ڪراچيءَ ۾ سياسي ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    مختصر ماٺار کانپوءِ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ وري تيزي اچي ويئي آهي. شهر جي مختلف علائقن ۾ مذهبي ۽ سياسي جماعتن جي ڪارڪنن کي نشانو بڻائي ماريو پيو وڃي. گارڊن واري علائقي مان ته هڪ پوليس سب انسپيڪٽر جو لاش پڻ هٿ آيو آهي. روڊن ۽ رستن تي، گهرن ۽ گذرگاهن تي، ماڻهن کي چونڊي چونڊي ماريو پيو وڃي، پر اهي قاتل قانون لاڳو ڪندڙن کي نظر نٿا اچن.

    ڪراچيءَ ۾وري دهشتگردي اکيون مهٽي ۽ آرس ڀڃي جاڳي پئي آهي. ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪري ماريو پيو وڃي. هي اهي ئي هٿ آهن، جن ڪراچيءَ کي اڳ به رت ۾ وهنجارڻ وارين ڪوششن ۾ وسان نه گهٽايو هو. هي اهي آهن، جيڪي ملڪ جي ”فنانشل ڪيپيٽل“ تصور ٿيندڙ شهر کي انتظامي لحاظ کان غير متوازن ۽ منتشر ڪري ان جي اقتصادي موت جا متمني آهن. هي امن، سک ۽ سڪون جا وڏا ويري آهن، پر خبر ناهي ته ڇو قانون جو فولادي هٿ انهن تائين پهچڻ ۾ ڪوتاهيءَ جو مظاهرو پيو ڪري. سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر اهي مجرم قانون جي عقابي اک کان اوجهل ۽ فولادي هٿ کان پري ڪيئن رهندا اچن؟ ڇا قانون جو فولادي هٿ فالج زده بڻجي چڪو آهي يا وري مجبوريءَ جا ڪي ڏانوڻ ان جي پيرن ۾ آهن؟ حد ته اها آهي جو هيڏي مصروف شهر ۾ ماڻهن کي ٽارگيٽ بڻائي ماريو وڃي ٿو پر قانون کي خبر ئي نٿي پوي.

    ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ گهڻو ڪري موٽر سائيڪل جو استعمال ٿئي ٿو، ۽ ڪراچيءَ ۾ موٽر سائيڪل جي ڊبل سواريءَ تي پابندي آهي، پر ان جي باوجود موٽر سائيڪل جي ڊبل سواري پوليس ۽ رينجرز جي موجودگي باوجود جاري آهي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ به، پوليس ته آهي ئي ”پوليس“، پر رينجرز ڇا پئي ڪري؟ سنڌ حڪومت گذريل ٻن ڏهاڪن کان رينجرز تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي ۽ هر سال، سنڌ ۾ رينجرز جي قيام ۾ هڪ سال جي توسيع ڪئي وڃي ٿي. ٽي چار ڏينهن اڳ به سنڌ حڪومت رينجرز جي سنڌ ۾ وڌيڪ هڪ سال موجودگي لاءِ وفاقي حڪومت کي لکيو آهي. جڏهن ڳالهه رينجرز جي وس کان ئي ٻاهر آهي، ته پوءِ هڪ وفاقي فورس کي ان جي اصل ڪم، يعني سرحدن جي حفاظت کان پري ڇو پيو رکيو وڃي؟

    ڪراچي جيئن ته سنڌ جي گاديءَ جو شهر آهي، ان جو امن امان، سانت ۽ سڪون سڄي سنڌ توڙي ملڪ جي معيشت تي وڏو اثر ڇڏي ٿو، ان ڪري ڪي ويري قوتون ڪراچيءَ جي امن کي اڊيڙڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. سنڌ جي سانت ۽ سڪون جون بدخواهه قوتون وري سنڌ ۾ اضطراب ۽ بيچينيءَ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيون آهن. گهڻي وقت کان ڪراچي لساني هم آهنگي ۽ سياسي سهپ واري ماحول ۾ رهي چڪو آهي، پر هاڻي اهي ڪير آهن، جيڪي ڪراچيءَ جو امن برباد ڪرڻ ٿا چاهين؟ مشاهدي ۾ اهو آيو آهي ته، ڪراچيءَ ۾ ڪنهن ”وفاقي وي وي آءِ پي“ جي آمد هجي، يا سنڌ حڪومت ۾ ڀائيوار ڌرين ۾ ڪا ڇڪتاڻ، ته ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ تيزي اچي ويندي آهي، ڄڻ ته ٽارگيٽ ڪلنگ جي ايڪسيليٽر تي ڪن اڻ ڏٺل قوتن جو پير هجي، جيڪي اهو سڀ ڪجهه مخصوص مفادن جي حاصلات لاءِ ڪنديون هجن. اڄ جيئن ته ڪراچيءَ ۾ صدر صاحب جي آمد متوقع آهي، ته ان آمد کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ تيزي اچي ويئي آهي. ڪنهن وي وي آءِ پي جي ڪراچي آمد جي موقعي تي اهو صرف هن ڀيري ئي نه ٿيو آهي، هر ڀيري ائين ئي ٿيندو رهيو آهي. آخر ان جا ڪهڙا سبب آهن؟

    يقينن اهو عمل انهن مافيائن جو ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪي جمهوري قوتن کان خوفزده ۽ خائف آهن، جيڪي ٽارگيٽ ڪلنگ جي اهڙن سلسلن ذريعي خوف جي هڪ سونامي پيدا ڪري عوام تي اعصابي جنگ مڙهڻ چاهين ٿيون. ان ڪري ڪراچيءَ ۾ مينڊيٽ رکندڙ سياسي ڌرين جو به فرض ٿو بڻجي ته ڪراچيءَ جي امن کي خراب ڪندڙ انهن مافيائن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اڳتي اچن. حڪومت جو به اهو فرض ٿو بڻجي ته اها ڪراچيءَ کي بدامنيءَ جي باهه ۾ ڌڪيندڙ انهن قوتن کي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ پنهنجن اختيارن ۽ وسيلن جو استعمال ڪري. ڪراچيءَ کي مڪمل امن ۽ سڪون ڏانهن وٺي وڃڻ جو گس اهو ئي آهي ته ڪراچيءَ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي. هونئن به پرامن ۽ هٿيارن کان پاڪ ڪراچي سڀني جي مفاد ۾ آهي


    ڪاوش
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪراچيءَ ۾ سياسي ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ

    ڪراچي کان سواءِ پوري سنڌ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ٿئي پئي جنهن کي نالو قبائلي جهڙن جو ڏنو ويو آهي
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪراچيءَ ۾ سياسي ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ

    هائو ادا بس الله کان دعا آهي ته امڙِ سنڌڙي کي پنهنجي پناه ۾ رکي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو