبر ڪيو، انشاء الله ٺڪاءُ اچي ڪندي۔ سستي ۽ اُن کان وڌيڪ سائيز ۾ ۽طاقتور پڻ
جواب: هاڻي فليش ڊرائيو نازڪ نه رهندي۔۔۔ ادا مست ، ادا رشيد جا جون اهي ئي ڳالهيون مون کي به نه وڻنديون آهن سٺي خبر ٻڌائي پو۽ وري آخر ۾ قيمت جي ڳالهه ڪري اصل پريشان ڪري ڇڏيندو آهي پر خيئر پنهنجو آهي نه شاگري رنجيت اهو بار ان جي مٿان ٿا رکون کڻي ٻه ڏينهن اوور ٽائيم ڪندو ٻيو ڇا ڪهڙو فرق پوندس کڻي جي استاد جي ڪري ٻه ڏينهن تڪليف ڪيائين سدائين گڏ
جواب: هاڻي فليش ڊرائيو نازڪ نه رهندي۔۔۔ هائو سائين اهو مسٽر رنجيت عرف رام رکيو عرف مولائي فقير اوهان جو شاگرد آهي اوهان جي ڳالهه ڪونه موٽائيندو، اڃان به نه مڃي ته پنهنجا مثال ڏيوس ته دوستن جي ڀلي لاءِ وقت اچڻ تي توهان ڪيڏو نه اوور ٽائيم ڪندا هو۔
جواب: هاڻي فليش ڊرائيو نازڪ نه رهندي۔۔۔ هميش پاڻ ڪوششنه ڪجانءِ رڳو شاگردن کي مٿي ۾ سور ڏجانءِ ڪجهه پاڻ به هٿ پير هڻ، شاگرد وري ڪهڙو رام رنجيت رکيو جنهن جو نالو ئي رکيو آهي اُهي ڪٿان ڏيندو، ها جي اکر رام رنجيت ڏيندو نالو هجيس ها ته پوءِاميد ڪجي ها۔ هاڻي ته ٻٻرن کان ٻير گهريا اٿئ۔
جواب: هاڻي فليش ڊرائيو نازڪ نه رهندي۔۔۔ ادا ڪنڌڪوٽي مونکي لڳي ٿو رنجيت فقير کي مايوس نه ڪندو اوهان مڙئي پيا رنجيت تي ناراض ٿيو اڄ ته هن جي طبيعت به ٺيڪ نه آهي صبح تائين انتظار ڪيو دوده ڪا دوود اور پاني ڪا پاني هوجائيگا