• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ امن امان جو مسئلو پيدا ڪري رهي آهي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
بجليءَ جو بحران ته سڄي ملڪ ۾ آهي، پر ان بحران کي سڀ کان گهڻو سنڌ ڀوڳي رهي آهي، جتي روزانو 14 کان 20 ڪلاڪن جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ معمول بڻجي ويئي آهي، جنهن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ نتيجي ۾ احتجاجن جي اڻ کٽ سلسلي جنم ورتو آهي. شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جڏهن سنڌ ۾ وڏي پئماني تي احتجاج نه ٿيندا هجن، ڌرڻا نه لڳندا هجن، حيسڪو آفيسن تي حملا نه ٿيندا هجن، گهيراءُ نه ٿيندو هجي، پر سٺي حڪمرانيءَ جي سرور ۾ مسرور حڪمرانن کي ڪا پرواهه ئي ناهي. اهي ان معاملي کي حيسڪو ۽ عوام جو مسئلو سمجهي لاتعلق بڻيل آهن.

شايد سنڌ جي عوام کي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت جي سزا ڏني پئي وڃي، جو اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ذريعي سنڌ جي عوام جي زندگي عذاب بڻائي ويئي آهي. اختيارين طرفان 50 سيڪڙو بجلي کوٽ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ان حساب سان به وڌ ۾ وڌ 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هجڻ گهرجي، پر 20-20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو مطلب ته 84 سيڪڙو کوٽ ٿئي ٿي. سنڌ کي بجليءَ جي 84 سيڪڙو کوٽ ڇو پئي ڀوڳڻي پوي، جڏهن ته ايتري کوٽ آهي ئي ڪانه. سڄي ملڪ لاءِ هڪڙا اصول ۽ قاعدا آهن ته سنڌ لاءِ ٻيا ڇو آهن؟ 14 کان 20 ڪلاڪن تائين ٿيندڙ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سان صرف عوام جي زندگي ئي متاثر نٿي ٿئي، صنعت ۽ ڪاروبار تي به خراب اثر پوي ٿو، جنهن ڪري ملندڙ ٽيڪس ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي. ان ڪري اهو سڌيءَ طرح حڪومت جو به مسئلو آهي، پر سنڌ حڪومت ان سڄي مسئلي کان لاتعلق بڻيل آهي.

حڪومت طرفان بجليءَ جي بحران کي گهٽ ڪرڻ لاءِ 2 ڏينهن جي موڪل ڪئي ويئي، دڪان ۽ بازارون جلدي بند ڪرائڻ سميت مختلف اپاءُ ورتا ويا، ته ڇا حڪمران انهن اپائن جي نتيجن کان عوام کي آگاهي ڏيڻ جي زحمت ڪندا؟ انهن اپائن کانپوءِ کوٽ گهٽجڻ بدران وڌي ڇو آهي؟ حڪومت انهن اپائن سان ڪيتري بجلي بچائي آهي ۽ اها بچايل بجلي آخر ڪيڏانهن ويئي؟ جڏهن حڪومت گهڙيون هڪ ڪلاڪ اڳتي ڪرڻ سميت بجلي بچائڻ لاءِ مختلف اپائن جو اعلان ڪيو هو ته اسان تڏهن به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو لکيو هو ته اهي صرف ۽ صرف ڪاسميٽڪ ۽ نمائشي اپاءُ آهن، انهن مان عوام جي پريشاني کانسواءِ ٻيا ڪي به نتيجا نڪري نه سگهندا. بجليءَ جي بحران جي خاتمي لاءِ ته حيسڪو جي اندروني ڪرپشن ۽ بدانتظامي جو جيستائين خاتمو نٿو ٿئي، تيستائين سٺا نتيجا ملي نه سگهندا.

بجليءَ جي وڌندڙ بحران سبب ماڻهو پنهنجي سهپ وڃائي رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ ٽڪراءُ جي صورتحال پيدا ٿيندي پئي وڃي، حيسڪو آفيسن تي حملا به ٿي رهيا آهن ۽ شديد احتجاج به، پر مجال آهي جو سنڌ جا حڪمران ان سڄي صورتحال کي سنجيدگيءَ سان وٺن. سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو ان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ وسيلي پيدا ٿي رهيو آهي، ڏوهه وڌي رهيا آهن، پر اهو مسئلو حڪمرانن جو ڄڻ مسئلو ئي نه هجي. نه صرف حڪمران ان اهم معاملي کان لاتعلق بڻيل آهن، پر حيسڪو انتظاميا به ان سڄي معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ لاءِ تيار ناهي. اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو خاتمو نٿو ڪيو وڃي، جيڪا کوٽ آهي، ان جي حساب سان لوڊشيڊنگ جو شيڊيول پڌرو ٿيڻ گهرجي، پر حيسڪو انتظاميا ائين ڇو ڪري؟ جيڪڏهن ائين ڪيو وڃي ٿو ته حيسڪو عملدارن ۽ اهلڪارن جي ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ تي ڪيئن پردو پئجي سگهندو؟

سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين کي گذارش آهي ته سنڌ ۾ 14 کان 20 ڪلاڪن تائين ٿيندڙ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي حيسڪو انتظاميا کان وضاحت طلب ڪئي وڃي ۽ اعليٰ اختياريون حيسڪو انتظاميا کي طلب ڪري کين سنگينيءَ ڏانهن صورتحال جي وڌڻ جي حوالي سان سمجهاڻي ڏين. توڙي جو حيسڪو سنڌ حڪومت جي ماتحت ته ناهي، پر حيسڪو طرفان ٿيندڙ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ امن امان سميت سنڌ حڪومت لاءِ ڪيترائي انتظامي مسئلا پيدا ڪري رهي آهي.
 
جواب: سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ امن امان جو مسئلو پيدا ڪري رهي آهي

صحيح پيا چئو ادا
 
جواب: سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ امن امان جو مسئلو پيدا ڪري رهي آهي

بهترين آرٽيڪل آهي مهرباني
 
Back
Top