ملير ۾ ايم آر سيءَ اي جي حلف برداري تقريب ۽ فائنل مقابلو

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويدجوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2010۔

  1. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    ملير ۾ ايم آر سيءَ اي جي حلف برداري تقريب ۽ فائنل مقابلو
    جاويد جوکيو درساڻو ڇنو
    دنيا جي اڪثر مُلڪن ۾ راندين يااسپورٽس واري شعبي کي ڪنهن بـ طرح مُلڪ جي ٻين شعبن ۽ کاتن کان گهٽ ۽ غير اهم نٿو سمجهو وڃي، اُن ۾ ڪيترائي ترقي پذير مُلڪ بـ شامل آهن جن دُنيا جي نقشي تي راندين وسيلي نـ رڳو پنهنجو هڪ اثرائتو مقام ۽ سُڃاڻپ ٺاهي آهي،پر اِن شعبي جي معرفت پنهنجي ڪمزور معشيت کي سگهارو ۽ مظبوط ڪيو آهي. گڏوگڏ اهڙا مُلڪ راندين جي سفارت سان ترقي يافتـ مُلڪن سان گهرو ڳانڊاپو ۽ مظبوط تعلق جوڙڻ ۾ پڻ مدد حاصل ڪري رهيا آهن.
    اسان جي هن پياري وطن پاڪستان ۾ بـ اهو اسپورٽس وارو کاتو بي فائدو ۽ بي سود ناهي باقي اها ٻي ڳالهـ آهي تـ ان کاتي مان مُلڪ ۽ قوم کي خاطر خواه فائدي بدران هميشـ فرد ۽ شخصيتون سايون ڍاهيون ٿينديون پيو اچن، ۽ اها بـ حقيقت آهي تـ هن کاتي ۾ بـ روايتي نموني پنجاب جي ماڻهن جي ئي اجاراداري قائم،۽ اُن کانپوءِ جي ڪجهـ حاصل ٿيو آهي يا ٿوري ڪا نمائندگي ملي آهي اُها پختوانخواه جي ماڻهن کي.
    باقي بلوچن ۽ خاص ڪري سنڌين لاءِ تـ ٻين کاتن وانگر هن راندين واري انتهائي اهم کاتي ۾بـ ” نو انٽري “ جو بورڊ ٽنگيل آهي، وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهـ هيءَ آهي تـ سنڌين جي هن اعلٰي حڪومتي دور اقتدار ۾ جڏهن راندين جا وفاقي وزير هڪ ٻئي پٺيان ٻئي سنڌي يعني پير آفتاب شاه جيلاني ۽ هاڻي مير اعجاز جکراڻي مُسند نشين آهن پر سنڌين لاءِ اڍائي سال گذرڻ جي کانپوءِ بـ اهو ” سنڌي نوانٽري “ وار و بورڊ هٽي ناهي سگهيو پر پوءِ بـ شابس آهي سنڌ جي نوجوانن کي جن ڪڏهن بـ مايوس ٿي همٿ هاري اسپورٽس مان هٿ ناهن ڪڍيا، سرڪاري سرپرستي ۽ مدد کانسواءِ هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ميدان ملهايو بيٺا نظر ايندا آهن
    اهڙو دلچسپ مظاهرو گذريل ڏينهن اُن وقت بـ ڏسڻ ۾ آيو جنهن وقت حاجي شيدي خان جوکيو ڳوٺ جي وسيع و عريض ملير جو شارج گراونڊ ۾ ملير جي 130 ڪرڪيٽ ٽيمن جي بورڊ ملير رورل ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن پاران پاڪ سنده ڪرڪيٽ ڪلب ۽ جيلاني ڪرڪيٽ ڪلب ٽيمن وچ ۾ فائنل مقابلو ڪرايو ويو وڏي دلچسپ ذهني ۽ جسماني ڪثرتن جي مظاهرن کانپوءِ جيلاني ڪرڪيٽ ڪلب نيٺ پاڪ سنده ڪرڪيٽ ڪلب کي 50 رنسن تان شڪست ڏئي فاتح ملير ڪرڪيٽ جو اعزاز ماڻيو ونر ٽيم جي ڪپتان عقيل پالاري کي فائنل مقابلي جي تقريب جي خاص مهمان گڏاپ ٽائون جي اڳوڻي ناظم غلام مرتضٰي بلوچ هٿان ٽرافي ڏني وئي رنر ٽيم جي ڪپتان الطاف کي پڻ ٽرافي ڏني وئي تنهن کانپوءِ هن تقريب جي ٻئي سيشن يعني ايم آر سي اي جي حلف برداري تقريب ٿي جنهن ۾ خاص مهمان غلام مرتضٰي بلوچ ايم آر سي اي ( mrca ) جي نئي چونڊيل عھديدارن جنھن ۾ چيرمين لالا محمد اسلم جوکيو سينئير وائس چيرمين اختر بلوچ، وائس چيرمين رسول بخش بلوچ، جنرل سيڪريٽري حبيب زيب خاصخيلي، جوائنٽ سيڪريٽري غلام اڪبر جوکيو انفارميشن سيڪريٽري سرور مهرائي ، پريس سيڪريٽري اختر هوت، خزانچي قاسم خاصخيلي، آفيس سيڪريٽري انور بلوچ سميت سڀني عهديدارن کي ٻن سالن لاءِ حلف کڻايو
    حاجي شيدي خان جوکيو ڪرڪيٽ گراونڊ ۾ گڏ ٿيل هزارين شائقين ڪرڪٽ، کلاڙين ۽ ڳوٺاڻن کي خطاب ڪنڌي اڳوڻي يوسي ناظم مجاهد احمد جوکيو خطاب ڪنڌي چيو تـ ڪجهـ وقت اڳي حاجي شيدي خان جوکيو ڳوٺ ملير ۾ منشيات فروشي جي اَڏي طور سڃاتو ويندو هو، هاڻ ( mrca ) جي دوستن نـ صرف منشيات خلاف انقلاب آڻي هن ڳوٺ مان منشيات جي لعنت جو خاتمو ڪيو آهي پر گڏوگڏ هنن ڪرڪيٽ کيڏڻ جهڙين مثبت سرگرمين جو آغاز ڪري ملير جي ڀٽڪيل نوجوانن کي پنهنجي روشن مستقبل ڏانهن ويندڙ واٽ ڏيکاري ڇڏي آهي، آئون کين مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
    اڳوڻي يوسي ناظم امداد علي جوکيو خطاب ڪنڌي چيو تـ ملير جي نوجوانن ۾ جيڪو ٽيلنٽ موجود آهي اها ٻين کان گهٽ ناهي پر ملير جي نوجوانن کي اسپورٽس جي ڊپارٽن ۾نٿو کنيو وڃي جيڪا ملير جي نوجوانن سان وڏي نا انصافي آهي جڏهن تـ ملير ۾ ڪيترائي اداره آهن جنهن ۾ پاڪستان اسٽيل مل، پورٽ قاسم، ايف ايف سي، پي آئي اي ۽ ٻين ڪيترن ئي ادارن ۾ ملير جي سنڌين کي ڊپارٽمنٽن جي جوڙيل ٽيمن ۾ نٿو کنيو وڃي ڊپارٽن جي ٽيمن ۾ بـ پنجاب جي نوجوانن کي شامل ڪيو پيو وڃي
    غلام مرتضٰي بلوچ خطاب ڪندي چيو تـ اڄ اهو ڏسي مون کي وڏي خوشي ٿي آهي جو ملير جا نوجوان ڪرڪيٽ جي راند ۾ ايڏو ڀڙ ٿي چُڪا آهن مون کي ڀروسو ٿي ويو آهي تـ هنن نوجوانن جيڪڏهن ساڳئي جذبي ۽ محنت سان ڪرڪيٽ جي راند کي جاري رکيو تـ ويجهي مستبل ۾ هي پاڪستان جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺندا. هن چيو تـ مون کي اُميد آهي تـ ايم آر سي اي ( mrca ) جا دوست اڳتي بـ انهن سرگرمين کي جاري رکندا، جنهن جا مثبت نتيجا ضرور نڪرندا .
    آخر ۾ مهمان خاص پ پ پ ضلح ملير جي صدر راجا رزاق خطاب ڪنڌي چيو تـ سڀني سهوليتن جي کوٽ جي باوجود ايم آر سي اي ( mrca ) جا دوست جيڪا محنت ڪري رهيا آهن اها قابل تعريف آهي هن چيو تـ آئون پوري ڪوشش ڪندس تـ mrca جي دوستن کي درپيش مسئلا سنڌ سرڪار جي تعاون سان حل ڪرائي ڏيان ۽ جلد بن قاسم ۽ گڏپ ٽائون جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي کلاڙين جون اٺن مهينن کان پگهارون پڻ ڏياريون وينديون ۽ ملير پيڪج مان اسٽيڊيم پڻ منظور ڪرائي ڏنو ويندو
    :-b
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ملير ۾ ايم آر سيءَ اي جي حلف برداري تقريب ۽ فائنل مقابلو

    شابس آهي اسانجن سنڌي سڄڻن کي جو حڪومتي سرپرستي نه هجڻ جي باوجود به صحتمند سرگرميون جاري رکيون ويٺا آهن ۔۔۔ ادا جاويد اسان پاران سڄي سنگت کي سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو