مست
سينيئر رڪن
عالمي طور تي انسان ذات جي ڀلي لاءِ سائنسدان وڏيون ڪوششون ڪري رهيا آهن، انهن ۾ هڪ وڏي تحقيق اها هلي پئي ته ڪنهن به شخص جي آپريشن کان پوءِ ان جي زخمن کي جلد ڪيئن ختم ڪجي ته اهو شخص جلدي صحتياب ٿي وڃي۔۔ انهيءَ سلسلي ۾ پهرين وڏي ڪاميابي هڏين ياجوڙن جي علاج جي سلسلي ۾ ٿي آهي، پهرين جيڪو شخص آپريشن ٿيڻ کان بعد 2 يا ٽي هفتن ۾ وک کڻي سگهندو، اهو ئي شخص هاڻي فقط 2 ڪلاڪن ۾ پنڌ ڪرڻ لائق ٿي ويندو۔
آمريڪا، آسٽريليا ۽ ڪوپن هيگن جي سائسندانن جي هڪ ٽيم هڪ اهڙو جديد نظام متعارف ڪرايو آهي، جنهن موجب آپريشن جي ٻن ڪلاڪن اندر ئي مريض پنهنجي تڪليف واري حصي کي 90 ڊگري تائين موڙي سگهندو ۽ وک پڻ کڻي سگهندو۔ سائنسدانن موجب هي نظام انسان جي هر انهيءَ حصي لاءِ ڪارآمد آهي، جتي هڏيون پاڻ ۾ ملن ٿيون يا جوڙ ٺهي ٿو۔ هن نئين تيڪنيڪ جي مدد سان انسان ڪيترن ئي ڏينهن جي معذوري کان بچي ويندو