عوام کان سفري سهولت نه کسيو

'راءِ شماري' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عوام کان سفري سهولت نه کسيو!​


    [​IMG]
    ابراهيم جوڻيجو/ڪي اين شاهه
    پوري دنيا ۾ ريلوي نظام ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي واري هڏي جي حيثيت رکي ٿو. دنيا ۾ ريلون ٽرانسپورٽ جو آرامده، سستي ۽ سلامتي واري سفر جو اهم ذريعو آهن. پاڪستان ۾ ريلوي عوام لاءِ سستي ۽ آرام ده سفر جو پڻ اهم ذريعو بڻيل آهي. حڪومت جي تازي کنيل قدم مطابق 6 اهم مسافر ريلون خساري ۽ انجڻيون نه هئڻ جو سبب ڄاڻائي بند ڪيون ويون آهن، جنهن سان معيشت کي ڪاپاري ڌڪ ته لڳندو ئي، پر غريب مسافرن جي مشڪلاتن ۾ پڻ اضافو ٿيندو. غريب عوام، جنهن جو هر وقت مختلف طريقن سان استحصال ڪيو وڃي ٿو. هاڻي جڏهن ريلون بند ڪيون ويون آهن ته روڊ ٽرانسپورٽ مافيا غريبن جو ڀرپور استحصال ڪندي. اها ته ڀلي ڀت سڀني کي خبر آهي ته عيد جو موقعو هجي، يا ڪو ٻيو موقعو هجي، پوءِ ته ٽرانسپورٽرن جي طرفان ڪراين ۾ ٻيڻ تي واڌ معمول بڻيل هوندي آهي. صرف ريل ئي واحد سفري ذريعو آهي، جنهن سان غريب استحصال کان بچي وڃي ٿو. سرڪار وقتن فوقتن اعتراف ڪري ٿي ته ريلوي ۾ تمام گهڻي حد تائين بدعنواني آهي. سرڪار کي گهرجي ته بدعنواني جو خاتمو آڻي، نه ڪي ريلن جو. لڳي ائين ٿو ته اها ريلن کي بند ڪرڻ وارو ڪارنامو ٽرانسپورٽ مافيا جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي، ڇو ته اسيمبلين ۾ اهڙا گهڻا ئي ميمبر آهن، جن جو ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار آهي.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: عوام کان سفري سهولت نه کسيو

    سائين مري ته اسان جهڙا به غريب ويا عيد ته وري ٽرانسپوٽ وارن جي ٿي وئي۔
    اڳلي قرباني واري عيد تي هزار ڪرايو ڪري ڳوٺ وياسين هن عيد تي 2 هزار ڪرايو ٿي ويندو۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عوام کان سفري سهولت نه کسيو

    ادا پاڪستان آهي سڀ ڪجه جائز آه بوڪنگ ٽرين جي ء سفر بس ۾.
     
  4. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: عوام کان سفري سهولت نه کسيو

    بهترين ادا
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: عوام کان سفري سهولت نه کسيو

    تمام سٺي ونڊ ڪ.ئي آهي توهان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو