الطاف حسين جوکيو استاد سنڌي شعبو گورنمنٽ ڊگري ڪاليج محراب پور. اڙين جو آڌار مصطفى صلي الله عليه وسلم ڪتاب تي هڪ نظر ڪتاب ”اڙين جو آڌار مصطفى صلي الله عليه وسلم “اسان مڙني جي آڏو گذريو آهي، جنـﮨـن جي لکڻ تي گوشه نشين تخليقڪار، محمد ياسين ’شوق‘ خانواهڻيءَ تازو مرڪزي حڪومت پاران ’ستاره امتياز‘ حاصل ڪيو آهي. جنـﮨـن لاءِ اسين کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. دل جي گـﮨرائين سان اسان کيس مبارڪباد پيش ڪيون ٿا ۽ کانئس، پنـﮨـنجي لاءِ دعائن جا طلبگار آهيون. ساهتي پرڳڻي جي هن ڪُهنه مشق شاعر جي زندگي ظاهري ته ٺاٺ باٺ ۾ گذري، ليڪن هن جي اندر ۾ پنـﮨـان فقيريءَ جي انگ کي اڄ تائين عامَ نه ڄاتو ويو آهي. ههڙي ڪاري دؤر ۾ سٺا شاعر پيدا ٿيڻ، سٺا اديب پيدا ٿيڻ، سٺا عالم يا مقرّر پيدا ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪانـﮨـي؛ ليڪن سٺن ماڻهن جو پيدا ٿيڻ هڪ وڏو الميو ٿي ويو آهي. عام ماڻهون اخلاقي طور تي ايڏو ته ڪري پيو آهي يا بد اخلاقي يا عيبداري ايڏي ته عام ٿي وئي آهي، جو هاڻي اها ڳالهه عيب ڪانه ٿي لڳي. اهڙي ماحول ۾ شوق خانواهڻيءَ جـﮨـڙا ماڻهون گوشه نشيني اختيار ڪندا آهن؛ ڇاڪاڻ ته هن دنيا جو کليل ۽ ڇڙواڳ ماحول اهڙن ماڻهن لاءِ ٻوسٽ جو سبب بڻبو آهي. گوشه نشين ماڻهو اڪيلائيءَ ۾ ويهي ڪنـﮨـن نه ڪنـﮨـن فڪر ۾ ضرور رڌل رهندو آهي ۽ ظاهر آهي ته اها هن جي مجبوري به هوندي آهي؛ ٻي صورت ۾ دنيا جو ڇڙيل ۽ ڇڙواڳ ماحول هن جي سامهون هوندو آهي. گوشه نشينيءَ مان مراد اها ناهي ته ماڻهو حق سچ کان منـﮨـن موڙي هٿ هٿ تي رکي وهڻ وارو ٿي وڃي، بلڪه هو ڏتڙيل ۽ مسڪين ماڻهن جي بـﮨـتريءَ ۽ ڀلائيءَ لاءِ ڪي ويچار ولوڙيندو آهي، ڪن راه رستن جي تعيّن جو اونو رکندو آهي. شوق صاحب جي فڪري شاعري ته ڪافي ٿيل آهي، ليڪن محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جن جي حمد و ثنا تي رچيل هي ڪتاب ’اڙين جو آڌار‘ هڪ نرالي عشق تي مبني شاعري آهي؛ جنـﮨـن لاءِ کيس خراج تحسين پيش ڪجي ٿو. پاڪ محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جي هستي به هڪ عجيب هستي هئي، ظاهري غريب، مسڪين، يتيم، بکن ۾ پاه ٿيل، ليڪن اخلاقي طور تي ايڏو عظيم جو پرپٺ مشرڪ به ان جي ڪنـﮨـن ڳالهه بات ۾ شڪ نه ڀائيندا هئا. سندن زندگي اسان جي لاءِ مشعل راه آهي، جنـﮨـن کي اهي ئي اپنائيندا آهن جيڪي پڻ غريب، مسڪين، يتيم ۽ ڏتڙيل هوندا آهن ۽ ڏتڙيلن جو اونو رکندا آهن. عجب آهي ان اهڙي يتيم ۽ مسڪين جي زندگيءَ جي فلسفي جو، جنـﮨـن کي الله سائين نج پنـﮨـنجي پاران هڪ سياسي نظام قائم ڪرڻ لاءِ چونڊيو ۽ آخري ڪري چونڊيو. افسوس آهي اسان کي پنـﮨـنجي حال تي جو اسين ان سياسي نظام کي سمجھي نه سگھيا آهيون، ان جي زندگيءَ جي فلسفي کي سمجھي نه سگھيا آهيون. ياد رهي ته رسول الله صلي الله عليه وسلم سان عشق ڪرڻ مان مراد ان جي زندگيءَ جي فلسفي کي سمجھڻ ۽ ان جي ڏسيل راهن تي عمل پيرا ٿيڻ آهي. اڄڪلهه سياست جي معنى ۽ مفهوم ڪجھ ٻيو ورتو وڃي ٿو. ذاتي مفادن کي ڪنـﮨـن به قيمت تي حاصل ڪرڻ کي اسان سياست سمجھيون ويٺا آهيون ۽ اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن جي پٺڀرائيءَ کي اسين سياست سمجھيون ويٺا آهيون! موجوده سياسي ماڻهن جي ذريعي ڪيترو قومي نقصان ٿئي ٿو، ڪيترو معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿئي ٿو، اخلاقي طور تي معاشرو ڪيترو تباه ٿئي ٿو؛ اسان کي ان جو احساس ئي نه ٿو ٿئي! اسان جي ذهنن تي تالا صرف ۽ صرف رسول صلي الله عليه وسلم جن جي فڪر ۽ زندگيءَ کي نه سمجھڻ آهي؛ ظاهري اسان ماڻهون ڪيتريون به دعوائون ڪريون، ليڪن اسان کي اهو مڃڻو پوندو ته اسان جي دلين ۾ عشق رسول نعري جي حد تائين آهي، پنـﮨـنجي ذاتي چڱائي حاصل ڪرڻ لاءِ درود شريف جي ذڪر تائين ضرور آهي. ليڪن هڪ بگڙجندڙ معاشري ۾ چڱايون پيدا ڪرڻ لاءِ ان عظيم هستيءَ جي پوئواريءَ وارو پاسو اسان ماڻهن کان وانجھيل آهي. اسان جي سوچ جي تورڻ جو اهو به ميزان آهي ته جيڪڏهن اڄ اسان جي سامهون اخلاقي طور تي اعلى گڻن جو اهو هڏ ڏوکي ماڻهون، جيڪو غريب هجي، مسڪين هجي، يتيم هجي، بکن جو ماريل هجي ۽ اسان کان سياسي حمايت طلب ڪري، سوچيو ته ان ماڻهوءَ کي گھڻا ماڻهون حمايت جو ووٽ ڪندا؟ اها اسان جي سوچ ۽ فڪر، رڍن ٻڪرين وانگر ان ٽه- واٽي تي بيٺل آهي، جتي ڪنـﮨـن بگھڙ جي خوف کان لاٺڙئي ڌنار جي پويان، پنـﮨـنجي جسماني بچاءَ لاءِ، اشارن جا منتظر هوندا آهيون. اهڙي حالت ٻڌائيندي آهي ته اسان هڪ اهڙي نظام جا پيروڪار آهيون، جيڪو رسول صلي الله عليه وسلم جي هلايل هلچل جي نفي ڪندڙ آهي؛ پر پوءِ به اسان جي سوچ تي تالا ۽ مـﮨـرون ايتريقدر ته لڳل آهن جو ان کي اسان به عشق رسول جي نالي واري ڪنـﮨـن نه ڪنـﮨـن ڪنڊ ۾ ڦاسائڻ لاءِ ذهني طور تي تاويلون ڪيون ويٺا هوندا آهيون. جڏهن اسان ذهني طور تي سڌري نه سگھيا آهيون، جڏهن اخلاقي طور تي رسول صلي الله عليه وسلم ۽ ابولـﮨـب يا ابوجـﮨـل جـﮨـڙن ماڻهن جي فڪري ويڇي کي سمجھي نه سگھيا آهيون ۽ درست رخ جو انتخاب ڪري هلڻ ئي شروع ڪونه ڪيو آهي ته پوءِ يقيناً اسان واري حالت ’منـﮨـن ۾ موسى جـﮨـڙو اندر ۾ ابليس‘ واري حالت آهي. جيڪي ماڻهون زماني جي ظاهري اڊمبر ۽ ڪوڙي شان جي پويان ڀڄندا آهن، يقين ڄاڻو ته انـﮨـن جي زندگي رسول صلي الله عليه وسلم جن جي فڪر جي نفي ڪندڙ آهي، توڻي جو ظاهري اسان وٽ معتبر ۽ متقيءَ جي ڏِک ڏيندا آهن؛ اسان ماڻهون انـﮨـن جو بگھڙ وارو اصل روپ به سڃاڻي نه سگھيا آهيون. اها سڄي ويچارگي اسان ماڻهن جي سوچ جي آهي جن تي تالا ۽ مـﮨـرون هنيون ويون آهن. ظاهر آهي اهڙي بگڙيل معاشري جا اهم ڪارڻ اسان جو عالم ۽ استاد طبقو آهي، جيڪو پڻ ساڳي ماحول جي پيداوار آهي. اهڙي گند ڀرئي ماحول ۾ ڪي مڙس مٿير به هوندا آهن جيڪي نه رڳو لفاظي لٻاڙ هڻندا آهن پر عملاً انـﮨـن جي زندگي صاف سٿري هوندي آهي. اهڙا ماڻهون ادبي فڪر رکي ڪنـﮨـن نه ڪنـﮨـن صنف ذريعي شعور جي ڦـﮨـلاءَ لاءِ ڪوشان رهندا آهن، هڪ صاف سٿرو ادبي حلقو پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، باريڪ احساسن جي ورکا ڪندا آهن، اعلى اخلاقي قدرن جي آبياري ڪندا آهن. بدقسمتي سان، ان ادبي حلقي ۾ به ڪي ظاهري شان حاصل ڪرڻ وارا لاٺڙيا ادب دوست نروار ٿيندا آهن، جيڪي صرف پنـﮨـنجي ڪوڙي شان حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ عام ماڻهونءَ تي رعب تاب حاصل ڪرڻ واري مقصد کي آڏو رکي سرگردان هوندا آهن؛ اصل ۾ اهي ان ساڳئي ماحول جا پليل نپيل هوندا آهن جن جي اندر ۾ ابليس هوندو آهي. اها سڄي ويچارگي اسان جي بگڙيل ماحول جي آهي، جنـﮨـن ۾ بي قدريءَ ۽ بي حيائيءَ کي شرافت، حرام کي حلال، ڏاڍائي ۽ ڏاڍ مڙسيءَ کي غيرت ۽ مسڪينن غريبن جي حقن جي لتاڙ کي ذاتي حق سمجھندا آهن. اهڙي ٻوساٽيل ماحول ۾ ڪي اهڙا فقير منش ماڻهون به هوندا آهن جيڪي عام جي نظر ۾ چريا کريا سڏبا ۽ سمجھيا ويندا آهن، جن مان شوق خانواهڻي به هڪ آهي. اهڙو اظهار پاڻ هنن لفظن ۾ پڻ ڪيو اٿئين: ها گداگر محـــمد صلي الله عليه وسلم جو مان آهيان، ٿـــو پــنڻ لــئه مديني وڃــــڻ چاهـــيان. پيا ڀلي عاشقن کي چريو ئي سڏيو، مــــان مگر اي زمــــانه چريو ناهـــيان. چريو هجڻ ۽ سڏجڻ ۾ فرق آهي، خود رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن کي به اهڙن القابن سان سڏيو ويو، پر جيڪي ماڻهون حق جي اطاعت ۾ گذاريندا آهن ۽ هڪڙي مقصد تحت پنـﮨـنجي زندگيءَ کي وقف ڪري ڇڏيندا آهن، انـﮨـن کي انـﮨـن القابن جي پرواه به نه هوندي آهي، ڇو ته عشق جا ماڻهون اهڙين ملامتن تي ڪن ئي نه ڌريندا آهن. جيڪي ماڻهون پنـﮨـنجي زندگي رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي ڏسيل راهن تي هلڻ لاءِ هڪ مقصد کي سونپي ڇڏيندا آهن، پوءِ يقيناً انـﮨـن ماڻهن لاءِ ’لاخوف عليهم ولا هم يحزنون‘ جي بشارت ڏني وئي آهي، شوق صاحب به اهڙو اظهار پنـﮨـنجي نعتيه ڪلام ۾ هيٺئين انداز سان ڪيو آهي: شوقَ حشر ڏهاڙي کان نه ايڏو ڏر تون، خوف دل ۾ قبر جو نه ايڏو ڪر تون، هر ننڍي وڏي سرَ جو سهارو آ نبي، ڄاڻي مولا ٿو ته ڪيڏو مون کي پيارو آ نبي، امان ابي کان به وڌ ٻاجھ وارو آ نبي. هن شخص کان جيڪي پڄي سگھيو آهي، نه رڳو پنـﮨـنجي عشق کي پاڻ تائين محدود رکيو اٿس، ليڪن ان عشق کي عام تائين رسائڻ جي ڪوشش پڻ ورتي اٿس. اهڙا ماڻهون ادبي لڏي جا يا ادب دوست سڏبا آهن، ٻي صورت ۾ اسان وٽ اديبن، شاعرن ۽ مدبّرن جي کوٽ ڪانـﮨـي. شوق صاحب جيڪو سنـﮨـو ڪتيو آهي، سو سراسر عشق تي ٻڌل آهي، تنـﮨـنڪري ان کي ڪنـﮨـن بحر وزن يا لئي ۾ تورڻ يا ٻوليءَ جي ڪڙي ۾ جاچڻ ڪا معنى نه ٿو رکي؛ ڇو ته اصل ڳالهه فڪر جي آهي، شاعري ته صرف هڪ ذريعو آهي، فن آهي، ڪنـﮨـن فڪر کي عام تائين رسائڻ جو! ان حوالي سان آئون شوق صاحب جي شاعريءَ جي گھاڙيٽن، قافين رديفن يا ٻوليءَ جي درست استعمال تي ڪجھ به نه چوندس ۽ نه وري مون اهڙي ڪوشش ورتي آهي. شخصي طور تي آئون شوق صاحب کي عاشق رسول جي لَڏي جو عملي ماڻهون سمجھندو آهيان، جنـﮨـن سبب ٻين ساهتيءَ جي شاعرن يا اديبن جي ڀيٽ ۾ شوق صاحب يا ناطق صاحب جـﮨـڙن فقير منش ماڻهن جي دلي عزت ڪندو آهيان. ان کان علاوه هالاڻيءَ مان قاضي فيض محمد، محراب پور مان ڪامريڊ محمد هاشم گھانگھرو جـﮨـڙيون شخصيتون هنئين سان هنڊائيندو آهيان. طبيعتاً، سخت زندگي گذارڻ سبب منـﮨـنجي لفظن ۾ به ڪجھ سختي هوندي آهي، ان حوالي سان دلي اطمينان به رکندڙ آهيان. ان خيال کان هتي ويٺل دوستن احبابن ۽ منـﮨـنجي ڪچين پڪين ڳالهين کي دل ۾ ڪندڙ ماڻهن کان معذرت جو پڻ طلبگار آهيان. آخر ۾ هن منعقد ڪيل پر وقار تقريب جي دعوت ڏيڻ تي واجب العزت غلام رسول ناطق صاحب جن جو ٿورائتو آهيان، جن مون عام ماڻهوءَ کي ٻن لفظن پيش ڪرڻ جو شرف عطا ڪيو. هن خراج تحسين وارن لفظن جو اختتام شوق صاحب جي هنن مصرعن سان ڪندس: ڇــــڏي ڏيندو هــــميشہ لئه هو ماکي کير ۽ مصري، پئڻ لئه جي ملي ويو ڪنـﮨـن کي پيمانو محمدؐ جو. وڃي قدمن تان گھوريندس حبيب ڪبريا جي مان، ذهـــــن، دل، جــان منـﮨـنجي آهي نـــذرانو محمدؐ جو.
جواب: اڙين جو آڌار مصطفى صلي الله عيله وسلم ڪتاب تي هڪ نظر ادا ڪاشف احمد توهان جي مهرباني جو سائين الطاف جوکيو صاحب جي مقالي ڪتاب اڙين جو آڌار مصطفى صلي الله عليه وسلم تي نهايت ئي شاندار ونڊ کڻي آيا۔