• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماني جي وقت پاڻيءَ جي اهميت۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
حضرت رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جي آل اولاد مان هونئن ته سڀ شخصيتون اعلى آهن پر امام رضا عليه السلام جي طب جي ميدان ۾‌ ڳالهين دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو، سندن فرمان اهڙا آهن، جيڪڏهن انهن تي عمل ڪجي ته صحت جي معاملن تي ڪنٽرول ڪري سٺي زندگي گذاري سگهجي ٿي۔۔۔ منهنجون ڪوششون هونديون ته سندن بهترين فرمان اوهان سان ونڊ ڪندو رهان
اڄ انهيءَ سلسلي جي پهرين ڪڙي اوهان جي خدمت ۾
مانيءَ جي وقت پاڻي جي اهميت
مانيءَ کان جيڪڏهن پهرين پاڻي پيجي ته ان جي اهميت اوهان جي صحت لاءِ سون جي برابر آهي،‌ (يعني تمام گهڻو فائديمند) جيڪڏهن مانيءَ‌جي دوران پاڻي پيئندو ته اهو توهان لاءِ‌ چاندي آهي، (يعني صحت لاءِ اهو به بهتر آهي ) ۽ جيڪڏهن اوهان مانيءَ جي پوري ڪرڻ کان بعد پاڻي پيو ٿا ته اهو توهان جي لاءِ مٽي جي برابر آهي۔ (يعني ان سان ڪوبه فائدو ناهي رهندو نقصان آهي)
 
جواب: ماني جي وقت پاڻيءَ جي اهميت۔۔

ماني کان پهريان پاڻي پيئڻ (شفا)
ماني جي دوران (وچ ۾) پاڻي پيئڻ (دوا)
ماني کان پو (مٿان) پاڻي پيئڻ (وبا)

تمام پيارو ونڊ ڪريو اٿو۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ماني جي وقت پاڻيءَ جي اهميت۔۔

ماني کان پهريان پاڻي پيئڻ (شفا)
ماني جي دوران (وچ ۾) پاڻي پيئڻ (دوا)
ماني کان پو (مٿان) پاڻي پيئڻ (وبا)

تمام پيارو ونڊ ڪريو اٿو۔۔۔۔۔۔۔

ايتري پياري حديث کي ايتري سهڻي لفظن ۾‌ ورائي پيش ڪرڻ جي مهرباني، ڏاڍي ڀلي ڳالهه آهي۔۔
 
جواب: ماني جي وقت پاڻيءَ جي اهميت۔۔

ماني کان پهريان پاڻي پيئڻ (شفا)
ماني جي دوران (وچ ۾) پاڻي پيئڻ (دوا)
ماني کان پو (مٿان) پاڻي پيئڻ (وبا)

تمام پيارو ونڊ ڪريو اٿو۔۔۔۔۔۔۔

ادا زاهد ڊگهي ڳالهه کي ٿوري لفظن ۾ بيان ڪرڻ جا ته توهان هونئن ئي ماهر آهيو، پر هتي توهان ڪمال ڪري ڇڏيو آهي۔
 
جواب: ماني جي وقت پاڻيءَ جي اهميت۔۔

ادا اسان ڪٿي به هجئون ڪيئن به هجئون، شآم جو توهان کي اوطاق تي ضرور ملندا سين،
اڄڪلهه پيا اسلام آباد جا سير ڪريون۔ ۽ توهان

سائين آءُ اڄ ڪلهه والد صاحب جي خدمت ۾ آهيان 4 سالن کان بعد مڪي پاڪ کان هت گهمڻ آيا آهن
 
جواب: ماني جي وقت پاڻيءَ جي اهميت۔۔

سائين آءُ اڄ ڪلهه والد صاحب جي خدمت ۾ آهيان 4 سالن کان بعد مڪي پاڪ کان هت گهمڻ آيا آهن

بابا سائين کي اسان پاران سلام ۽ سنڌ اچڻ تي ڀليڪار چوندا ۔۔۔ سنڌ سلامت کي اهو شرف حاصل آهي ته ادي طاهر جو والد صاحب به ۽ سندس ڏاهو پٽ به دوستن جي فهرست ۾ آهن ۔۔۔ ۽ سندن لکڻيون ۽ ونڊ ڪيل ڳالهيون اسان لئه بيش بها آهن ۔۔۔ لک ٿورا دوست طاهر

ماني کائڻ وقت پاڻي پيئڻ واري اها طبي صلاح اسانجي امام رضا رضي الله تعالا عنهه جي انتهائي ڪارائتي آهي ۽ ان ساڳي ڳالهه کي هاڻ جديد طبي سائنس جا ماهر پڻ قبول ڪري، پيٽ جي مريضن کي مٿيون هدايتون ڏئي رهيا آهن۔

اوهان دوستن جا لک ٿورا ۔۔۔ دوستو پنهنجي صحت جو خيال ڪيو ۔۔۔ صحت الله تعالا پاران نعمت آهي ۽ ڪافران نعمت پنهنجي جا تي هڪ وڏو گناهه آهي ۔۔۔ رب العالمين اسانکي سڌي راه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: ماني جي وقت پاڻيءَ جي اهميت۔۔

بابا سائين کي اسان پاران سلام ۽ سنڌ اچڻ تي ڀليڪار چوندا ۔۔۔ سنڌ سلامت کي اهو شرف حاصل آهي ته ادي طاهر جو والد صاحب به ۽ سندس ڏاهو پٽ به دوستن جي فهرست ۾ آهن ۔۔۔ ۽ سندن لکڻيون ۽ ونڊ ڪيل ڳالهيون اسان لئه بيش بها آهن ۔۔۔ لک ٿورا دوست طاهر
سائين والد صاحب جن تائين اوهان جا السلام پهچايم
انهن به اوهان لاءِ کوڙ ساريون دعائون & السلام ڏنا آهن قبول پون
اوهان جي مڪي پاڪ ۾ ملاقات جو به سائين جن ذڪر ڪيو
سدائين گڏ
 
Back
Top