سڀني سنڌ سلامت جي ميمبر ڀائرن کي سڪ ڀريو سلام قبول پوي ادا ڪٍه وقت مون کي انٽر ڪلاس جي سنڌي نوٽسن جي صرورت هئي، ڪافي ڳولڻ جي باوجود آئون نوٽس ڳولڻ ۾ ناڪام رهيس ۔ منهنجي توهان دوستن کي هي گذارش آهي ته انهي مقصد لا ڪو فورم ٺاهيو وڃي، جنهن سان شاگردن کي فائدو رسي۔ اميد ته منهنجي ان صلاح تي سوچيو ويندو۔ آخر ۾ سڀني لا دعا ته شال هميشه خوش رهو۔
جواب: شاگردن لا نوٽس دوست لاکي جي ڳالهه انتهائي وزنائتي آهي ۔۔۔ دوست لاکا اميد ته دوست پنهنجي وس آهر ڪون گهٽائيندا پر اڄڪلهه ڏسو پاڻ ٿا ته تعليم به ڪاروبار لڳو پيو آهي سو سٺا نوٽ به ڪافي پئسن تي ملن ٿا ۔۔۔ منهنجي نياڻي پڻ انٽر ۾ آهي ۽ ڪراچيءَ جي هڪ ٽيوشن انسٽيٽيوٽ ۾ پڙهي ٿي جت نوٽس وٺڻ جا هر سال 2500 روپيا ڏيڻا هوندا آهن ۔۔۔ خئير الله مالڪ آهي متان ڪو دوست مڙسي ڪري وجهي ۔۔۔ انتظار ڪيو ۽ ڏسو ۔۔۔
جواب: شاگردن لا نوٽس ادا سوير توهان کي هڪ ڊگهو جواب لکيم پئي ته بجليءَبه الله واهي ڪئي۔۔ هاڻي بس اوهان کي ايترو ڏسيان ته منهنجي ڪوشش آهي ته سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ سيڪشن ۾ ان سلسلي ۾ هڪ سلسلو شروع ڪيان، جنهن ۾اوهان مختلف تعليمي ادارن جي ويب سائيٽن جا تعارف پڙهي سگهندا انهن جي اندر ڏنل نوٽسن جي تفصيل به ڏني ويندي۔۔ باقي سنڌي نوٽس ته اگر ڪو دوست اپلوڊڪري ته پوءِئي اوهان کي ملي سگهن ٿا۔۔
جواب: شاگردن لا نوٽس تمام سٺو مست ۔ ادا هتي اسلام آباد جي ماڊل ڪاليجز ۾ هيئين ٿيندو آهي، ته سبجيڪٽ سان وابسطه استاد يا ليڪچرر پنهنجا نوٽس تيار کري شاگردن کي ڦوٽوڪاپئ لاءِ ڏيندو آهي ۽سڄو سال شاگرد انهي نوٽس جا مزا ماڻيندا رهندا آهن۔
جواب: شاگردن لا نوٽس تمام سٺي تجاويز آهي توهانجي سنڌ سلامت کي ايجوڪيشن جي حوالي سان سيڪشن بڻا.ئڻ گهرجي
جواب: شاگردن لا نوٽس ادا عبدالوهاب۔۔ توهان هن ويب سائيٽ کي ڏسو، اسان جي ڊپارٽمنٽ (انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ۽ ٽيڪنالوجي، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو)جي آهي۔۔ هن ويب سائيٽ ۾ اسان جي ڊپارٽمينٽ جا استاد پنهنجي ڪورس جي سڄي آئوٽ لائن (تفصيلي موضوع)، نوٽس، پريڪٽيڪلن جا پمفليٽس وغيره اپلوڊڪري رکندا آهن، ڀلي اوهان دنيا ۾ ڪاٿي به ويٺا هجو پر ان جي ذريعي اوهان۔۔۔۔ آءِ آءِ سي ٽي ڊپارٽمينٽ جي ڪورسن جي تفصيل کان واقف رهي سگهو ٿا۔
جواب: شاگردن لا نوٽس ادا مست اهڙي ڪوشش جي آءُ پڻ حمايت ڪيان ٿو اوهان سوير ڳالهه ڪئي ته ڪو دوست نوٽس اپلوڊ ڪري آءُ ڪونه سمجهيس ٿورڙي وضاحت ڪندا
جواب: شاگردن لا نوٽس ادا منهنجو مطلب آهي ته منهنجي سرچ جي مطابق به انٽرنيٽ تي ڪو اهڙو مواد هٿ ڪونه اچي سگهيو جيڪو 11 ۽ ٻارهين جماعت جي لاءِسنڌيءَ۾هجي، هاڻي اهو انٽرنيٽتي تڏهن ئي موجود هوندو جڏهن ڪو سنڌي دوست اپلوڊڪندو، نه ته پاڻ ئي ته اهي نوٽس انٽرنيٽ تي ڪونه ايندا۔۔
جواب: شاگردن لا نوٽس هائو ادا بلڪل مونکي حڪم ڪيو ته اپلوڊ ڪري ٿو ڇڏيان ڪهڙي ڪلاس جو ڪهڙو سبجيڪٽ نوٽس ۾ کپي ؟