سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن (Aspirated) جي حقيقت

'مقالا' فورم ۾ Kashif ahmed طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2010۔

  1. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الطاف حسين جوکيو
    استاد سنڌي شعبو
    گورنمنٽ ڊگري ڪاليج محراب پور
    Cell: 0301-3427500
    سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن (Aspirated) جي حقيقت

    ۱۸۵۳ع ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪا رسم الخط جوڙي وئي، تنهن جو گھڻو مدار ابوالحسن ٺٽويءَ جي جوڙيل آئيويٽا ۽ پراڻن ڪاتبن جي جوڙيل اکرن تي هيو. موجوده عربي – سنڌي آئيويٽا جنهن کي ايلس جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سا دراصل هڪ- اڌ اکر (خاص طور ’ٺ‘) جي سڌاري سان مشن هائوس جي هارون لوهار جي ترتيبيل آهي؛ هن آئيويٽا ۾ وسرڳن (ٿ، ڀ، ک، گھه، جھه، ڇ، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ ) جو ڪل تعداد ڏهه (۱۰) آهي.
    جولاءِ ۱۸۵۳ع ۾ ’ايلس واري ڪميٽيءَ‘ طرفان مقرر ڪيل آئيويٽا ۾ چند اکرن جي شڪل جي ردوبدل بعد موجوده جيڪا مذڪوره ’ايلس واري پٽي‘ ڪوٺي وئي؛ سا ۱۸۵۴ع ۾ پهريون دفعو مشن هائوس جي ڪنهن هارون لوهار جي طرفان چارٽ ذريعي عام ڪئي وئي هئي. جنهن سبب موجوده آئيويٽا کي ايلس به پنهنجي رپورٽ ۾ ان کي سڌاريل سنواريل (revised) ڪوٺيو، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش صاحب غلط فهميءَ سبب ان کي اڳين عالمن جي ترتيب ڏنل ڄاڻائي ايلس واري پٽيءَ کي سڌاريل سنواريل ڄاڻائي ايلس جي رپورٽ وارن لفظن کي حوالي طور ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان تحقيق موجب خيال ڏيکارينْدي لکي ٿو ته: ”هن کانْ اڳ اڪثر ائينْ پئي سمجھيو ويو آهي ته موجوده سنڌي الف- بي نئينْ سر ٺاهي ڪانه ويئي پر اڳ هلندڙ الف- بي تي نظر ثاني ڪري ان کي ڪن ترميمن ۽ اضافن سانْ رائج ڪيو ويو … ڪمشنر فريئر اهڙيءَ طرح ترتيب ڏنل الف- بي کي ’نئينْ سر ايجاد ڪيل‘ الف- بي بدران صحيح طور تي ’نظر ثاني ڪيل‘ الف- بي (the alphabet revised) سڏيو آهي.“ (۱)
    ان آئيويٽا کي سرڪاري طور درسي توڙي انتظامي ادارن ۾ عام ڪيو ويو. چند عالم ان ترتيبيل آئيويٽا کان سـهمت نه ٿيندي پنهنجي رنگ ڍنگ جون آئيويٽائون جوڙيون. ۱۸۵۸ﻉ کان اڳ خليفي گل محمد گل ۵۵ اکرن تي مشتمل هڪ آئيويٽا جوڙي، جيڪا هن پنهنجي ڪتاب ’ديوان گل‘ ۾ ڪم آندي. هن ۾ وسرڳن جو تعداد ڪل تيرهن (۱۳) ڄاڻايل آهي، جن ۾ هاڻوڪي آئيويٽا جي نسبت ٽي (۳) وسرڳ (ڙـهه، نهه، لهه) وڌيڪ ڄاڻايل آهن، جڏهن ته عام استعمال ٿيندڙ ’مهه ۽ ڻهه‘ڄاڻائي ڪونه سگھيو. (۲)
    ان بعد ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ۱۸۵۴ع بعد پنهنجي عربي – سنڌي آئيويٽا ترتيب ڏني. جيڪا هن پوءِ ۱۸۶۶ﻉ ۾ لپسيا جرمنيءَ مان ’شاهه جو رسالو‘ جي ڇپائيءَ ۾ ڪم آندي. وسرڳن جي اکر/ شڪل لاءِ هن مستشرق عالم گھڻو تڻو ان وقت جي رائج هندستاني (اردو دکني) رسم الخط، مخدوم ابوالحسن ۽ خليفي گل جي بيهاريل آئيويٽا جي پوئواري ڪندي هر وسرڳي اکر ۾ جنسي ’ـهه‘ جو اضافو ڪيو. جيئن: ’بهه = ڀ، تهه = ٿ، ٿهه = ٺ، چهه = ڇ، د ـهه = ڌ، ڐ ـهه = ڍ، پهه = ڦ، کهه = ک‘.جنهنجو مقصد برصغير ۾ ساڳين اکرن جي صورت ڪم آڻڻ هو؛ پر جيئن ته اهي اکر سنڌي ٻوليءَ جي مجاز مطابق نه هجڻ ۽ لفظن ۾ مونجھارا پيدا ٿيڻ جي امڪان سبب ان وقت جي اختياريءَ وارن پاران ڊاڪٽر ٽرمپ جي آئيويٽا کي تقويت ڪانه ملي. (۳)
    ان بعد ۱۹۲۰ﻉ ڌاري مرزا قليچ بيگ مرحوم پڻ ايلس واري پٽيِءَ /آئيويٽا جي ورڇ ۽ ترتيب تي تنقيد ڪندي ديوناگري طرز تي مخرج موجب پنهنجي ترتيب بيهاري. تنهن ۾ پڻ مرزا صاحب وسرڳن جي صورتخطيءَ بابت موجوده عربي –سنڌي رسم الخط تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته: ”اردو ٻوليءَ ۾ به عربي رسم الخط ڪم آيل آهي مگر انهيءَ ۾ وري به ڪو اصول ڪم آيل آهي. جن اکرن ۾ ’هي‘ جو آواز لڪل آهي، تنهن جي پٺيان ’ـهه‘ جو اکر لکندا آهن؛ پر سنڌي الف_ بي ۾ ڪن اکرن ۾ ’هه‘ وڌي اٿن، ڪن ۾ نه! تنهن ڪري چئبو ته ٺهرايل الف_ بي عيبدار آهي. مثلاً سنڌي اکرن مان هيٺيان ’هي‘ سان گڏيل آهن، جي لکڻ به ’هي‘ سان گھرجن؛ يا ته وري هر هڪ لاءِ ڌار صورت ٺهرائڻ کپندي هئي. ’هي‘ سان گڏ لکيل اکر فقط هي آهن: ’گھ‘، ’جھ‘. انهن وانگي ’ڀ‘_ ’بهه‘ هئڻ گھرجي، ’ٿ‘ _ ’تهه‘ هئڻ گھرجي. ’ٺ‘ _ ’ٽهه‘، ’ڦ‘ _ ’پهه‘، ’ڇ‘ _ ’چهه‘، ’ڌ‘ _ ’دهه‘، ’ڍ‘ _ ’ڊهه‘ ۽ ’ڪ‘ _ ’ڪهه‘. جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن، جن ۾ ’هي‘ آواز سان گڏيل اکر آهن. جي ’هي‘ سان لکڻ ۾ ٿا اچن. تڏهن الف _ بي ۾ ائين ڪرڻ گھربو هو. جيئن: ’ڪالهه‘، ’ڳالهه‘، ’ملهه‘ وغيره. جن ۾ لام سان گڏ ’هي‘ جو آواز آهي. ’مڙهه‘، ’ڪڙهه‘، ’وڙهڻ‘ وغيره جن ۾ ’ڙي‘ سان گڏ ’هه‘ جو آواز ٿو اچي. ’سنهون‘، ’اونهون‘، ’ٻانهون‘ وغيره، جن ۾ نون سان گڏ ’هي‘ جو آواز ٿو اچي. (۴)
    ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پڻ مرزا قليچ بيگ جيان مخرجي ترتيب بيهاريندي هيٺين راءِ ڏني ته: ”پروفيسر علي نواز جتوئيءَ ’علم لسان ۽ سنڌي زبان‘ ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا ’سنڌي صوتيات‘ ۾/ مهه، نهه، ڙهه، لهه، ڻهه/ کي وينجن صوتين جي چارٽ ۾ ڏيکاريو آهي. اهي حقيقت ۾ ٻن صوتين جو ميل (Conjunct Consonants) آهن.“ (۵)
    ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو خيال آهي ته / مهه، نهه، ڙهه، لهه، ڻهه/ مفرد صوتيه نه بلڪه مرڪب صوتيه يعني ٻن صوتين جو ميل آهي. حالانڪ انهن اهڙن وسرڳ صوتين جو تصور هندي زبانن ۾ پڻ آهي، انکان علاوه اها ڳالهه بين الاقوامي طور تي پڻ طئي شده آهي ته اهي مرڪب نه پر مفرد صوتيه آهن. اهڙو اظهار ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي مقالي ” ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائيءَ “ ۾ ڪري ٿو ته ” علم لسان جي قديم ماهرن جو خيال هو ته هائيه اصوات ۽ علامات مثلاً : ک، گھ وغيره حقيقت ۾ مرڪب ۽ مخلوط آواز آهن، پر ويجھڙائيءَ واري دور ۾ ڪن لسانيات جي ماهرن جو خيال آهي ته انهن ۾ ”هه“ اهڙيءَ طرح ملي وڃي ٿي جو سڄو آواز هڪ ئي شڪل۽ جھٽڪي ۾ ادا ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري هي مفرد آواز آهن ۽ لسانياتي اعتبار کان انهن کي هڪ مستقل صوتيه جي حيثيت حاصل آهي. انهيءَ مسئلي کي پهريائين صوتياتي علمن جي ٻي بين الاقوامي ڪانفرنس منعقده لنڊن ۱۹٢۵ﻉ ۾ انهيءَ نموني پيش ڪيو ويو. ان کان پوءِ ڪيترن ئي عالمن انجي فائدي ۾ وقت بوقت پئي لکيو آهي. هينئر جديد علم لسان جي نقطهء نظر کان ٿ، ڀ، ک، گھ، جھ، ڦ، ٺ، ڌ، ڍ، مهه، نهه، لهه، ڻهه، ڙﮫ مفرد وسرڳ وينجن آهن. ت، ب، ڪ، گ، ج، پ، ٽ، د، ڊ، م، ن، ل، ڻ ۽ ڙ انهن آوازن جا اوسرڳ آهن.“( هن حوالي ۾ ميمڻ صاحب ”ڇ“ وسرڳ ڄاڻائي نه سگھيوآهي، جنهن جو ”چ“ اوسرڳ آهي.) (۶)
    اسان جي گل مرحوم جيڪا آئيويٽا تيار ڪئي آهي، ان مان معلوم ٿيندو ته: ڀ، ٿ، جھ، ڌ، ک ۽ گھ وغيرهه کانسواءِ ڙهه، لهه، مهه، ڻهه، ۽ نهه لاءِ به جدا حرف مقرر ڪيا آهن. ان مان ظاهر آهي ته هن صوتي نقطهء نظر کان ”هائيه اصوات“ يعني وسرڳ وينجن کي مفرد آواز مڃيو ٿي.“ (۷)
    ۱۸۵۳ع واري ترتيب کي اکر جي ٽٻڪن ۽ هم شڪليءَ واري ۱۹۳۵ع واري ترتيب سان مٽايو ويو، ان بعد ۱۹۶۰ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ’جامع لغات سنڌي‘ جي پهرين جلد ذريعي ۱۸۵۳ع واري ترتيب ۾ صرف هڪ اکر ’ڦ‘ کي ’ف‘ جي هم شڪليءَ جو سبب ڄاڻائيندي نئين ترتيب ڏني جيڪا اڄ سوڌو مروج آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب اهڙي ڦير گھير بابت تنقيدي راءِ رکندي لکي ٿو ته: ”هن پٽيءَ ۾ ”ڦ“ کي ”ف“ جي پاسي رکڻ لاءِ ڏنل دليل مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته اسان جا ماهر سنڌي صوتياتي نظام کان واقف نه هئا. در اصل ”پ“ ۽ ”ڦ“ صرف [پ] ۽ [ڦ] آوازن جون لکيل صورتون آهن. اهي ٻئي آواز سنڌي صوتيات ۾ هڪڙي ئي خاندان /گروهه وارا آهن. اهي ٻئي ٻن چپن وارا ڌوڪڻا آواز آهن، ٻنهي ۾ فرق هي آهي ته ”پ“ هلڪو اوسرڳ آهي ۽ ”ڦ“ انجو هلڪو وسرڳ جوڙ آهي. ”ف“ ۽ ”ڦ“ آوازن وچ۾ ڪوبه لڳ لاڳاپو ڪونهي، اهي ٻئي آواز گروهن ۽ مخرج ۾ ڌار ڌار آهن. ”ف“ ڏندن _ چپ گاڏئون هلڪو گھسڪيداروينجن آهي، انهيءَ ڪري ”ڦ“ ۽ ”ف“ جي وچ ۾ صوتياتي لحاظ کان ڪابه قرابت، ڪابه نسبت ۽ ڪابه هڪجهڙائي ڪانهي. اهوئي سبب هو جو ايلس واري ڪاميٽيءَ ”ڦ“ لاءَ مخدوم ابوالحسن جي الف_ بي جي چارٽ ۾ مقرر ڪيل اکر ”ف“ ۽ ”پهه“ لاءَ هڪ ئي اکر ”ڦ“ مقرر ڪيو.“ (۸)
    مٿين حوالن مان جيڪو اهم نچوڙ بيهي ٿو، سو اهو ته موجوده عربي – سنڌي آئيويٽا ۾ وسرڳن جو ڪل تعداد ڏهه ڄاڻايل آهي؛ جيئنْ: ڀ، ٺ، ٿ،ڦ، ک، ڌ، ڍ، ڇ، جھ، گھ. جڏهنْ ته پنج وسرڳ لهجاتي فرق سبب نظر انداز ڪيل آهن، سي آهن: ’ڙهه، نهه، ڻهه، مهه، لهه.‘ ان کان علاوه نظر انداز ٿيڻ جوڳا وسرڳ هي آهن: ’ڏهه، رهه، وهه، ڇهه۔‘
    وسرڳن جي حقيقت سمجھڻ لاءِ ان جي آوا ز، مخرج، ۽ ان جي صوتي (Phonemic) حيثيت جي ڇنڊ ڇاڻ ضروري آهي. وسرڳ اصل ۾ ڪنهن مخرجي وينجن آواز ۾ ڦڦڙن مان ڌوُڪَ ملائڻ سبب بيهندو آهي؛ جنهن سبب هن جو الڳ ڪو مخرج ڪونه هوندو آهي، بلڪ ڪنهن مخرجي وينجن آواز ۾ ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان وسرڳ وينجن آواز نڪرندو آهي. مثلاً ’ج‘ سخت تارون وارو ڳرو ڌوڪڻو آهي، يعني هن جو مخرج سخت تارون آهي؛ ساڳئي مخرج وٽ صرف ڦڦڙن جي ڌوڪ وڌائڻ سان ’جھ‘ جو آواز نڪرندو.
    لفظ وسرڳ جي معنى مفهوم بابت آنجھاني ڀيرومل آڏواڻي لکي ٿو: ”جن اکرن ۾ ’هه‘ جو اچار سمايل آهي تن کي ’وسرڳ اکر‘ چئبو آهي. سنسڪرت ۾ ’و‘ معنى پري ۽ ’سرڳ‘ معنى اُڇل. انهن اکرن جي اچار ڪرڻ مهل وات جي هوا اڇلجي وڃي پري پوي ٿي.“ (۹)
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب وينْجن آوازن جي خصوصيت بيان ڪندي وسرڳ جي ماهيت جو بيان ڪندي لکي ٿو ته: ”هيءَ هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته آوازن جي اچارڻ مهل ڦڦڙن کانْ اينْدڙ هوا جو زور، ڪن حالتن ۾ ججھو ٿينْدو آهي ۽ ڪن حالتن ۾ گھٽ ٿينْدو آهي. هوا جو زور ’پيٽ ڇَـﮨ‘ (diaphragm) جي وسيلي ڏنل زور تي مدار رکي ٿو. جڏهنْ هوا جي داٻ ۾ زور گھڻو هونْدو آهي، ۽ اهو جي لنْگھ ۾ رڪاوٽ يا رنْڊڪ پيل هونْدي آهي، تڏهنْ انهيءَ رنْڊڪ يا رڪاوٽ جي ’هٽڻ يا ڇٽڻ‘ سانْ، هوا جي ڦوڪ هڪدم آواز جي پويانْ، ان سانْ گڏو گڏ، ٻاهر ڌوڪينْدي اينْدي آهي. هوا جي انهيءَ ’ڦوڪ‘ کي ’وسرڳائي‘(aspiration) چئبو آهي. (۱۰)
    عربي- سنڌي آئيويٽا جي باقاعده ترتيب تي مخدوم ابوالحسن ٺٽويءَ توجهه ڏنو. پروفيسر عبدالڪريم لغاريءَ پنْهنْجي ڪتاب ’سنڌي الف- بي جي ارتقا‘ ۾ ۱۳۲۷ هجري ۾ ڪريمي پريس بمبئيءَ جي ڇپيل ابوالحسن جي سنڌي واري قاعدي جو عڪس ڏنو آهي، جنْهنْ ۾ اٺ مرڪب اکر ڪري ڄاڻايل آهن: جهه، گھ، ڙهه، لهه، نهه‘. جنْهنْ مانْ اندازو ٿئي ٿو ته اهي بعد ۾ سڌاريل ۽ سنْواريل آهن. ذڪر ڪرڻ جو مقصد ته ان وقت جي عالمن مانْ جن به ان آئيويٽا کي سڌاري پيش ڪيو، تن جي نظر ٻوليءَ جي آوازن تي ضرور هئي. ان قاعدي ۾ اهڙا اکر به رکيا ويا جيڪي هينْئر به پٽي/ آئيويٽا ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آتا آهن.
    ۱۸۵۳ع تي ايلس واري ڪاميٽي جي جوڙيل آئيويٽا ۾ به اهڙن اکرن جو باقاعده شمار ڪونه ڪيو ويو؛ نه وري ان لاءِ ڪو اصول متعين ڪيو ويو. ان جو اهم سبب به صرف وچولي لهجي توڙي ٻين لهجن جا ماهر موجود ڪونه هيا، جنْهنْ ڪري ٻوليءَ جي صورتخطيءَ ۾ مونْجھارا هلندا رهيا.
    ۱۸۵۸ع کانْ اڳ آخوند گل محمد گل پنْهنْجي ديوان لاءِ جيڪا پٽي بيهاري، ۽ پٽيءَ بابت جيڪي بحث ڪيا اٿس، ان مانْ اندازو ٿئي ٿو ته کيس علم لسان کانْ ڪي قدر واقفيت هئي _ خاص طور تي ”هائيه اصوات“ يعني وسرڳي صوتين تي بحث ڪري پٽيءَ جي اکرن ۾ اضافو ڪرڻ! موجوده پٽيءَ ۾ انجي اضافي ڪرڻ سانْ پڙهڻ پڙهائڻ واري کي ايتري واقفيت ضرور ٿينْدي ته اهي هڪ ئي لڙهيءَ جا اکر آهن، جيئنْ موجوده پٽيءَ ۾ جھ ۽ گھ ڄاڻايل آهن، ٻي صورت ۾ ڪافي ماهرن انهن کي مرڪب آوازن وارا صوتيه ڪوٺيا آهن؛ حالانڪ اهي مفرد آواز آهن: ڙهه، لهه، مهه، ڻهه، نهه ۽ پڻ ڇهه. مرزا قليچ بيگ پڻ ان خيال جو هو ته: ”جڏهنْ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ آهن، جن ۾ ”هه“ آواز سانْ گڏيل اکر آهن، جي ”هه“ سانْ لکڻ ۾ ٿا اچن، تڏهنْ الف_ بي ۾ ائينْ ڪرڻ گھربو هو، جيئنْ ته: ڪالهه، ڳالهه، ملهه وغيره ۾ لام سانْ گڏ ”هه“ جو آواز آهي. مڙهه، ڪڙهه، وڙهڻ، وغيره ۾ ”ڙ“ سانْ گڏ ”هه“ جو آواز اچي ٿو. سنهو، اونهونْ، ٻانهونْ وغيره ۾ ”ن“ سانْ گڏ ”هه“ جو آواز اچي ٿو. (۱۱)
    ساڳئي مسئلي تي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي به بحث ڪندي لکي ٿو ته:” لنْگئسٽڪ سروي آف انڊيا ۾ گريئرسن ڄاڻايو آهي ته ڪشمير طرف داردڪ ٻولين ۾ نرم وسرڳ اکرن گھ، جھ، ڍ، ڌ ۽ ڀ کي اوسرڳ ڪندا آهن، يعني منْجھائن [هه] جو اچار ڪڍي ڇڏينْدا آهن. لاڙي ٻولي به انهيءَ ڳالهه ۾ داردڪ ٻولين سانْ مشابهت رکي ٿي، جيئنْ:
    • جھه = جھجھو ۽ وجھوس بدرانْ چيُن ججو ۽ وجھوس.
    • ڍ = ڪَڍُ بدرانْ ڪڊُ، ننڍو بدرانْ ننڊو ۽ ريڍار بدرانْ ريڊار.
    • ڙهه = چڙهيو بدرانْ چريو ۽ ماڙهو بدرانْ مارو.
    • ڌ = ڌيءُ بدرانْ دي، لڌو بدرانْ لدو ۽ پنڌ بدرانْ پند.
    • ڀ = ڀاءُ بدرانْ با، ڀريو بدرانْ بريو، ڀيڻ بدرانْ بيڻ ۽ ڀوت بدرانْ بوت.
    • ڻهه= ماڻهو بدرانْ ماڻو، پڻهي بدرانْ پڻي.
    • رهه= ورهين کانْ بدرانْ ورن کانْ.
    • وهه= اوهينْ بدرانْ اوينْ ۽ توهينْ بدرانْ توينْ.
    آنْجهاني ڀيرومل اڳتي لکي ٿو ته : ”هه“ جي اچار بابت سرگريئرسن جي ڏنل مثالن مانْ معلوم ٿينْدو ته لاڙ جا ماڻهو نه رڳو وسرگ اکرن مانْ ”هه“ جو اچار ڪڍي ڇڏينْدا آهن، پر ”هه“ اکر ڌار هونْدو آهي، ته به اهو ڪونه اچارينْدا آهن. اها عادت لاڙ جي ماڻهن ۾ سچ پچ ايتريقدر زور آهي جو ”آهيانْ“ بدرانْ چون آيانْ، ٻاهر بدرانْ ”ٻار“، ”ٽهلرام“ بدرانْ ”ٽيلرام“، ”رحمت الله“ بدرانْ ”ريمت لا“ ۽ لوهه بدرانْ ”لو“. لاڙ جا مسلمان جيتوڻيڪ ايتريقدر ”هه“ سانْ هاڃو نه ٿا ڪن، ته به انهيءَ عادت کانْ صفا آجا ڪينهن.“ (۱۲)
    ڀيرومل جي اشارن مانْ اهو پتو پوي ٿو ته ايلس واري ڪاميٽيءَ ۾ سري ۽ خاص وچولي لهجي جا ماهر ڪونه هيا، جن سببانْ پٽي/آئيويٽا ۾ وسرڳي صوتين/هائيه اصوات سانْ اهو هاڃو ٿيو.
    ”هڪ علمي ادبي خط“ جي حوالي سانْ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پڻ انهيءَ حق ۾ آهي ته آئيويٽا/پٽيءَ ۾ اهي اکر ضميمي طور پڙهايا وڃن.
    ظاهر آهي ته انهن جي هِجي به ”هه“ ڄاڻائڻ سانْ نه ٿينْدي، جيئنْ جھ ۽ گھ ۾ ”جيم“ ۽ ”هي“ الڳ الڳ اچاري هِجي نه ڪندا آهيون، بلڪه ”جھ“ اکر لاءِ سڌو [جھي] آواز ئي ڪڍندا آهيون. اهڙي نموني ڪلهو ۽ ماڻهو وغيره به هيئنْ هِجي ڪرڻ کپي:
    • ڪاف پيشُ ڪُ، لهي واو لهو= ڪلهو.
    • ميم الف ما، ڻهي واو پيش ڻهُو= ماڻهو.
    ٻيو ته لکڻ مهل به ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃي، جيئنْ وسرڳي/مخلوطي ”ﮩ“ (ٻن اکين واري / پان واري) ۽ مخروطي/ ملفوظي ”هه“ (پَٽڪي واري) ۾ فرق رهي.
    ان ڳالهه جو پراڻا استاد وڌ ۾ وڌ خيال رکندا هئا. اسانْجو مانائتو استاد مريد حسن خاصخيلي مرحوم (جيڪو منْهنْجي والد مرحوم ۽ منْهنْجو پڻ پرائمريءَ جو استاد هيو) پڻ انهن ڳالهين تي باقائده ڪڙي نظر رکندو هو ۽ اسانْجي ڪاپين توڙي سليٽن جي چڪاس دوران اهڙين چڪن تي پڻ گول دائره هڻي نشاندهي ڪندو هو. ڪاش اسانْجي سنڌ جي ابهم ۽ اٻوجھ ٻارن کي اهڙا اورچ ۽ پاڻ ارپيندڙ بنيادي استاد ملن ته جيڪر سنڌ جو هر نوجوان ڏيئي مثل روشني ڦهلائينْدو ۽ ٻين کي روشن ڪندو هلي. بهرحال وسرڳي/ مخلوطي ”ﮩ“ ۽ مخروطي/ ملفوظي ”هه“ جوفرق هيٺ هيئنْ ڄاڻائجي ٿو:

    وسرڳي/مخلوطي ”ﮩ“ مخروطي/ملفوظي ”هه“
    جھ =





    گھ = جھارِ
    جھارو
    جھَڙو
    جھَلَ
    جھَلڻ

    گَھٽُ
    گھرُ
    گھرو
    گِھلَ
    گھَڻِ جُـﮨـارُ
    جُـﮨـارو
    جَـﮨـڙو
    جَـﮨـلُ
    جُـﮨـِلَڻُ

    گِـﮨِـٽَ
    گَـﮨِـرُ
    گَـﮨِـرو
    گِـﮨِـلَ
    گَـﮨِـڻُ

    ڊاڪٽر ٽرمپ جيڪا عربي _سنڌي آئيويٽا ٺاهي، تنْهنْ گھڻي قدر اردو دکني واري آئيويٽا کانْ مدد وٺندي، ڪي قدر مخدوم ابوالحسن ۽ آخونْد گل جي تقليد ڪئي. هن صاحب هر وسرڳي اکر منْجھ جنسي ”ﮩ“ ملائي اکرن جو تعين ڪيو. هن جو خيال هو ته ڪنْهنْ به گروهي صوتين لاءِ هڪ اصول قائم رکڻ کپي. مرزا قليچ بيگ پڻ اهڙو خيال رکندي لکي ٿو ته: ”اردو ٻولي، جا پڻ سنڌيءَ وانْگي اصل هندي هئي ۽ سنسڪرت جي ڌيءَ هئي ۽ پراڪرت مانْ نڪتل هئي، تنْهنْ ۾ به عربي صورتخطي ڪم آيل آهي، مگر انهيءَ ۾ وري به ڪو اصول ڪم آيل آهي، جن اکرن ۾ ”هه“ جو آواز لڪل آهي، تنْهنْ جي پٺيانْ ”هه“ جو اکر لکندا آهن، پر سنڌي الف بي ۾ ڪن اکرن ۾ ”هه“ وڌي اٿن،ڪن ۾ نه!“
    مزي جي ڳالهه اها ته اهو هڪ اصول قائم رکڻ سانْ به ڪافي مونْجھارا ٿين ٿا، يعني جنْهنْ لفظ ۾ ٻِٽي ”هه“ اچي، انجو حل ڪهڙو ڳولهجي! انلاءِ وسرڳي اکرن ۾ موجوده ”ٽٻڪن“ ۽ ”ـهه“ ٻنهي جو استعمال ٻوليءَ جي حق ۾ آهي. ها، اڃا به جيڪڏهنْ آئيويٽا تي نظر ثاني ٿئي ۽ سڌارا ممڪن هجن، ته پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي هيءَ راءِ وزنائتي آهي: ” سنڌيءَ جي ٿ، ٺ، ڇ، ک ۽ ڦ وارين صورتن ۾ ”هه“ جي ادغام جي انتهائي تڪميلي صورت موجود آهي؛ ايتريقدر جو ”هه“ انهن ۾ ڪُلي طور کاڄي هضم ٿي وئي آهي. انجي سڃاڻپ اها آهي جو انهن صوتين پويانْ ٻي ”هه“ اچي سگھي ٿي، مثلاً:
    • ٿ = ٿـﻫــرَ ڪرڻ (ذرا ترسڻ، صبر ڪرڻ، آرام ڪرڻ)
    • ٺ = ٺـﻫـڻُ، ٺـﻫـڪڻ.
    • ڇ = ڇَهه، ڇُـﻫـڻُ.
    • ک = کـِﻫـه ، کَـﻫـرو.
    • ڦ = ڦـﻫـڪائڻ
    سنڌيءَ جي ڀ، ڌ، ڍ، جھ ۽ گھ صوتين ۾ ادغام جي حالت ميل واري آهي. ”هه“ انهن صوتين جي اندر پيٽ ۾ آهي، جيتوڻيڪ ڏسجي ڪانه ٿي، پر تنْهنْ هونْدي به هضم نه ٿي چڪي آهي، انهيءَ ڪري انهن صوتين پويانْ ٻي ”هه“ نه اينْدي؛ يعني ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙو ڪو ورلي لفظ هونْدو، جنْهنْ ۾ ڀ، ڌ، ڍ ۽ جھ يا گھ جي پويانْ ”هه“ جو اچار به هجي. انهن صوتين ۾ ”هه“ جي وجود جي لحاظ سانْ انهن جو لکت ۾ گھ، جھ واريونْ صورتونْ مناسب آهن، بهتر ائينْ هو ته ڀ، ڌ ۽ ڍ کي بهه، دهه ۽ ڊهه جي صورتن ۾ لکجي ها. ڙهه، لهه، مهه، نهه ۽ ڻهه سي به ميل واري ادغامي صورت وارا آهن ۽ انهن جي پويان به ٻي ”هه“ اچي نه سگھندي.“ (۱۳)
    مذڪوره ڊاڪٽر بلوچ جي حوالي ۾ ”ڇ“ سانْ گڏ ”هه“ اچڻ واري مثال ۾ ”ڇهه، ڇُهڻ“ لفظ ڄاڻايل آهن، حالانْڪ ”ڇهَه“ لفظ هجڻ سانْ گڏوگڏ صوتيات جي حوالي سانْ هڪ صوتيو ئي آهي؛ ڇاڪاڻ ته ان ۾ ”ڇ“ ۽ ”هه“ الڳ الڳ سُرن سانْ اچاري نه ٿو سگھجي، بلڪه ”ڇَهه“ هڪ ئي جھٽڪي ۾ ڦڦڙن جي هوا سانْ سخت تارونْءَ وٽ زبان جي اڳياڙي ملائڻ سانْ آواز ٺهي ٿو، جنْهنْ کي هلڪو ڌوڪڻو وسرڳ چئي سگھجي ٿو.
    اهڙي مسئلي کي اردو ٻوليءَ وارن ڏاڍي سولي نموني سانْ حل ڪيو. ان حوالي سانْ اردوءَ جو ماهر پروفيسر سيد محمد سليم هيئنْ لکي ٿو ته: ” عربي خط ۾ فارسي ۽ عربيءَ جا مخصوص حرفن جو اضافو ڪرڻ سانْ اردو حرف ِ تهجي جي تعداد ۳۶ ٿي وئي. پر سڀ کانْ مشڪل مخلوط آوازن (وسرڳن) کي ظاهر ڪرڻ هو. ڇوته مخلوط (وسرڳ) آواز هنديءَ سانْ وابسته آهن؛ عربيءَ، فارسيءَ توڙي ترڪيءَ ۾ اهي آواز موجود ڪونهن. عربي خط ۾ انهن آوازن کي ظاهر ڪرڻ ڪافي ڏکيو هو، ۽ هندي خط ۾ هي آواز مفرد آهن؛ جيڪڏهنْ انهن لاءِ مفرد حرف ٺاهيا وڃن ها، ته اردو حرف ِ تهجي ڪافي وڌي وڃي ها، ۽ سکڻ سيکارڻ ۾ ڏکيائيءَ جو باعث بڻجي ها. انلاءَ اردو وارن اهڙن هندي مخلوط آوازن لاءِ ’ـهه‘ کي لاحقي (Suffix) طور استعمال ڪيو. اهڙيءَ طرح انهن حرفن کي لکبو ته مرڪب ڪري آهي پر پڙهبو- اچاربو مفرد آهي. هنديءَ ۾ يارهنْ مخلوط آواز آهن: بھ ، پھ ، نھ ، ٹھ ، جھ ، چھ ، دھ ، ڈھ ، ڑھ ، کھ ، گھ “
    پروفيسر سليم صاحب فوٽ نوٽ ۾ وڌيڪ پنْهنْجو خيال ظاهر ڪندي لکي ٿو ته: ” مخلوط آواز ان کانْ علاوه ٻيا به آهن، جهڙوڪ: رھ ، لھ ، مھ ، نھ ، پر جيئنْ ته انهن جو استعمال ٿورو ٿئي ٿو، جنْهنْ سبب انهن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، ۽ صرف يارهنْ مخلوط آواز ئي تعليمي ڪتابن ۾ درج ڪيا وينْدا آهن.“ (۱۴)
    هاڻي سوچ اها ٿئي ٿي ته ڪچيءَ وارن ڪٻَن جي سنْوار، جوان جماڻ جسم ۾ ڪيئنْ ممڪن آهن؛ يا ان جي ڪهڙي ضرورت آهي. يعني جيڪڏهنْ نظر انداز ڪيل وسرڳ آئيويٽا ۾ شامل به ڪجن ته ان جي لساني حيثيت ڪهڙي آهي؟
    ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب هنن آوازن بابت ’W.S, Allen‘ جي حوالي سانْ ڄاڻائي ٿو ته: ”هيءَ خصوصيت نه فقط سنڌي زبان جي صوتياتي نظام ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿي، پر هند و پاڪ جي ٻين سڀني آريائي زبانن ۽ قديم يونانيءَ ۾ به هيءَ خصوصيت نظر اچي ٿي. وسرڳ آواز، انْگريزي ٻوليءَ ۾ به ملن ٿا.“ (۱۵)
    ان خيال کانْ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنْهنْجي ڪتاب ’صوتيات‘ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”وسرڳ آواز، انْگريزي ٻوليءَ ۾به ملن ٿا؛ پر انْگريزي زبان جي صوتياتي نظام ۾ وسرڳائي، صوتي (Phonemic) نه آهي، پر سنڌي صوتياتي نظام موجب سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳ وينْجن آواز ڌار صوتئي جي حيثيت رکن ٿا. جڏهنْ ته انْگريزيءَ ۾ وسرڳ آواز ڌار صوتئي طور ڪم نه ٿا اچن. مطلب ته سنڌيءَ جي صوتياتي نظام موجب [پ] ۽ [ڦ] ٻه ڌار ڌار صوتيه (Phonemes) آهن. …اهڙا وسرڳ آواز آهن: ڦ، ڀ، مهه، ٿ، ڌ، ٺ، ڍ، ڻهه، نهه، ڇ، جھ، ڙهه، ک، گھ، لهه.“ (۱۶)
    ڊاڪٽر الانا صاحب جي ڄاڻائڻ مطابق وسرڳي آواز سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتئي جي حيثيت رکن ٿا؛ ۽ ظاهر آَهي ته جيستائينْ آئيويٽا ۾ ان وسرڳي آواز لاءِ ڪو اکر يا علامت مقرر نه ٿي ڪئي وڃي تيستائينْ ان آئيويٽا کي اڌورو ئي ڀانْيو وينْدو. ان لاءِ موجوده آئيويٽا ۾ اهڙا ڏهه وسرڳ شامل ڪيا ويا. بعد ۾ پنْج وسرڳ ڪچي پهرينْ درجي (سنڌي ٻاراڻو ڪتاب) ۾ صورتخطيءَ جي خيال کانْ ڏنا ويا. ليڪن اڄ تائينْ ان کي آئيويٽا / پٽيءَ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. موجوده دؤر ۾ ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهي پنْج وسرڳ جيڪڏهنْ صوتئي جي تارازيءَ ۾ پورا لهن ٿا ته انهن کي آئيويٽا ۾ شامل ڪرڻ گھرجي، ٻي صورت ۾ ضميمي طور ئي سهي، سنڌي پٽيءَ ۾ شامل ڪرڻ گھرجي. مذڪوره ڙهه، نهه، ڻهه، مهه، لهه نظر انْداز ٿيل وسرڳن جي اوسرڳ جي مٽا سٽا سان معنوي فرق معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺيانْ مثال ڏجن ٿا:

    اوسرڳ آواز سان لفظ وسرڳ آواز سان لفظ
    ڙ ۱. ڪوٗڙُ= تاڃي ڪڍڻ لاءِ ميدان ۾ کوڙيل ڪلن جي قطار، تاڃي ڪڍڻ لاءِ ڪم اينْدڙ ڪاٺي؛ ڪروڙ.
    ۲. ڪُڙِ = ٿڪ، ٿڪاوٽ. ڪڪڙ کي هڪلڻ جو آواز.
    ۳. سَڙُ = (امر) سڙڻ، ڪاوڙ ۾ پچڻ. ڙهه ۱. ڪوٗڙهُه= بدن تي اڇا داغ ڪنْدڙ هڪ وچڙنْدڙ بيماري، جذام.
    ۲. ڪُڙهِه = ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جي پلجڻ ۽ وڏي ٿيڻ جي جاءِ.
    ۳. سَڙهُه = ڪم ڪوس يا سست ڏانْد.
    ن ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن. نهه ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.
    ڻ ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن. ڻهه ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.
    م ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن. مهه ساڳئي لفظ ۾ اوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مختلف لفظ ڪونه ٿا ملن.
    ل ۱. ڪَلَ = سڌ، ڄاڻ؛ انْجڻ؛ اٽي جي ڳوهه
    ۲. مالَ = ڌن، ڍور ڍڳا (جمع)
    ۳. ڪُلو = پٽڪي هيٺانْ وجھندڙ ٽوپي
    ۴. مَلَ = مهٽو؛ گدلاڻ لهه ۱. ڪَلههَ = گذريل ڏينْهنْ.
    ۲. مالههَ = هار؛ نار ۾ لوٽين ٻڌڻ لاءِ رسو.
    ۳. ڪُلهو = ٻانْهنْ ۽ ڪنڌ جو وچيونْ حصو.
    ۴. مَلههَ = سنڌي ڪشتي.

    مٿئينْ چارٽ موجب ٽن گھُڻن وينْجنن ۽ ان جي وسرڳن جي مٽ سانْ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪي خاص لفظ ڪونه ٿا ملن، جيڪي ٻوليءَ جي ڪن لفظن ۾ گھُڻن اَوسرڳ ۽ وسرڳ وينْجنن جي مٽ سانْ مونْجھارا پيدا ڪندا هجن، جنْهنْ بنياد تي ’گھُڻن وسرڳن‘ کي الڳ سانْ صوتيو تسليم ڪجي! حقيقت اها آهي ته صوتئي جي معلوم ڪرڻ واري طريقي موجب ڦي گھُڻا وسرڳ صوتئي جي زمري ۾ نه ٿا اچن؛ حالانْڪ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب انهن پنْجنئي نظر انداز ٿيل وسرڳن کي صوتئي جو درجو ڏئي ٿو، جن ۾ ٻه وسرڳ ’ڙهه‘ ۽ ’لهه‘ واقعاً سنڌي ٻوليءَ ۾ صوتئي جو درجو رکن ٿا، جڏهنْ ته ٽي وسرڳ ’نهه، ڻهه ۽ مهه‘ صوتئي جو درجو نه ٿا رکن، بلڪ اهي آواز جي حيثيت رکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته معياري لهجي موجب ڪافي لفظن ۾ اهي گھُڻا وسرڳ اچار ۾ ڪم آنْدا وڃن ٿا ۽ ظاهر آهي ته آوازن جي بنياد تي لکت ۾ به ڪم آڻڻ گھرجي. ان لاءِ اختياريءَ وارن آڏو نظر انداز ٿيل پنْجنَئي وسرڳي اکرن لاءِ پٽيءَ ۾ ضميمي طور شامل ڪرڻ لاءِ عرض رکجي ٿو.
    ٻي صورت ۾ اردو آئيويٽا جيان هڪ اصول متعين ڪري آئيويٽا ۾ شامل ڪرڻ جي آزار کان به بچي سگهجي ٿو. ان انداز سان نظرانداز ٿيڻ جوڳن وسرڳن سبب مونجھارن جي ٿيڻ واري امڪان کي به رد ڪري سگهجي ٿو. مثلا: ’ره‘ وسرڳ جي حقيقت کي نه سمجھڻ سان سنڌي صورتخطيءَ ۾ شروعاتي ديسي گڏيل آوازن (پهريون ساڪن، ٻيو متحرڪ) ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي سفارش ڪيل ۽ مستعمل صورتخطيءَ ۾ لفظ ’گۡراهڪ‘ (۱۷) تي اعتراض ڪري سگھجي ٿو.
    حقيقت ۾ ان جي صورتخطي ’گۡرهاڪ‘ هئڻ گھرجي؛ ڇو ته مذڪوره لفظ ۾ اڳيونْ جوڙ (پهريونْ ساڪن ۽ ٻيو متحرڪ)، جا بجا گڏيل آواز آهي، ليڪن ان اڳئينْ جوڙ ۾ ٻيو آواز ’ره‘ متحرڪ وسرڳ آهي. جيڪو لاڙي/ حيدرآبادي لهجي ۾ نه هئڻ سبب ڪنْهنْ به ماڻ ۾ نه ٿو ماپيو وڃي. ڊاڪٽر الانا صاحب جو ڄاڻايل لفظ ’گۡراهڪ‘ اردو/ هندي جي لفظ ’گاهڪ‘ جي صورتخطيءَ جو هوبهو نقل آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي وچولي لهجي ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ ’ساهتي لهجي‘ ۾ آوازن جي بنياد تي لفظ ’گۡرهاڪ‘ ئي اچارجي ٿو. ان لفظ جو باقاعده مشاهدو ڪيو ويو آهي. اهڙن لفظن جي درست صورتخطيءَ تي اعتراضن جو سبب وسرڳ جو گھٽ استعمال آهي، ۽ اسانْ جي عربي- سنڌي آئيويٽا ۾ ان مونْجھاري ڏانْهنْ بي توجهي آهي.
    ساڳئي مسئلي تي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي به لنْگئسٽڪ سروي آف انڊيا ۾ گريئرسن جي توسل سانْ جيڪو لاڙي/ حيدرآبادي لهجي موجب وسرڳن کي اوسرڳ ۾ تبديل ٿيڻ ڄاڻايو آهي تن ۾ پڻ سنڌي ٻوليءَ جي وسرڳن ۾ ’رهه‘ جو شمار ملي ٿو، جيئنْ:
    • رهه= ’ورهين‘ (کانْ) بدرانْ ’ورن‘ (کانْ)۔ (۱۸)
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پڻ نظرانداز اَٺ وسرڳن ۾ ’رهه‘ جو وسرڳ مثالن سانْ هيئنْ ڏنو آهي:
    • ’ر‘ جو وسرڳ ’رهه‘ مثال: ٻارهو، يارهونْ، ٻارهونْ، تيرهونْ. (۱۹)

    اردو ٻوليءَ وارا پڻ مذڪوره ’رهه‘ وسرڳ کي تسليم ڪن ٿا، پر جيئن ته انهن وٽ به گھٽ استعمال سبب نظرانداز ٿيڻ جوڳو آهي، جنهنڪري اردو آئيويٽا ۾ شمار ڪونه ٿو ڪيو وڃي. اردو جو ڄاڻو پروفيسر سيد محمد سليم اردو ۾ مستعمل يارهن وسرڳن بعد فوٽ نوٽ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: ”مخلوط آواز (وسرڳ) انهن کان سواءِ ٻيا به آهن: ’رـهـه‘، ’لهه‘، ’مهه‘، ’نهه‘ جيئن: گیارھواں، چولھا، تمھارا، ننھا. پر جيئن ته انهن جو استعمال قليل آهي، ان لاءِ ان کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.“ (۲۰)
    ان سڄي بحث جو مرڪز لفظ ’گراهڪ‘ جي موجوده صورتخطيءَ تي هيو، ته ان لفظ ۾ شروعاتي گڏيل جوڙ ۾ پهريون ’گ‘ جو آواز ساڪن ۽ ٻئي آواز ۾ وسرڳ ’رهه‘ ڊگھي سُر سان متحرڪ آهي. جنهن جو ڇيد هيئن ڪري سگھجي ٿو:
    • (گ + - ) گۡ + (ره + آ) گۡرها + (ڪ +اُ) ڪُ = گۡرهاڪُ
    ان لفظ ۾ وسرڳ جي وجود جي هئڻ کي لاڙي/ حيدرآبادي ماهر تمام مشڪل سان هضم ڪري سگھندا؛ ڇوته ان لهجي ۾ اهڙن وسرڳن جو هجڻ ’گڏهه جي مٿي تي سڱ هجڻ‘ واري ورجيس برابر آهي.
    سنڌي، هندي ٻولين وانگر عربي يا فارسي ٻولين ۾ وسرڳن جو تصور ڪونهي، ليڪن عربي رسم الخط مان جڙيل رسم الخطن ۾ هر ٻوليءَ جي ماهرن پنهنجي گهرجن آهر ’هه‘ اکر جي مختلف شڪلين کان صورتخطيءَ جي لحاظ کان ڪم وٺڻ جون سفارشون ڪيون آهن.
    عربي- سنڌي رسم الخط ۾ هر اکر جي گھر لاءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽي يا چار صورتون يقيناً آهن، ليڪن ’هه‘ اکر لاءِ پنْج روپ ڪم آنْدا وينْدا آهن؛ جيئنْ: ’هه‘، ’ـهـ‘، ’ه‘، ’ـہ‘ ’ـه‘. انجا سبب ڪجھ نظر انداز ٿيل آهن، هڪ ته: ڪن آئيويٽائن ۾ انهن جو شمار وينْجن ۽ سُر ٻنهي ۾ ٿينْدو آهي. جيئنْ ’ر‘. پر جيئنْ ته اسانْ وٽ سوچ سمجھ جا ماڻ ماپا انْگريزي عالمن جا مقرر ڪيل آهن، انڪري انهن ڏانْهنْ توجهه ئي ڪونه ٿو وڃي! ٻيو ته ۱۹۳۵ع واري عربي- سنڌي آئيويٽا جي سوني ترتيب ۾ ’هه، جھ ۽ گھ‘ گڏ پڙهائڻ ۽ سيکارڻ سان ملفوظي/ مخروطي ’هه‘ ۽ مخلوطي/ وسرڳي ’ـهـ‘ ۾ فرق واضح ڪيو وينْدو هو. اهي نڪتا اسانْ پنْهنْجي پرائمري استادن کانْ واضح نموني سکياسينْ، جنْهنْ ۾ مرحوم استاد مريد حسن خاصخيليءَ جو نالو وٺنْدي فخر محسوس ڪيونْ ٿا. ۱۹۶۰ع واري بي تڪي ترتيب جو نتيجو اهو نڪتو جو پڙهندڙ يا پڙهائينْدڙ اهو نڪتو اڄ تائينْ عام طور تي واضح ڪري نه سگھيا آهن؛ ان جو وڏو سبب اسانْ جي درسي ڪتابن جي پرنٽ ميڊيا واري عملي(ڇپائيءَ وارو)،پروف ريڊرن (تصحيح ڪندڙ) ۽ ايڊيٽر عملي جي غفلت يا اڻڄاڻائي آهي.
    • ’هه‘: هيءَ هڪ طُري/ پٽڪي واري هه سڏبي آهي. ٻوليءَ ۾ هن جو ڪردار وينْجن وارو آهي.
    • ’ـهـ‘: وسرڳي سڏبي آهي، جيڪا ڪنْهنْ مخرجي اوسرڳ آواز کي ڦڦڙن مانْ هوا ڏيئي وسرڳ آواز لاءِ ڪم اينْدي آهي؛ يعني ’هايئه اصوات‘ لاءِ ئي ڪم اينْدي آهي. عربي يا فارسي ۾ اهڙن وسرڳن جو تصور ڪونهي، سنڌي توڙي اردوءَ ۾ ان جو استعمال باقاعده آهي، جنْهنْجو احتياط نه ڪرڻ جي صورت ۾ لفظن جي صورتخطيءَ ۾ مونْجھارا ٿين ٿا. مثال: جهارِ __جُـﻫـارُ. گھِلَ __گِـﻫـِلَ. پر ٿئي ائين ٿو ته اسانْجو استاد طبقو، ۽ ڇپائيءَ توڙي تصحيح وارو عملو يا ته ان ڳالهه کانْ اڻواقف آهن يا لاپرواهيءَ کانْ ڪم ٿا وٺن، جنْهنْڪري اهو ڍنْگ اسانْجي نئينْ نسل تائينْ منتقل نه ٿو ٿئي.
    • ’ ه ‘: هيءۡ ٻن طُرن واري هه سڏبي آهي، جيڪا ’سرَ‘ طور ڪم اينْدي آهي. جنْهنْ کي فارسي يا اردو وارا مختفي هه سڏينْدا آهن ۽ لفظ جي آخر ۾ ڪم اينْدي آهي، جيئنْ: موجوده، خوامخواه، خانقاه، وغيره. ۽ ’ ة ‘تانيث جي جڳهه پڻ وٺنْدي آهي.
    • ’ــہ‘: هيءَ هه ، الله، هميشہ جهڙن لفظن ۾ ڪم اينْدي آهي، ۽ وينْجن توڙي سرَ جي آميزشي آواز لاءِ استعمال ٿينْدي آهي. جنْهنْ کي جهڙوڪر اڌ سرُ چئي سگھبو.
    • ’ـــه‘: هيءَ هه اکر کي اڪثر زبر طور متحرڪ بڻائڻ لاءِ يا ٻيو سر ڳنڍڻ لاءِ ڪم آڻبي آهي. جيئنْ: نه، ته، وجه؛ ملڪهءِ ترنم.
    ’هه‘ جا اهڙا تصرر عربي، فارسي توڙي انْگريزي يا هندي ٻولين ۾ به ملن ٿا، انلاءَ ته ديوناگري آئيويٽا ۾ ’هه‘ وينْجن توڙي سرَ، ٻنهي جي تصور سان پڙهايا سمجھايا وينْدا آهن. جيئنْ: شـﻫـر ____Shr . هميشہ ___HmyS: هنن لفظن ۾ پهرينْ هه وينْجن آهي، ۽ پڇاڙڪِي سُرَ ۾ ڳڻي وينْدي آهي.
    انْگريزيءَ سانْ پڻ ساڳي ويڌن آهي، جيئنْ: Host يا Honest . اهڙن لفظن ۾ پڻ وينْجن يا سُر ٻنهي جو تصور موجود آهي.
    ڊاڪٽر سـﻫـيل بخاري جي لکڻ موجب ”عربي رسم الخط ۾ ’هه‘ جا ٽي روپ آهن، جيڪي اسانْ تائينْ منتقل ٿيا آهن. انهن ۾ هڪ کي ٻه چشمي ’ـهـ‘‘ ٻي کي ننڍي ’ ه ‘ ۽ ٽينءَ کي وڏي ’ح‘ چئبو آهي. انهن ۾ وڏي ’ح‘ صرف عربيءَ ۾ استعمال ٿينْدي آهي.“
    ڊاڪٽر سـﻫـيل بخاري مختفي ’ه‘ لاءِ وڌيڪ لکي ٿو: ”عربيءَ ۾ ننڍي ’ه‘ جا ٻه قسم ٿين ٿا؛ هڪ، ’هوز‘ واري ’هه‘ جيڪا لفظ جي شروع ۽ وچ ۾ اينْدي آهي، ۽ ٻي، مختفي جيڪا لفظ جي آخر ۾ اينْدي آهي ۽ اردو جي رسته، ڪلڪته، پته وغيره ۾ لکي وينْدي آهي.
    عربي ۾ جڏهنْ ننڍي ’ه‘ لفظ جي آخر ۾ اينْدي آهي ته اسينْ ان کي ’گول ت‘ چوندا آهيونْ؛ ڇو ته ان جو تبادل ’ت’ سانْ ٿينْدو آهي. جيئنْ: جنّه = جنت، اُمّه = امت ۽ قيامّه = قيامت. اردو ۾ اسانْ عربي تبادل جو اهو اصول ڪونه اپنايو ۽ جنّه کي جنت ۽ قيامّه کي قيامت ئي لکندا آهيونْ.
    جديد فارسيءَ جا اهڙا لفظ جيڪي اڄڪلهه ’ه مختفي‘ سانْ لکيا وڃن ٿا، تن ۾ اڳي آخري حرف متحرڪ هونْدو هو: چاره = چارَ، ڪده = ڪدَ، پاره = پارَ وغيره، چيو وينْدو آهي ته لفظ ’ڪده‘ جهڙن لفظن جي آخر ۾ ’ڪاف‘ زبر لاءِ استعمال ٿينْدو هو.
    يوناني آخري زبر لاءِ اُوس(os) ۽ لاطيني اَس (us) جي پڇاڙي لڳائينْدا هئا، جنْهنْ کي مغربي محقق ويدڪ ۽ سنسڪرت جو وسرڳ چون ٿا؛ ۽ وسرڳ جو تلفظ آچاريا ۽ پنڊت ’اَه‘ ڪندا آهن، جيڪو ديوناگري جي آخري سرَ جي شڪل’A:‘ سان ظاهر ٿينْدو آهي؛ جيئنْ: ڀيمه (خوفناڪ) BIm: ، ڪُچره (بد چلن) kuçr: وغيره مانْ به ان خيال جي تصديق ٿئي ٿي ته هند يورپي زبانن جا اهي سڀ طريقا لفظ جي آخري سُر کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن. اردو املا ۾ ’ه مختفيءَ‘ جو وجود فارسيءَ جي ڪتابت کانْ ورتل آهي ۽ اردو لفظن ۾ ٻن ڊگهن سُرن ’آ‘ ۽ اَي‘ جو بدل آهي.“ (۲۱)
    ان سڄي بحث جو تت اهو آهي ته ’هه‘ جا ٻه قسم آهن، پر ان جا اکري روپ پنْج آهن، جن ۾ ٻه وينْجن ۽ ٽي سُرَ آهن؛ ۽ ڪنْهنْ به اکر جي مختلف روپن جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ئي ٻوليءَ جون گهرجونْ هونْدو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ جي حوالي سان ٻٽن وسرڳن جي استعمال تي ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب علمي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي ڄاڻائي ٿو ته: ”ڪيترائي سنڌي لفظ، جن ۾ پهرئينْ ۽ ٻئي پد جي شروع ۾ وسرڳ آواز اچاريا وينْدا آهن، ۽ ڌار ڌار نموني لکيا وينْدا آهن، مثال طور:
    • گهُگھي، گھُگي، گُگهي.
    • جھجھو، جھجو، ججھو.
    • ڀمڀور، ڀمبور، بمڀور.
    • ڀاڀي، باڀي، ڀابي.
    • ڀڀ، ڀب، بڀ.
    انهن مثالن ۾ [جھ]، [گھ] ۽ [ڀ] آواز، [ج]، [گ] ۽ [ب] ڳرن اوسرڳ آوازن جون وسرڳ صورتونْ آهن. سنڌي صورتخطيءَ ۾ وسرڳ آوازن جي سکڻ ۾ اهو مسئلو فقط [جھ، گھ ۽ ڀ] جي اچارن سبب پيدا ٿيو آهي. هن ڏِس ۾ لسانيات جي هڪ ماهر مسٽر گراسمئن (Grassman) هڪ اصول ٺاهي ، هن مسئلي جو حل ڳولي لڌو هو، پر جيئنْ ته اسانْ کي گراسمئن جي ٺاهيل انهن اصولن جي ڄاڻ ڪانه هئي، تنْهنْ ڪري هي مسئلو، مسئلو ئي رهيو. گراسمئن فرمايو آهي ته:
    ’جڏهنْ ڪنْهنْ به لفظ جي اچارڻ مهل، ان لفظ جي منڍ، يعني لفظ ۽ پهرئينْ پد جي منڍ ۾، ۽ ان کانْ پوءِ فوراً ٻئي پد جي منڍ ۾ (يعني لفظ جي وچ ۾ ٻئي پد ۾) وسرڳ آواز اچن، ته ان لفظ جي اچارڻ ۾ پهرئينْ پد جي منڍ وارو وسرڳ آواز، پنْهنْجي وسرڳائي وڃائي اوسرڳ ٿي وينْدو.‘
    مثال طور هڪ لفظ جي اصلي صورت آهي ’گھگھي‘، هي لفظ ٻن پدن وارو آهي، يعني [گھ + اُ ۽ گھ + اِي]. هاڻ گراسمئن جي اصول موجب پهرئينْ پد ۾ /گھ + اُ / وسرڳ آواز اچارڻ مهل، پنْهنْجي وسرڳائي وڃائي، بدلجي اوسرڳ آواز [گُ] ٿينْدو، ۽ ٻئي پد وارو وسرڳ آواز [گهه] قائم رهندو ۽ اچار ٿينْدو /گُگھي/ .“ (۲۲)

    علم عَروض موجب شعر جي تقطيع ۾ ’هه‘ جا آواز حذف ڪيا ويندا آهن. ان جو اهم سبب ته ’هه‘ جا آواز گھڻي قدر سرَ (Vowel) جا هوندا آهن، سنڌي ٻوليءَ ۾ ته وسرڳ ۾ به اهڙو آواز سميٽيل هوندو آهي. ’هه‘ جي سنڌيءَ، عربي توڙي فارسيءَ ۾ وينجن کان علاوه سرَ جي حيثيت ۾ هجڻ سبب علم عروض ۾ حذف ڪرڻ جي روايت آهي. علم عروض موجب ڊاڪٽر خليل احمد ڄاڻائي ٿو ته:
    • اسم فارسي ۽ عربيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ’هه‘ هوز اينْدي آهي ته ان کي ڪيرائي سگھجي ٿو.
    ع _ شمع رو جي آهين تونْ، تانْ پڻ آهيانْ پروانه آءٌ.
    تقطيع: شمع رو جي – فاعلاتن، آهه تو تا – فاعلاتن، پڻ آيا پر – فاعلاتن، وان آءُ – فاعلان.
    • ’هه مخلوط‘ يعني اها ’ـهه‘ جيڪا لفظن جي وچ ۾ اينْدي آهي ۽ تقطيع ڪرڻ وقت ڪيرائي وينْدي آهي؛ جيئنْ: ماڻهو، وڙهيو، سمهي وغيره. (۲۳)
    سڄي ڳالهه جو تت اهو آهي ته جيڪو حرف شعر جي موزون پڙهڻ ۾ پنْهنْجو آواز نه ڏئي يعني اچار ۾ نه اچي سو تقطيع ۾ شمار نه ڪيو وينْدو. پر اهو حرف اهڙو هئڻ گھرجي، جنْهنْجو ڪيرائڻ شاعرن جائز ڪيو آهي.هن ۾ ’هه‘ هوز وغيره به شامل آهي.
    Prosody ۾ به ڊگھن ۽ ننڍن سرن کان وينْدي ٻولين جا اهي آواز جيڪي وينْجن توڙي سر ٻنهي لاءِ ڪم اينْدا آهن، تن جي شمار ۾ پڻ مماثلت آهي. مثلاً: بحر وزن توڙي ڇنْد وديا ۾ جيڪا حيثيت ’هه‘ جي آهي ساڳي جهڙوڪر ’H‘ جي آهي. يا جيئنْ ته آوازن جي بنيادن تي ’ديوناگري آئيويٽا‘ ۾ سر طور به شمار ٿئي ٿي، ۽ وسرڳي آوازن ۾ به شامل رهي ڪري ڪنْهنْ آواز کي مفرد بڻائي پنْهنْجي حيثيت کي گم ڪري ڇڏينْدي آهي، ساڳي طرح بحر وزن جي علم موجب پڻ تقطيع ۾ ’هه‘ جو شمار ڪونه ڪيو وينْدو آهي؛ يا سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي يا سري جي لهجي ۾ جيئنْ ’ر‘ جي ادغام وارا صوتيه مفرد صوتئي جي حيثيت سان اچاريا وينْدا آهن، جنْهنْ سبب آوازن جي بنيادن تي ديوناگري آئيويٽا ۾ انهن جي لکڻ لاءِ چئن قسمن جي گنْجائش ڄاڻايل آهي. انْگريزي Prosody ۾ پڻ ’H‘ جي ڳڻپ ڪا نه ڪئي وينْدي آهي ۽ ’R‘ جي ادغام سبب هڪ وينْجن جو شمار ڪيو وينْدو آهي. جيئنْ:
    A syllable is long if the vowel is in it is either long in itself or followed by two or more consonants. The letter ‘x’ counts as a double consonant, the letter ‘h’ not at all, and the following pairs of consonants occurring in the same word after a short vowel do not necessarily make the syllable long:
    br, cr, dr, fr, gr, pr, tr, fl, gl, pl.
    A syllable is short if its vowel is a short one and not followed by two or more consonants (except for the groups noted in the preceding paragraph).(۲۴)




    اڀياسي ڪتاب / حوالا:

    ۱۔ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، ٽماهي مهراڻ _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ نمبر: 1 ۽ 2، 1999ع _ ص: 34 _ 35
    ۲۔ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي _ ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي _ سماهي مهراڻ _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ نمبر: 2، 1972ع _ ص: 161_162.
    ۳۔ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ _ شاهه جو رسالو _ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز _ 1985ع _ ص: xxx
    ۴۔ مرزا قليچ بيگ _ سنڌي وياڪرڻ _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ 2006ع _ ص: 165
    ۵۔ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي _ سنڌي ٻوليءَ جون مکيه خاصيتون _ ٽماهي مهراڻ: گولڊن جوبلي نمبر _سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ 2 ۽ 3، 2006ع _ ص: 129
    ۶۔ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي _ ديوان گل ۽ خليفو گل محمد هالائي _ سماهي مهراڻ _ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد _ نمبر: 2، 1972ع _ ص:162_163.
    ۷۔ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي _ حوالو مٿيون ساڳيو _ ص: 162_ 163
    ۸۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس _ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي _ 2005ع _ ص: 209 _211.
    ۹. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي _ وڏو سنڌي وياڪرڻ - انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي – 1985ع – ص: 10
    ۱۰۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _سنڌي صوتيات _ ادبيات پبليڪيشن حيدرآباد _ 1967ع _ ص ص: 46،48 ، 49
    ۱۱۔ مرزا قليچ بيگ _ سنڌي وياڪرڻ _سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو _ 1992 _ ص: 203.
    ۱۲۔ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي _ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ _ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي _حيدرآباد _ 1956ع _ ص: 127 _129.
    ۱۳۔ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ _ هڪ علمي ادبي خط (طالب المولى ڏانهن) _ سماهي ”سنڌ“ _ سنڌ اسٽڊي سينٽر حيدرآباد _ اونهارو 1983ع _ ص: 262.
    ۱۴۔ پروفیسر سید محمد سلیم ۔ اردو رسم الخط ۔ مقتدرہ قومی زبان کراچی ۔ ۱۹۸۱ء ۔ ص ص :۴۲، ۴۳
    ۱۵۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _ حوالو مٿيون ساڳيو _ ص: 46 _47
    ۱۶۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _ حوالو مٿيون ساڳيو _ ص، ص: 47، 49
    ۱۷۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا- سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو- 2005ع- ص: 213
    ۱۸۔ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي _ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ _ سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي _حيدرآباد _ 1956ع _ ص: 128
    ۱۹۔ ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي- شڪارپور جي ٻولي- سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد- 1992ع- ص: 37
    ۲۰۔ پروفیسر سید محمد سلیم ۔ اردو رسم الخط ۔ مقتدرہ قومی زبان کراچی ۔ ۱۹۸۱ء ۔ ص : ۴۳
    ۲۱۔ ڈاکٹر سہیل بخاری ّ اردہ رسم الخط کے بنیادی مباحث ّ مقتدرہ قومی زبان اسلام آباد ّ ۱۹۸۸ء ّ ص،ص: 41، 42، 43،
    ۲۲۔ ڊاڪٽر غلام علي الانا _ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس _ سنڌالاجي ڄامشورو _ 2005ع _ ص: 222 _ 223
    ۲۳۔ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل _ علم عروض _ مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد _ 1935ع _ ص:
    ۲۴. Collins Latin Dictionary _ Willium Collins _ Harper Collins publishers, Italy_ 1996
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن (Aspirated) جي حقيقت

    ادا ڪاشف السلام عليڪم
    اميد آهي ته خوش هوندا
    سائين جوڪيو صاحب جون تحريرون شيئر ڪرڻ لاءِ مهرباني
    باقي وڌيڪ ان تي ڊسڪس ٻولي شعبي وارا دوست ضرور ڪندا
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سنڌي ٻوليءَ ۾ وسرڳن (Aspirated) جي حقيقت

    مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو