حيدرآباد شهر ۾ اغوا جون وڌندڙ وارداتون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    حيدرآباد ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ته اڳ ۾ ئي عروج تي هو، پر هاڻي اغوا جون وارداتون به وڌنديون وڃن. حيدرآباد مان مشهور آرٿوپيڊڪ سرجن ڊاڪٽر رئيس پرويز کي حيدرآباد جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد مان جيل روڊ تان ڪار ۾ سوار 2 هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن. ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ وچ شهر مان اغوا جي اها ٻي وڏي واردات آهي. هن کان اڳ ٻارڙن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر اسلم ميمڻ کي پڻ حيدرآباد جي پوش علائقي ڊفينس پلازه وٽان اغوا ڪيو ويو هو.

    حيدرآباد جي وچ شهر مان اغوا جون وارداتون شهر اندر ڏوهاري ٽولن جي سرگرم هجڻ جي شاهدي ڏين ٿيون. اسٽريٽ ڪرائيم جا واقعا ته پوليس جي ليکي ۾ ئي نه آهن، پر هاڻي شهر مان اغوا جي وڌندڙ وارداتن عوام ۾ پنهنجي تحفظ جي حوالي سان ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي. پوليس ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪري نه سگهي آهي. هن کان اڳ ڊاڪٽر اسلم ميمڻ کي اغوا ڪيو ويو هو، جيڪو ڪوٽڙيءَ جي بستيءَ واري علائقي مان اتفاقي طور تي بازياب ٿيو، ان جي بازيابيءَ لاءِ حيدرآباد پوليس ڪي ڪوششون نه ورتيون هيون، اهو به ڄامشوري پوليس جي شڪي چرپر تي هنيل ڇاپي ۾ آزاد ٿيو هو. حيدرآباد شهر ۾ ڪجهه ئي ڏينهن اندر 2 ماهر ڊاڪٽرن جي اغوا جي وارداتن واري ڳجهارت کي ڀڃڻ جي ضرورت آهي. ڪي ڀلي اهڙين وارداتن ۾ طبي پيشي سان تعلق رکندڙن جي اندروني رقابتن، دوائن جي ڪمپنين جي اندروني عداوت يا وري پوليس عملدارن جي هڪ ٻئي کي بدنام ڪرڻ وارين ڪوششن سميت لاتعداد رخن ۾ ان واردات جا پيرا ڳولهين، پر هڪ ڳالهه ثابت آهي ته اها پوليس جي نااهلي آهي، جيڪا شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ويئي آهي. ڏوهارين کي آخر سليماني ٽوپيون ته پاتل ناهن، جو اهي پوليس کان ناڪابندي ڪرڻ باوجود بچيو ۽ ڀڄيو وڃن.

    حيدرآباد شهر ۾ اغوا جي وڌندڙ وارداتن کي اسان پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي سنڌ حڪومت کي اپيل ٿا ڪريون ته مغوي ڊاڪٽر کي آزاد ڪرائڻ لاءِ اپاءُ ورتا وڃن. حيدرآباد ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال جو نوٽيس وٺندي پوليس انتظاميا کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي.
    ڪاوش
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: حيدرآباد شهر ۾ اغوا جون وڌندڙ وارداتون

    مهرباني حيدراآباد تي نظر رکڻ جي
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: حيدرآباد شهر ۾ اغوا جون وڌندڙ وارداتون

    ادا سنڌ امڙ لاءِ هي سر به قربان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو