http://www.youtube.com/watch?v=FMhujOo6ngw حوالو: يو ٽيوب، سنڌ سياحت اپلوڊ ڪندڙ، منهنجي ڀائرن جهڙو دوست : سيد عرفان علي شاه ، منهنجي فيس بڪ تي شيئر ڪيو۔
جواب: اُترڙو ٿو لڳي ڀائڙا ! جيجيءَ جو اهو آواز ۽ گيت پاڻکي ته ماري وڌو آهي، لاڙ سان اهڙو جيءُ اڙيو جو رڳ رڳ لاڙ ٿي وئي آهي ۔۔۔ منهنجي گهر ۾ لڳي ته اتر ٿو پر خوشبو لاڙ جي ٿي اچي ۔۔۔ لک ٿورا يار درويش، صبح کان وٺي هن وقت تائين ڪو ويهارو دفعا ڏٺو آهي پر دل آهي جا ڀرجي ئي نٿي ۔۔۔
جواب: اُترڙو ٿو لڳي واهه درويش جاني۔۔۔ واهه جو ڪلام آهي۔ هتي ممبئي ۾ بارش لڳي پئي آهي اصلي موتمار بارش جو پڇ ئي نه۔۔۔۔پر ڇا ڪجي اڏي تي ته پهچڻو ئي آهي نه۔۔۔۔۔وري اڄ الائي ڇو ڪوئي آيو ئي ڪونهي خيئر ڏيڻ۔۔۔۔ شايد برسات جي ڪري ماڻهو گهرن مان ڪونه نڪتا آهن۔ هڪ ٻه ماڻهو آيو ائڊوانس ۾ سنڌوديش جو ويزا وٺڻ۔۔۔ مون چيومان ته مان سنگت سان صلاح ڪندس پو ڏيندس، سو اهي به هليا ويا مطلب ڌنڌو مندو آهي۔۔۔۔
جواب: اُترڙو ٿو لڳي واهه درويش واهه۔۔ اسين ماڻهو لاڙ جا دريا جي پاڇاڙ جا۔ اصل من کي موهي وجهندڙ ونڊ ڪيو اٿئو