آمريڪا پاڪستان جي توانائي بحران جي حل ۾ رنڊڪون نه وجهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پاڪستاني وزير خارجه مخدوم شاهه محمود قريشي سان ڳالهين جي ٻئي دور جي پڄاڻيءَ بعد گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آمريڪي وزير خارجه هليري ڪلنٽن چيو آهي ته عالمي برادريءَ ۽ آمريڪا کي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ائٽمي توانائي جي معاهدي جي باري ۾ تحفظات آهن ۽ ان حوالي سان پاڪستان کان وضاحت طلب ڪئي آهي. ان موقعي تي هليري اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته آمريڪي ماهرن جي ٽيم پاڪستان سان سول ائٽمي توانائيءَ جي معاملي تي ڳالهيون ڪري رهي آهي، پر عالمي برادريءَ جي حمايت ۽ ائٽمي توانائي جي عالمي اداري جي مطمئن ٿيڻ کانسواءِ سول ائٽمي توانائي جي فراهمي ممڪن ناهي. ان موقعي تي

    آمريڪا جڏهن ڀارت سان سول ائٽمي توانائي جو معاهدو ڪيو هو ته پاڪستان به اهڙي گهر ڪئي هئي ته آمريڪا پاڪستان سان به اهڙو معاهدو ڪري، پر آمريڪا مسلسل انڪار ڪندو رهيو ۽ جڏهن پاڪستان ان سلسلي ۾ چين سان ڳالهيون شروع ڪيون ۽ چين پاڪستان کي 2 ائٽمي بجلي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي ته آمريڪا پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو آهي. آمريڪا جي خواهش آهي ته پاڪستان چين کان ڪنهن به صورت ۾ ائٽمي بجلي گهر نه وٺي ۽ جيڪڏهن پاڪستان کي هروڀرو به اهڙي خواهش آهي ته آمريڪا ان جي اها ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهي. چين کان سول ائٽمي توانائي حاصل ڪرڻ جي صورت ۾ آمريڪا پاڪستان تي عالمي برادري جي خدشن جي نالي ۾ دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو آهي. ٻئي طرف ائٽمي توانائيءَ جي عالمي اداري جي اطمينان جو شرط به رکيو ويو آهي. ڀلا اها ڳالهه ڪير نٿو ڄاڻي ته اهي عالمي ادارا آمريڪا جا ”ڀيچي ۽ ٻيلي“ آهن ۽ انهن ادارن جو خوف ڏيئي آمريڪا هر صورت ۾ اهو چاهي ٿو ته پاڪستان چين کان اها ٽيڪنالاجي حاصل نه ڪري. آمريڪا اهي رنڊڪون ان وقت وڌيون آهن، جڏهن چين سان ڳالهه ٻولهه اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. آمريڪا پاڪستان کي هر صورت ۾ پنهنجو محتاج رکڻ چاهي ٿو. آمريڪا پنهنجون سموريون ڪوششون ڪري سمورا حربا استعمال ڪري چاهي ٿو ته پاڪستان جو چين سان اهو ٺاهه ختم ٿئي، ان لاءِ آمريڪي ماهرن جي ٽيم پاڪستان سان ڳالهيون به ڪري رهي آهي، پر آمريڪا جو اهو طريقو رهندو آيو آهي ته چين کان پاڪستان کي پري ڪري ۽ پوءِ آمريڪا پاڻ به اها توانائي پاڪستان کي ڏيڻ ۾ رنڊڪون وجهندو. نوان بهانا شروع ٿيندا ۽ پاڪستان وري ڪئين سال ان ٽيڪنالاجي کان پري هٽي ويندو.

    چين کان سول ائٽمي توانائي جي حصول کان روڪڻ بابت آمريڪا جو پاڪستان تي ڪيترو دٻاءُ آهي، ان جو ذڪر آمريڪي وزير خارجه پريس ڪانفرنس ۾ به ڪري چڪي آهي. عالمي برادري جي خدشن ۽ ائٽمي توانائي جي عالمي اداري جي اطمينان جا دهمان ڏنا پيا وڃن. توڙي جو پاڪستان جو وزير خارجه مخدوم شاهه محمود قريشي اهو چئي چڪو آهي ته چين کان حاصل ٿيندڙ ائٽمي ٽيڪنالاجي ائٽمي توانائي ايجنسي جي اصولن مطابق هوندي ۽ عالمي قانونن تحت چڪاس لاءِ به موجود هوندي، پر ان جي باوجود آمريڪا جو اطمينان نٿو ٿئي.

    هڪ طرف آمريڪا دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي نالي ۾ سڄي عالمي برادريءَ کي پنهنجي مفادن جي جنگ ۾ گهلي رهيو آهي، جنهن جنگ ۾ سڀ کان گهڻو نقصان پاڪستان جو ٿيو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته ان جنگ ۾ سڀ کان گهڻو خرچ پاڪستان جو آيو آهي. هڪ طرف آمريڪا جو پاڪستان غير نيٽو اتحادي آهي ته ٻئي طرف آمريڪا پاڪستان کي اهو اتحادي وارو اسٽيٽس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. جيڪڏهن پاڪستان کي آمريڪا پنهنجو اتحادي سمجهي ها ته ان کي هيڏو سارو نقصان ڀوڳڻ لاءِ اڪيلو نه ڇڏي ها. دهشتگردي خلاف جنگ جو ٻارڻ بڻجي پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي ويئي آهي، پاڪستان ۾ توانائيءَ جو بحران وڌي ويو آهي، پر آمريڪا جو ان سان ڇا؟ نه جنگ تي آيل خرچ جو تدارڪ ڪيو وڃي ٿو، نه ئي پاڪستاني معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ ڪي قدم کنيا وڃن ٿا، ويتر ”ڊو مور“ واريون فرمائشون روز بروز وڌنديون وڃن. توانائيءَ جي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ بدران ويتر پاڪستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون آهن. پاڪ-ايران-ڀارت گئس پائيپ لائين منصوبي مان ڀارت کي ڌار ڪري منصوبي کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر پوءِ جڏهن پاڪستان ۽ ايران ان منصوبي کان ڌار نه ٿيا ته آمريڪا ان ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون. ٻئي طرف سول ائٽمي توانائي فراهم ڪري پاڪستان ۾ توانائي جي بحران ۾ مدد ڪرڻ بدران، جڏهن پاڪستان چين کان اها ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ڪئي آهي ته آمريڪا ان ۾ به رڪاوٽون وجهي رهيو آهي ۽ پاڪستان کان وضاحتون طلب ڪري رهيو آهي. آمريڪا پاڪستان کي پنهنجو غير نيٽو اتحادي سمجهي ٿو ته پوءِ انهن اعتراضن جو مطلب ڇا ٿو بيهي؟ اهي ڪوششون ته پاڪستان ۾ توانائي جي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ آهن، ته آمريڪا ان حل ۾ رڪاوٽون ڇو پيو وجهي؟

    پاڪستان طرفان چين کان ائٽمي بجلي گهر حاصل ڪرڻ وارين ڪوششن تي آمريڪي اعتراض اجايا آهن، پاڪستان جڏهن اهڙي حاصل ٿيندڙ ٽيڪنالاجي، توانائي جي عالمي ايجنسي کان چڪاس لاءِ به راضپو ظاهر ڪري چڪو آهي، ان صورت ۾ عالمي برادريءَ جي خدشن ۽ ائٽمي توانائي ايجنسي جي اطمينان واري ڳالهه ڪري پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ مناسب نه آهي. جيئن ته پاڪستان، آمريڪا جو
    اتحادي آهي، ان ڪري آمريڪا کي پاڪستان جا مسئلا وڌائڻ بدران گهٽائڻ گهرجن.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: آمريڪا پاڪستان جي توانائي بحران جي حل ۾ رنڊڪون نه وجهي

    آمريڪا پوري طرح ناڪام ويو آهي ديشتگردي جي جنگ ۾ آمريڪا جو اصل ٽارگيٽ پاڪستان جو آئٽمي پلانٽ هيو پر پاڪستان جو آئٽمي پلانٽ مضبوط هٿن ۾ آهي
     
  3. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آمريڪا پاڪستان جي توانائي بحران جي حل ۾ رنڊڪون نه وجهي

    جي ادا توهان سچ چيو آهي
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آمريڪا پاڪستان جي توانائي بحران جي حل ۾ رنڊڪون نه وجهي

    هائو ادا اها ڳالهه به بوبر آهي
    پر ڪرتوت اسان جي ئي حڪمرانن جا آهن
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آمريڪا پاڪستان جي توانائي بحران جي حل ۾ رنڊڪون نه وجهي

    بلڪل ادا هاڻي ته هو ايران & پاڪستان ٻنهي لاء بگهڙ وارو وات کوليون ويٺو آهي
    خير سان جيڪب آباد ۾ مضبوطي پيو وٺيِ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو