• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موبائيل فون پروجيڪٽر۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
Samsung%20mobile%20phone%20projector%20video.jpg
mobile-phone-with-projector1.jpg
هن وقت مارڪيٽ ۾ موجود ڪيترن ئي موبائيل فون ۾ ڊگهيون ڊگهيون وڊيوز ڏسي سگهجن ٿيون۔۔۔۔ پر ڇا ڪجي جو انهن موبائيل فونن جي سڪرين يا ڊسپلي عام طور ننڍي ٿيندي آهي۔۔ ٻئي طرف ڪيترائي ماڻهون هڪ ئي وقت انهي ننڍي سڪرين تي وڊيوز نه ٿا ڏسي سگهن۔ پر هاڻي سام سنگ ڪمپني هڪ اهڙو موبائيل سيٽ مارڪيٽ ۾ پيش ڪرڻ وارو آهي جنهن کي توهان موبائيل پروجيڪٽر به چئي سگهو ٿا۔۔۔ ان موبائيل فون جي هڪ خوبي اها به آهي ته ان ۾ هڪ ننڍڙو پروجيڪٽر لينس لڳل اهي جيڪو موبائيل ۾ موجود ڦوٽو يا وڊيو ئي 2۔1 ميٽر وڏو ڪري ڏيکاري سگهي ٿو۔۔۔۔
اهو سڀ ڪجهه ڊجيٽل لائيٽ پروسيسنگ ٽيڪنالاجي جي ڪري ئي ممڪن ٿيو آهي۔۔۔ سام سنگ ڪمپني کي اميد آهي ته هن سال گرمي جي موسم ۾ هي موبائيل فون يورپي ملڪن ۾ پيش ڪيو ويندو۔۔۔ پر سنڌ سلامت ساٿين کي ٻڌائيندو هلان ته اهڙو موبائيل ڪوريا ۾ پهريان ئي متعارف ڪرايو ويو آهي۔۔۔۔
 
تمام بهترين شيئرنگ دنيا جي مارڪيٽن ۾ ڇا ٿئي پيو ڇا واپري پيو اهو ٻُڌي ۽ پڙهي خوشي ٿي، باقي انسان سڄي عمر پريشانين ۾ ڦاٿل هوندو هو، پهرين مونسان مسئلو هوندو هو نيٽ جي اسپيڊ گهٽ جو اهو مسئلو ڊي ايس لڳڻ سان حل ٿي ويو هاڻ مسئلو آهي موبائل جو، مون وارو مون وانگر جهونو موبائل اصل پڙ ڪڍي بيٺو آهي، مطلب ان جا ڏينهن پورا ٿي ويا، سموري دنيا کان ڪٽيو پيو آهيان بس موبائل جي دنيا ۾ ڇا ٿئي پيو اهو پڙهي ٿڌا شوڪارا پيو ڀريان​
 
ادا رشيد تمام بهترين شيئرنگ آهي، پر ڏک انهي ڳالهه جو آهي جو سائين نثار ناز ٿڌا شوڪارا پيو ڀري، پر سائين ٿڌا شوڪارا ڇو ٿا ڀريو باقي ادا علي علي واري ڀوري مينهن ڪهڙي ڪم جي آهي، سائين مونکي يقين آهي ته ادا علي علي جي ڀوري مينهن پڙي تي پهچائڻ کان بعد توهان جا ٿڌا شوڪارا ختم ٿي ويندا
 
Back
Top