نثارناز
سينيئر رڪن
غزل
اُستاد بخاري
سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا !
جيئي سنڌ، سدائين جيئي، ٻيا سڀ نعرا وسري ويا !
سنڌو، بارڻ، منڇر، ڪينجهر، مون لئه آهن آب حيات،
نيل ۽ دجله ، گنگا، جمنا، پوتر ڌارا وسري ويا !
خالد، رُستم، پورس، ارجن سورهيه سڏجن سڀ سالار ،
دودي کي دل داد ڏنو، ۽ ٻيا هاڪارا وسري ويا !
جيئي پنهنجو سنڌ جو سائين، لالون لال لطيف سدائين ،
آڙي پاڙي، وارا شاعر، ڏاڍا پيارا وسري ويا !
شام شفق جي رنگيني ۾سُهڻو هاڙهو ۽ هالار ،
ڳل ڳاڙهن محبوبن جا ، محبوب نظارا وسِرِي ويا !

نوٽ: اُستاد بُخاري مرحوم جو هِي غزل محترم ناز سنائي جي سنڌ ساهت گهر ڪتاب نمبر 70 جي ڪتاب ”گيت اسانجا جيت اسانجي!“ پيج نمبر 99 جي ٿورن سان هتي ونڊ ڪيو ويو آهي. مهرباني