حضرت الحاج حافظ امام بخش سومرو (رحه) HaqMojood لاڙڪاڻي جي سرزمين تي ڪيئي اڳواڻ ۽ انمول جنم وٺي، انسان ذات جي احترام ۽ خدمت وسيلي امر حيثيت بڻجي چڪيون آهن. خاص طور تي هتي بزرگن، پيرن، فقيرن، صوفي ۽ سرويچن جيڪو ويساهه پختو رکيو آهي. ان جو مثال ٻيو ڇڊو ملندو ڇاڪاڻ ته الله لوڪن وک وک تي پنهنجو عرفان عيان ڪيو آهي. ته اهڙن انراڳ ماڻهن مماتئَ بعد به فيض جاري ۽ ساري رکڻ لاء پنهنجي باقي صحبت، صداقت، صفت، صلاحيت ۽ صولت بابت صوابديد صورت به اتان جي ڌڌڙ سان ڌاتو بڻائي ڇڏي آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو ورهين جي وڇوڙي سان ته اڃان به سندن مزارن، مقبرن ۽ مينا ڪاري تجلين ڏانهن ڌيان وارن جي ڌم متل آهي. اسان لاڙڪاڻي واسين ڀاڱي ۾ ڀلائي ڀر جهلي رهي آهي. جو هن تاريخي خطي کي استاد الحافظ، الحاج حافظ امام بخش سومرو (رحه) جهڙو بلندڙ بخت انسان دوست، دادگر، دلاور ۽ روح جو دارون بڻجي مليو آهي. نه فقط دبستان مان هر پلڪ درس جاري رهيو پر سدائين سندس دسترخوان به کليل مليو. علم محمدي، جي هن عارف ۽ ڪامل ولي، راهه حق ۾ پنهنجي دورانديش حياتي سڦلي ۽ سڪار تي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هي فيض جو درياهه اڄ اسان ۾ موجود نه آهي پر تڏهن به سندس سٻنڌ، سڀاءُ سڪ جو سلسلو اڃا به روان دوان رهندو اچي ٿو. هي باڪمال ۽ برتر بزرگ، سدائين متقي ۽ متوڪل رهيو. پاڻ 999 حافظن جو استاد ۽ پسگردائي ۾ مڙني لاءِ مهربان ۽ ميلان حيثيت سان نامدار رهيو. سندس والد بزرگوم مولانا محمد ابراهيم سومرو(رحه)، ڳوٺ گل محمد تونيو (تعلقه ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻو) ۾ بزرگ عالم ۽ ڄاتل سڃاتل شخصيت ۽ درويشي لياقت رکندو هو. جنهن جي اڱڻ تي هن عظيم هستي جي ولادت باسعادت، سومر سندي رات، تاريخ 11 آگسٽ 1898ع تي ٿي هئي. ٻالجتي کان نينگر سنجيدو، فهميده ۽ نهٺي نيابت رکندڙ هو. جنهن ڪري سندس طبيعت ۾ اڪثر سچائي، سلڇڻائي، ۽ وفائي جهڙا گڻ منڍ کان ئي موجود رهيا. عام بارن جيان ڪڏهن به اجائي ڪمن ۽ ڪڏڻ يا راند روند ۾ ويهي وقت نه وڃايائين. وقت جو وڏو استاد، زاهد ۽ عابد، آخوند عبدالرحمان تونيو ( 1820_1901ع)، هن ڏس ۾ سندس اولين مدرس هو. جنهن قرآن پاڪ ناظران پڙهايس. حفظ ڪرڻ جي سلسلي ۾ حافظ امام الدين، حافظ محمد قاسم سومرو قمبراڻي ۽ حافظ محمد يونس جهڙن مڃيل معتبر معلمن ۽ فقيهن فياضن جون خدمتون حاصل ڪري وڃي پار پيو. ساڳئي وقت عربي ۽ فارسي، جي حصول لاءِ ڪارائتيون ڪوششون وٺي اڃا به ڀڙ ٿيو. هن حاتم صفت انسان کي جواني جي جوڀن ۾ ذڪر ۽ فڪر جو شوق دامنگير رهيو. ازنسواءِ تهجد گذار به بڻيو. جنهن ڪري پاڻ جيڏن ۾ پارسائي جو پرتو پڌر ويتر الله وارن جي صحبت ملڻ سان، صلاحيتن ۾ سرواڻ بڻجي اڀريو. هن ڏس ۾ شهدادڪوٽ جي مايه ناز معارف ۽ جيد عالم عمدالعلماءِ غوث الزمان، ميان غلام صديق ميمڻ رحه (1844 _1905ع) جي قائم ڪيل درسگاهه مدرسه نور محمديه مان عربي ۽ فارسي جا ڪافي ڪتاب پڙهي، پروان چڙهيو. اتان جهجهو ديني سرمايو سهيڙڻ سان عاجزي ۽ فرماندگي ۾ ايترو ته فراوان رهيو. جو انساني شعور کي فروغ ڏيڻ ۾ فريقه ثابت ٿيو. سارو ڏينهن درس و تدريس کان علاوه الاهي عبادت ۾ گذارڻ لڳو. جلد ئي پوءِ استادن جي اجازت سان، دادو ڪئنال جي ساڄي ڪپ تي پهريائين ڳوٺ هارون تونيو، (تعلقو ڏوڪري) ۾ درس و تدريس ڏيڻ ۾ مصروف عمل رهيو. وطن جي ورهاڱي وقت ڳوٺ گل محمد تونيو ۾ "مدرسه الغوثيه" نالي سان پنهنجو عليحده طريقي ۾ فيض ڏيڻ شروع ڪيو. جتان اڳتي هلي پوءِ فيض جو درياه جاري ٿيو. پاڻ، قادري طريقي ۾ راڻيپور (تعلقو گمبٽ) جي سيد محمدصالح شاهه رحه جو عقيدتمند ۽ سونو جتوئي (تعلقو لاڙڪاڻو) جي بزرگ، جنيد الوقت، ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رحه (1833ع_1935ع) جي احسانمندي ۾ رڌل ۽ ريڌل رهيو. ڪجهه وقت ڪوئيٽا ۾ چشمي واري بزرگ سلطان العاشقين خواجه محمد عمر جان جي صحبت به اختيار ڪيائين. حضرت حافظ امام بخش سومرو رحه "علم فقه" ۾ به مثالي ملڪو رکندو هو. ازانسواءِ طريقت، جا ڪجهه سبق به بر زبان رکيائين. هن عاشقِ رسول جي حياتي حق جي راهه ۾ سراسر حقيقت جو درجو رکي ٿي. سنڌي زبان ۾ سخن زبان ۾ سخن جو سلسلو به ڪنهن حد تائين براقر رکيو. جنهن ڪري ڪجهه بيت ۽ مولود به چيائين. هي پيارو ٻانهو ۽ خدا ترس ڪاني ڪرامت وارو بزرگ بالڪل صحيح راءِ رکندڙ هو. انهي ڪري قوي الحافظ هجڻ جي حوالي سان سدائين وحدت جو حقيقي غواص بڻيو رهيو ۽ هن وڏي احترام ۽ وقعت ڀرين نظرن سان نهاريو آهي. سندس رهڻي ڪهڻي ۽ هلت سادي ۽ طبيعت فقيراڻي هئي. خداداد ڏات جي طفيل پيچدار ۽ مشڪل شرعي مسئلا به نهايت نيڪ نيتي جي نرت سان مختصر لفظن ۾ سمجهائيندو رهيو. سندس استاد به کائنس خوش هئا ۽ هر وقت اهو چوندا هئا ته حافظ امام بخش سائين کي شرافت جو عمل زياده ڏسڻ ۾ اچي ٿو. سندس قول ۽ فعل ۾ الله تعالىﷻ جي رضامندي شامل هئي. انهي ڪري دعا مستجاب هئي. حقيقت جي اک سان نهارجي ته هي فياض، برتر بزرگيءَ وارو بلند انسان ۽ صاحب بيان شخص هو. وقت بوقت کانئس ڪيتريون ئي ڪرامتون سرزد ٿيون. جنهن لاءِ سندس دعائن ۾ اڏيل اڄ به اها ساک سنبرن ٿا. هن چشمه جود و سخا، معدن خلق وصفا، مخزن صدق وفا ۽ مستجاب الدعا درويش کي ڇهه ڀيرا حج بيت الله جي زيارت نصيب ٿي آهي. سيوهاڻي بزرگ قلندر لعل شهباز رحه جو بيحد احترام ڪندو هو. اڪثر ڪري درگاه تي حاضري ڀريندو رهيو. سائلن ۽ سڪ وارن لاءِ استخاره ڪري، دعائون گهرندو هو. آخر حيات جي نبوي برڪت واريون 63 بهارون سنڀري، سومر جي رات 9 سيپٽمبر 1968ع تي هڪ حادثي دوران دادو ضلعي جي سول اسپتال ۾ هي سلطان اولياءُالله کي پيارو ٿيو. سندس جسم مبارڪ کڻائي ڳوٺ ۾ مدرسي آڏو ڏکڻ پاسي دفنايو ويو. مٿس عاليشان تربت ۽ سهڻو مقبرو اڏيل آهي. هتي روزانو عقيدتمند اچي حاضري ڀرين ٿا. هر سال سندس ياد تازي رکڻ لاءِ پسگردائي جا شاعر، عالم ۽ نعت خوان مشاعرو ۽ وعظ وغيره دوران سچي دل سان عقيدت جا گل نڇاور ڪن ٿا. لاڙڪاڻي ضلعي جي هن رفيع الدرجات عظيم سنڌي انسان کي حقيقت ۾ باطني ڪمالات ۾ بلند مقام مليل هو. انهي اعتبار کان جيڪڏهن معرفت جو مينار کيس سڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. سندس شاگردن جو تعداد ٻارنهن سون کان وڌيڪ آهي. انهن ۾ 999 حافظ سندس حياتي ۾ فارغ التحصيل ٿيا. استاد الحافظ، رفتار ۽ گفتار جو غازي هو. اونهي سوچ ۽ ذڪر فڪر سندس روح جي تسڪين بڻيل هو. اطوار۽ لباس گهڻو ڪري سادو ۽ سفيد پهريندو هو. خوراڪ ۾ به حد درجي جي سادگي پسند هو. سنت محمدي جو پوري ريت پابند رهيو. اولاد ۾ حضرت الحاج حافظ محمد عثمان سومرو رحه (وفات 22 ربيع الاول 1398 هه) کانپوءِ حضرت الحاج مخدوم حافظ عبدالرحيم رحه، پنهنجي والد بزرگوار جي ٻاريل ڏيئي جو وٽ سوريندا رهيا، خدا جي خلق کي دين جي دنيا سان مالا مال ڪندا رهيا. خاص ڪري مخدوم صاحب جهڙو خوش اخلاق، خوش پوش ۽ خوش گفتار نهايت مهمان نواز ۽ همدرد ثابت ٿيو. آخرڪار سائين مخدوم صاحب به هن فاني دنيا کي الوداع چئي، پنهنجي اصل خانقاه ڏانهن منتقل ٿي ويا. sadayeen gud
ادا اوهان جي تمام گهڻي مهرباني جو اوها ن اسان سان حضرت الحاج حافظ امام بخش سومرو (رحه) جي زندگي بابت معلومات ڏني جزاڪ الله خير
سڀني دوستن جو مان شڪر گذار آهيان جو منهنجي سهڻي مرشد ڪريم جي سوانح حيات واري تحرير ۾ مون سان پيار ڀريا ويچار ونڊيا..... تمام دوستن جي مهرباني..... سنڌ سلامت ساٿ سلامت