دوستو مختلف اردو زبان جي فورمن تي پورٽيبل سافٽويئر جو پڙهندو آهيان۔ هڪ دفعو ڊائون لوڊ به ڪيو هيم پر سمجهه ۾ نه آيو ته انسٽال ڪيئن ڪبو۔ مهرباني ڪري ان بابت به ٻڌايو ته اهي ڪهڙا سافٽويئر آهن ۽ انهن کي استعمال ڪئين ڪبو آهي؟
پورٽيبل سافٽويئر جي ضرورت تڏهن پئي جڏهن فليش ڊرائيو جي ايجاد سامهون آئي۔۔۔۔
جيڪڏهن توهان مختلف سافٽويئرن تي ڪم ڪندڙ آهيو ۽ ڪنهن ٻئي دوست وٽ يا ڪيفي ۾ ڪمپيوٽر جو استعمال ڪري رهيا آهيو جتي توهان جا پسند جا سافٽويئر موجود نه آهن ته ان صورت ۾ توهان پنهنجي فليش ڊرائيو ۾ موجود پورٽيبل سافٽوئير استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔۔
جيڪڏهن دوستن جي دلچسپي هجي ته هڪ پورٽيبل سافٽويئر جو سيڪشن به ٺاهجي جتي پورٽيبل سافٽويئر شيئر ڪرڻ کان سواءِ انهن کي بنائڻ به سيکارجي۔۔۔۔