سائين واه واه هي فونٽ سنڌ سلامت جي ڊيزائينر ادا مگسي ۽ ادا نثار وٽ ته هوندا ئي اسان لاءِ توهان قرب ڪري ڇڏيو
مهرباني ادا، مون وٽ ته عربيءَ جا اهڙا گهڻا ئي ڀلور فونٽ آهن، انشاءَ الله ڪوشش ڪندس ته کين سنڌيءَ ۾ تبديل ڪريان.
ادا مالڪ سائين توهان کي سلامت رکي۔۔۔۔ ادا ابو زين توهان جي هر تحرير ۾ راحت هوندي آهي۔۔۔ ادا جيڪڏهن توهان فونٽن تي ڪم ڪندا آهيو ته پوءِ سنڌ سلامت لاءِ به ڪو فونٽ ٺاهيو نه ۔۔۔ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جو تيار ڪيل سنڌي ويب فونٽ فورم تي خوبصورت ته لڳي ٿو پر ان جي انگريزي لکائي ڪجهه گهاٽي آهي، جيڪڏهن هن فونٽ ۾ صرف انگريزي لکائي کي تبديل ڪريو ته فورم جرڪي پوندو۔۔۔۔ ٻيو ته دوست مونکي منهنجا دوست ٻڌائيندا آهن ته فونٽ ٺاهڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي جيڪڏهن سنڌ سلامت جي دوستن کي به فونٽ ٺاهڻ سيکاريو ته اسان جهڙن موڳن کي به دڳ ملي ويندو۔۔۔
شڪرا حبيبي ابو زين مشارڪاتڪ جميله جدا ننتظر منڪم المزيد من التعاون في تعديل الفونت للمندانا الحبيب سنڌ سلات و شڪر لڪم :d
shabash ادا ابو زين يار واقعي ادي رشيد جيڪا ڳالهه ڪئي آهي انهي کان مان به متفق آهيان۔۔۔۔۔۔۔ باقي اوهان کي جيئن وڻي تيئن ڪجو، اوهان جي عربي فونٽن کي سنڌي فونٽن جي شڪل ۾ آڻڻ تائين منتظر رهندا سين۔۔۔۔۔
ادا پوءِ دير نه ڪر جلدي ۾ الهتهار ڪر، مٺا نيڪي جي ڪم ۾ دير ناهي ڪبي۔ مٺا بلڪل سچ ٿو چوين، انشاءَ الله ضرور اهڙو ۽ انهي کان به خوبصورت فونٽ ڊزئين ٿيندو۔ ڏيوس منهن، اسان کي پڙهڻ ۽ لکڻ سنڌي به ڪونه اچي وري مڙس عربي ٿو ڳالهائي، هائو ڀائو، ڇونه ڳالهائيندين عربي، آخر موئن جي دڙي جي زماني جو روح آهين۔ مون ته آرڪيالاجي وارن کي توهان جو ڏس ڏيئي ڇڏيو آهي ته موئن جي دڙي واري تحرير پڙهڻ لاءِ توهان سان رابطو ڪن۔ مٺا زاهد سومرا، منتظر جو نالو کڻي اندر ٺاري ڇڏيئي ڀلا توهان کي منتظر جي خبر ڪنهن ڏني۔ suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal
ها ادا مون وٽ اهي سڀئي فونٽ آهن هتي شيئر ڪرڻ جو ارادو هيو پر ٽائيم نه ملي سگهيو ۽ اها بازي ادا ابو زين کٽي ويو۔ lajwab-sharing hatt-pare
ادا رشيد ڀاءُ، توهان جا لک ٿورا جو اسان جهڙن سيکراٽن جي همت افزائي ڪندا آهيو. فونٽ ٺاهڻ ڪو ڏکيو ڪم نه آهي، انهيءَ جا گهڻا ئي طريقا آهن. مون جن فونٽ جي باري ۾ ڳالهه ڪئي آهي، سي ته اڳ ۾ تيار آهن، بس صرف ٿورڙي تبديلي ڪري انهن ۾ سنڌيءَ جا لفظ ايڊ ڪرڻا آهن. باقي ڪاتب ته اسان آهيون ڪونه جو پنهنجي طرفان ڪو نئون خط آڻيون. عبدالماجد ڀرڳڙي جي فونٽ ۾ انگريزي تبديل ڪري ڇڏي آهي. چيڪ ڪرڻ کان پوءِ آگاهه ڪريو ته ڇا هيءَ انگريزي درست آهي، ٻيءَ صورت ۾ توهان پنهنجي طرفان ڪو انگريزي فونٽ ٻڌايو، جنهن کي عبدالماجد ڀرڳڙيءَ واري فونٽ ۾ ايڊٽ ڪجي. تبديل ٿيل فونٽ هتان ڪاپي ڪريو
ادا ڪم ته سٺو آهي پر بهتر ٿيندو ته سنڌي ويب ۾ تبديلي ڪرڻ کان اڳ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن کان اجازت وٺڻ گهرجي
هن هيٺين فونٽ جي باري ۾ ڇا خيال آهي. فونٽ تمام سٺو آهي، انگريزي به فونٽ جي حساب سان نارمل آهي. هن فونٽ ۾ منهنجي ايڊيٽنگ ٿيل آهي. فونٽ هتان کڻو
ادا هٿ چمڻ ته بعد جي ڳالهه آهي، پهريان اهو ته ٻڌايو ته ادو رشيد سمون ڪٿي آهي. باقي اسين هٿن چمڻ جي خلاف آهيون.
ادا توهان جي ٻنهي فونٽس کي آزمايو پر مونکي لڳو جهڙوڪ انهن مان انگريزي کي ڪليئر ڪيو ويو هجي۔۔۔۔ مون عرض ڪيو هو ته سنڌي ويب فونٽ فورم تي بهتر ٿو لڳي بس هن فونٽ جي انگريزي لکائي کي Arial بڻائجي ته جيئن فورم تي رجسٽريش، لاگ ان ۽ نمائشي فونٽ بهتر طريقي سان ظاهر ٿي سگهن۔۔۔ توهان پنهنجي فونٽ جو نالو پڻ تبديل ڪريو جهڙوڪ AZ SSalamt يا ڪو ٻيو جيڪو فونٽ امبيڊ ڪرڻ کان اڳ ئي شامل هجي۔۔۔۔ توهان جي محنت لاجواب آهي پر بهتري جي ضرورت آهي۔۔۔۔ ادا وحيد جي ڳالهه ۾ پڻ وزن آهي ۽ سائين جي اي ميل آئي ڊي به يقينن توهان کي خبر هوندي۔۔۔۔ مهرباني توهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي۔۔۔۔ هوئن مان سموري ساٿ کي گذارش ڪندس ته فونٽس بنائڻ جي سلسلي ۾ ڪنهن به فونٽس جي گلفس کان مدد ته وٺن پر ان گلفس جي بلڪل ڪاپي ڪرڻ کان پاسو ڪن۔۔۔۔
دوستو تمام بهترين فونٽس آهن... هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪجهه وڌيڪ عربي فونتس کي تبديل ڪري سنڌي فونٽس بڻايا وڃن
جواب: سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ ڪريو ادا پو وارو ڪيو جلد انهن کي سنڌي ۾ تبديل ڪريو بهتر ٿيندو ته توهان اها ڄاڻ اسان سان به ونڊ ڪيو ته ڪنهن به عربي فونٽ کي سنڌي ۾ ڪيئن تبديل ڪجي ، مهرباني
جواب: سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ ڪريو اسلام عليڪم يا علي مدد جيئي سنڌ دوستون ڪئين آهيو؟ اميد ته خوش هوندا دوستون جئين ته ڪلھ رات کان بلڊ فونٽ جي ڳولا ۾ آهيان پر ڳالھ وس کان ٻاهر آهي اوهان دوست جيڪڏهن رهنمائي ڪيو ته اوهان جون مهربانيون
جواب: سنڌيءَ جا 190 فونٽ ڊاؤنلوڊ ڪريو ادا اوهان ۽ موڳا!!!!!!!!!!!!! اسان به اهڙا موڳا ٿيون اها دعا آهي۔