ننڍي کنڊ جي امن جي کٽارا گاڏي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ پرڏيهي معاملن جي وزيرن جي سطح تي شروع ٿيل ڳالهيون، ڪنهن اڳڀرائي بنا ئي ختم ٿي ويون. گذريل ڪجهه مهينن کان جنهن نموني جون سرگرميون ڏسڻ لاءِ ملي رهيون هيون، ان مان اها اميد پيدا ٿي ويئي هئي ته، جلد ئي ننڍي کنڊ ۾ امن جو پکي پرڙا هڻندو، ان ڪري سڀني جون نگاهون قريشي-ڪرشنا ملاقات تي هيون، جنهن مان توڙي جو وڏي بريڪ ٿرو جي اميد ته ڪا نه هئي، پر اها اميد ضرور هئي ته اهي ڳالهيون امن جي راهه تي وکريل بي اعتماديءَ جا ڪنڊا ضرور ميڙينديون، پر اهي ڳالهيون به ماضيءَ جي ملاقاتن کان مختلف ثابت نه ٿيون. پاڪستان جي پرڏيهي معاملن جي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جڏهن به ٻنهي ملڪن وچ ۾ اڳڀرائي ٿيڻ لڳندي آهي، ته آخري گهڙين ۾ ڪجهه نه ڪجهه ٿي پوندو آهي. پاڪ-ڀارت ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي رهي هئي، آخري وقت تي رڪاوٽ ٿي، ڀارتي پرڏيهي وزير ايس ايم ڪرشنا نئين دهليءَ مان فون تي هدايتون وٺندو رهيو.

    ننڍي کنڊ جي امن جي کٽارا گاڏي اڳڀري ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. گذريل اڌ صديءَ کان اها چرپر ۾ ته آهي، سيڪريٽري سطح کان سربراهي سطح تائين مختلف وقتن تي ڳالهيون به ٿينديون رهيون آهن، اعتماد جي بحاليءَ لاءِ وفدن جي آوت جاوت به جاري آهي، پر ان جي باوجود به امن جي اها کٽارا گاڏي ٻه وکون اڳتي ته پنج وکون پوئتي ٿيندي رهي آهي. هن ڀيري اڳڀرائيءَ جي اميد ان ڪري به وڌيڪ هئي ته خطي جي خراب حالتن، دهشتگردي ۽ عالمي قوتن جي وڌندڙ دلچسپيءَ سبب ٻئي ملڪ سخت ڏکيائين ۾ آهن ۽ انهن ڏکيائين کي خطي ۾ امن جي قيام سان ئي سهل ڪري سگهجي ٿو، پر هن ڀيري به مايوسي پلئه پئي.

    پاڪستان ۾ جتي ڌنار، لتا منگيشڪر جا گيت جهونگارين ٿا، اتي ڀارت ۾ هر محفل ۾ عابده پروين جو آواز وجد، ڪيف ۽ مستيءَ جي پالوٽ ڪري ٿو. ادب هجي، يا موسيقي انهن تي ته سرحدن جو ليڪو نڪتل نه رهيو آهي، ته پوءِ اهي ڪهڙيون قوتون آهن، ننڍي کنڊ جو امن جن جي اکين جو ڪنڊو بڻيل آهي؟ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي، حالتون بهتريءَ ڏانهن وڃڻ لڳيون هيون ته ممبئي بم ڌماڪن سبب معاملن ۾ ڇڪتاڻ اچي ويئي. يقينن اهڙيون قوتون ضرور آهن، جن کي ننڍي کنڊ جو امن نٿو آئڙي. ٻئي ملڪ چار جنگيون وڙهي چڪا آهن، وسيلا عوام جي ترقيءَ بجاءِ جنگي تيارين تي خرچ ٿيندا رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن هجي، بي اعتمادي جي فضا موجود نه هجي ته، اهي وسيلا يقينن ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ تي خرچ ٿين. هن وقت ٻئي ملڪ جيڪڏهن واپار کي وڌائين، ته انهن کي پنهنجي پراڊڪٽس لاءِ گهڻن ٻاهرين ملڪن ۾ منڊيون ڳولڻ جي ضرورت ئي نه پوندي.

    امن ننڍي کنڊ جي اهم ضرورت آهي، ان ضرورت جي اهميت کي محسوس ڪندي ٻنهي ملڪن کي سنجيدگيءَ سان قدم کڻڻا پوندا. انائن جون لڪيرون ڇڪي معاملن کي مصالحت کان پري ڪرڻ بدران خلوص سان اڳتي وڌڻو پوندو، صرف ۽ صرف ان ئي صورت ۾ امن جي پکيءَ جي اڏار ننڍي کنڊ ۾ پسي سگهبي.
    ڪاوش
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ننڍي کنڊ جي امن جي کٽارا گاڏي

    پهريون مسئلو ڪشمير آهي
    پر جيلن مان قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ننڍي کنڊ جي امن جي کٽارا گاڏي

    جي ادا ڪشمير کان علاوه به ٻيا ڪافي مسئلا آهن
    انڊيا سنڌوءَ تي وڏا ڊيم ٿو اڏي وڏو مسئلو ته اهيو آهي ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو