• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جهاز جو جهوٽو!۔۔۔۔ مولائي پاران

رنجيت

سينيئر رڪن
ابا سنگت کي سلام۔۔۔۔

ممبئي جهڙي ڀيڙڀاڙ ۾ به مون هڪ اهڙي دوا جو دڪان ڳولهي ورتو آهي۔ جنهن جي پيئڻ سان توهان کي مفت ۾ جهاز جو جهوٽا ملندا۔۔۔ هائو سائين ممبئي جي دهلي جي ٽڪيٽ ته 5000 هزار آهي پر اسان اهي پنج هزار به ڪونه ڏيندا آهيون۔ خبر آهي سنگتين کي ته اسان مولائي مڙس آهيون۔۔۔۔۔۔ ابا هن جادوئي ٻوٽي جو اڪيلي اڪيلي ڪهڙو مزو وٺجي سو سنگت جي پرزور فرمائش تي مان ٻه چار پارسل به ڪرائي آيو آهيان۔ اميد ته سنگت کي پسند ايندو۔۔۔۔۔۔ ممبئي جي 5 ستارن واري هوٽل ۾ اهڙو گلاس ملي ته ڇا ٿا سمجهو۔۔۔۔۔۔۔؟

هائو منهنجا ساٿيو! مان هن مولائي جي ڀنگ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان۔ پار ڳالهه صرف اها آهي ته هتي هن ڀنگ کي ٺنڊائي‌جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو۔۔۔۔۔

پر مولائي فقير ڪيئن به ڪري سنگت جي لا اهو ڪم ڪري آيو آهي۔ ڇو جو مولائي کي خبر آهي ته ڀنگ جو رنگ ئي پنهنجو آهي۔۔۔ ڀل توهان ڪجهه به چئو۔۔۔۔۔باقي سائين ڀنگ جا رنگ ئي پنهنجا آهن۔۔۔۔

سو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي پهريون ڀيرو مولائي پاران سڀني سنگتين لا هي ڀنگ جي اسپيشل سوغات۔۔

[
bhang-lassi1.jpg



هاڻي هي ڏسو گورنمنٽ سرٽيفڪيٽ سان ڀنگ جو دڪان
Bhang+Shop.jpg


واهه واهه اهڙو جادوئي گلاس۔۔۔۔۔
0h047f2yrrz81pyhaco.jpg


بس ابا سنگت کي اها صلاح آهي ته ٻيلي پيئو ڀلي پر پنهنجي رسڪ تي۔۔۔۔

اگر جي توهان کي ڪجهه به ٿيو ته ڳڻتي نه ڪجو۔۔۔ مست آهي نه اهڙو ڏنڊو گهُمائيندو جو سڀ پنهنجي پنهنجي گهر پُهچي ويندا۔۔۔ وري نه ته اوطاق جي ڪنهن ڪنڊ ۾ پيا هوندا ته اصلي ڳڻتي نه ڪجو خيئر آهي۔۔۔

سو سنگت کي ڪيئن لڳي مولائي جي پيشڪش۔۔۔۔
 
جواب: جهاز جو جهوٽو!۔۔۔۔ مولائي پاران

وڃ ادا اڪبر! لڳي ٿو صدين جو ستايل آهين۔۔۔۔۔
 
جواب: جهاز جو جهوٽو!۔۔۔۔ مولائي پاران

ها ادا عبدوُ‌تو واري ڳالهه به صحيح آهي۔۔۔۔ پر ڪوئي پيئي نه پيئي مان ته پيئندس۔۔۔۔۔
 
جواب: جهاز جو جهوٽو!۔۔۔۔ مولائي پاران

موالي پي دا پي۔۔۔ هو ٻڌو ٿئي نه عرس جو ڪلام۔۔۔ پي موالي پي۔۔۔
 
جواب: جهاز جو جهوٽو!۔۔۔۔ مولائي پاران

نه ير اهو ڪلام۔۔۔۔۔
پي ڙري يار پي گهوٽي گهوٽي پي، ڇاڻي ڇاڻي پي، اڙي رڳڙي رڳڙي پي۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جهاز جو جهوٽو!۔۔۔۔ مولائي پاران

نه ير اهو ڪلام۔۔۔۔۔
پي ڙري يار پي گهوٽي گهوٽي پي، ڇاڻي ڇاڻي پي، اڙي رڳڙي رڳڙي پي۔۔۔۔۔۔

ادا هو ٻڌو اٿئي نه ته شينهن جي مرضي انڊا ڏئي يا ٻچا ڏئي،، سو تو جهڙي موالين سان به اهو قصو ٿو ڏسجي، گهوٽي گهوٽي ڇاڻي ڇاڻي پي يا وري۔۔ لوڏي لوڏي ڇلڪائي ڇلڪائي پي۔۔
 
Back
Top