جيلن ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ تي پردو وجهڻ لاءِ ٿيندڙ آپريشن

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سينٽرل جيل سکر ون ۾ 12 ڪلاڪن تائين هلندڙ سرچ آپريشن دوران منشيات، 400 موبائيل فون، 890 سم ۽ ٻيو غير قانوني سامان هٿ ڪيو ويو آهي، 140 قيدين کي مختلف بئرڪن مان ڪڍي سنڌ جي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. قيدين جي منتقليءَ کان اڳ انهن کي ڪپڙن کان آجو ڪري مٿن تشدد ڪرڻ جون خبرون به رپورٽ ٿيون آهن. آپريشن دوران سڄو ڏينهن بئرڪن ۽ کولين ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جي فراهمي بند رهي.

    سنڌ ۾ جيلن جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي. جيلن اندر بغاوتون معمول بڻجي ويون آهن ۽ جيل انتظاميا احتجاج ڪندڙ قيدين سان ڳالهيون ڪري، نوان واعدا ۽ وچن ڪري احتجاج ختم ڪرائي ٿي، پر جيل مينيوئل تي عمل نه ٿيڻ، قيدين سان غير انساني ورتاءُ سميت جن ناانصافين خلاف احتجاج ٿين ٿا، انهن ۾ ڪا به تبديلي نٿي اچي ۽ اهڙي طرح سنڌ جي جيلن ۾ احتجاجن ۽ بغاوتن جو سلسلو هلندڙ آهي. انتظاميا وقفي وقفي سان جيلن ۾ سرچ آپريشن به ڪندي رهي آهي، جيئن سينٽرل جيل سکر ون ۾ ڪيو ويو آهي ۽ قيدين کي هڪ جيل کان ٻئي جيل ۾ منتقل ڪندي رهي آهي، پر جيل انتظاميا جون اهي ڪوششون به جيل ۾ ٿيندڙ بغاوتن ۽ احتجاجن کي ختم ڪري نه سگهيون آهن.

    دراصل جيل ۾ ٿيندڙ بغاوتن ۽ خراب ٿيندڙ صورتحال جي انتظاميا پاڻ ئي ذميوار آهي، جيلن اندر جيل مينيوئل تي عمل نٿو ٿئي ۽ قيدين کي غير انساني حالتن ۾ رکيو وڃي ٿو. قيدين تي تشدد ڪيو وڃي ٿو، قيدين کان پئسا وٺي کين جيل اندر ئي هر آسائش فراهم ڪئي وڃي ٿي ۽ جيڪي بي پهچ ۽ غريب قيدي آهن، جيڪي جيل انتظاميا کي پئسا ڏيئي نٿا سگهن، انهن تي بي انتها تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ قيدي ان تشدد ۽ غير انساني سلوڪ خلاف سراپا احتجاج بڻجي وڃن ٿا. وري جيل اندر آپريشن دوران منشيات، موبائيل فون کان وٺي لاتعداد غير قانوني شيون هٿ ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهڙي آپريشن جي مزاحمت ڪندڙ قيدين کي ٻين جيلن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، آپريشن دوران جيڪي شيون مختلف جيلن مان هٿ اچن ٿيون، اهي اتي ڪيئن ٿيون پهچن؟ انهن ”غير قانوني“ شين تائين قيدين جي رسائي ڪيئن ٿي ممڪن ٿئي؟ ظاهر آهي ته اهي شيون جيل عملي ذريعي ئي اتي پهچن ٿيون. موبائيل فون قيدين جو جيل کان ٻاهر جي دنيا سان رابطي جو ذريعو آهي ۽ انهن موبائيل فونن وسيلي ئي جيل مان ڏوهه ڪندڙ گروهن کي هدايتون ملن ٿيون، موبائيل فون ذريعي اهي قيدي جيل ۾ هوندي به جيل کان ٻاهرين دنيا ۾ پنهنجي ڏوهاري ساٿين سان شامل رهن ٿا، ڏي وٺ، ڇڏ ڇوٽ ٿئي ٿي. آپريشن جي ضرورت قيدين خلاف ته محسوس ڪئي وڃي ٿي، پر آپريشن جي ان کان به وڌيڪ ضرورت ان جيل عملي خلاف آهي، جيڪو جيل ۾ اهڙيون ”غير قانوني“ شيون پهچائي ٿو. جيل انتظاميا هر آپريشن کانپوءِ ڪڏهن ڀلا اهو سوچڻ جي ضرورت محسوس ڪئي آهي ته اهي غير قانوني شيون جيل ۾ ڪير ٿو پهچائي؟ جيل انتظاميا اهو سڀ ڪجهه سوچي تڏهن، جڏهن ان کي ڪا خبر نه هجي. جڏهن جيل انتظاميا کي خبر آهي ۽ اها انهن ذميوارن خلاف قدم نٿي کڻي ته ان جو مطلب اهو آهي ته جيل انتظاميا قيدين کي اهڙين غير قانوني شين جي فراهميءَ ۾ پاڻ ملوث آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ان جي مرضي ۽ منشا مطابق ٿي رهيو آهي. جيل انتظاميا هر ڀيري پنهنجي ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ تي پردو وجهڻ ۽ ڌيان هٽائڻ لاءِ آپريشن ڪري ٿي. جيلن ۾ سڌارا آڻڻ جي دعويدار حڪمرانن قيدين کي جيل انتظاميا جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. جيلن ۾ انساني حقن جو نالو به نظر نه ايندو، جيلن جا جهان پناهه، جيلن جا ڪل مختيار بڻيل آهن ۽ حڪمرانن وري ڪڏهن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، ته جيلن ۾ ٿيندڙ بغاوتن ۽ احتجاجن جا سبب ڪهڙا آهن! قيدي به انسان آهن، انهن جي انساني حقن جو ڪڏهن خيال رکيو ويو آهي؟ جيلن جو ماحول اهڙو آهي، جتان ننڍا ڏوهاري به وڏا مجرم بڻجي نڪرن ٿا.

    سنڌ حڪومت جي اختيار ڌڻين کي گذارش آهي ته جيلن جي جهان ۾ انساني حقن جي پائمالي تشدد ۽ غير انساني سلوڪ جو نوٽيس ورتو وڃي، جيلن اندر منشيات، موبائيل فون توڙي ٻيون غير قانوني شيون پهچائڻ ۾ ملوث جيل عملي خلاف قدم کنيو وڃي. هڪ آپريشن ان عملي خلاف به ٿيڻ گهرجي، جيڪو ان ڪرت ۾ مشغول آهي.
    ڪاوش
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: جيلن ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ تي پردو وجهڻ لاءِ ٿيندڙ آپريشن

    هاڻ به پوليس وارن کي نئين رشوت ملندي وري جو قيدين کي منشيات موبائل فون جو ڏنا ويندا
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جيلن ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ تي پردو وجهڻ لاءِ ٿيندڙ آپريشن

    ادا هڪ هڪ قيدي جي وارثن کان 500 ، 500 رپيا ورتا ٿا وڃن
    غريب ماڻهو ڪيڏانهن وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو