سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ساري دنيا جا سنڌي دوستو۔ جيئن ته توهان سڀني دوستن کي خبر آهي ته منهنجي وڏي پُٽ جي شادي جي خوشين واريون تقريبون گهر ۾‌ زور ۽ شور سان جاري آهن، مصروفيتون به انتهائي انتهائي گهڻيون آهن ، ان هُوندي به ڏات جي ديوي جون مهربانيون آهن جو توهان ساٿين لا هڪڙو غزل تخليق ٿي ويو اڌ ڪلاڪ پهرين هي غزل جُڙي راس ٿيو آهي۔ هن کي ڊيزائن جي صورت به ڏئي پي سگهيس پر وري به پُٽ جي شادي جي ڪري مون وٽ ٽائم گهٽ ۽‌ مقابلو گهڻو آهي ان ڪري بغير ڊيزائن جي هي غزل توهان دوست جي نظر پيو ڪريان۔ اميد ته پسند ايندو۔ توهان جي واڌو ڪاٽو ڪامينٽس جو شدت سان منتظر رهندس۔

    غزل
    نثاراحمد ناز

    ڇا ته جلوو جمال ماشا الله !
    حُسن تُنهنجو ڪمال ماشاالله !

    موهه تُنهنجي ۾‌ مستَ شام و سحر ،
    جا بَجا ڪن ڌمال ماشا  الله !

    عشق هاڻي ته، جسٽ نو پرا بلم !
    موبائل جِي ته ڪال ماشا الله !

    ڏينهن فرقت ڪڏهن ته کُٽندو هتي ،
    رات ٿيندي وصال ماشا  الله !

    جسم وڪجن هتي ته ٻولِي لڳي ،
    چند نوٽن جِي ڳالهه ماشا  الله !

    سُونهن سانئڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ،
    سنڌ صديون ۽ سال ماشا الله !

    ”ناز“ سنڌ جا سپوت سارا حسين ،
    ڄڻ ته هيرا ۽ لال ماشا الله !​
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    سهڻا سائين ماشاءَ الله زبردست ونڊ آهي اوهان جي اهڙين تخليقن جو يقين ڪيو ته شدت سان انتظار هوندو آهي
    الله تعالي اوهان کي خوش رکي
    ڪاڪڙي جي شادي ايڊوانس مبارڪ
    ڪاڪڙي کي منهنجا سلام & کوڙ ساريون دعائون


    سبحان الله:

    ”ناز“ سنڌ جا سپوت سارا حسين ،
    ڄڻ ته هيرا ۽ لال ماشا الله !
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    ادا طاهر سنڌي مهرباني جو منهنجو هي غزل توهان کي پسند آيو، ۽ منهنجي هن غزل جي مقطع وارو بند به توهان حوالي طور هتي لکيو۔ منهنجي پُٽ جي شادي واريون مُبارڪون توهان ايڊوانس ۾ ڏنيون خير مبارڪون ادا طاهر، باقي منهنجي پُٽ علي  کي توهان جا سلام ۽ دعائون ضرور پهچايون وينديون۔ ٿورا ادا سنڌي توهان جا لک ٿورا۔
     
  4. ڪامي سولنگي

    ڪامي سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جولائي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    واھ زبردست سائين
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    سهڻا سائين پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو فرمان آهي؛
    واِن من البيان لسحرا
    يعني ڪا ڳالهه انسان اهڙي ڪندو اهي جو هن جي بيان يا چيل لفظن يا شاعري ۾ جادو هوندو آهي
    سو سهڻا سائين اوهان جي ڪلام ۾ اهو جادو آهي جنهن طرف پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن اشارو فرمايو
    اوهان کي مبارڪ هجي
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    منهنجي هن محبتي اڱڻ‌ سنڌ سلامت جا چنڊ ۽ تارا ادا ڪامي سولنگي شال جُڙيو هُجين تو منهنجي هن غريباڻي تخليق کي زبردست چيو، منهنجي همت افزائي ڪئي، تنهنجي هن همت افزائي جو مان انتهائي ٿورائتو آهيان۔ مهربانيون ادا۔
     
  7. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    تمام سٺو مهرباني
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    نثار ناز! جي شاعريءَ جا ديوانا ته اسين سڀ آهيون ۽ هر نظم، گيت ۽ غزل ۾ اهڙا ته سهڻا پيام ڏئي ويندو آهي جو جنهنجو مثال ڏيڻ به محال ۔۔۔ جيئن اڄ واري غزل ۾ جديد دور جي عڪاس ڪجهه هن طرح سان ڪئي اٿس ۔
    عشق هاڻي ته، جسٽ نو پرا بلم !
    موبائل جِي ته ڪال ماشا الله !

    واقعي، اڄڪلهه عشق ايترو آسان ٿيندو وڃي جو بس ڳالهه نه پڇ، اڳلي زماني ۾ ماڻهون محبوب جي ديد لاءِ ۽ آواز ٻڌڻ لاءِ پيو سڪندو هو، هاڻ جو موبائيل فون ته اهڙو ڪم ڪيو آهي جو اجهو هيڏانهن نمبر گهماءُ هوڏانهن محبوب حاضر ۔۔۔ هل ڙي زمانا تنهنجي چال ۔۔۔

    واهه سائين ناز واه ۔۔۔ بروبر ۔۔۔ ڳالهه دل سان لڳي ۔۔۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    مٺا طاهر حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي چيل هرڪا ڳالهه حديث‌ ليکبي آهي، مان گهنگار ته الائي ڪهڙي باغ جِي مُوري آهيان، ادا سنڌي جادو صرف جادوگرن وٽ هوندو آهي، مان شاعر سو به صرف ٽي درجي وارو، توهان کي خبر هُئڻ کپي ته سنڌ سلامت جو صرف هڪڙو دوست اهڙو آهي جنهن کي دنيا وارا نه سهي پر سنڌ سلامت جو هرڪو ٻيو دوست جادوگر ڪري پُڪاريندو آهي، اهو ٻيو ڪير ڪونهي محترم عبدالرشيد سمون آهي، جنهن کي آئون پيار، توڙي ڪاوڙ، ۾‌وڏي ائڊمن ڪري سڏيندو آهيان۔، مهرباني ادا توهان منهنجي شاعري ۾ جادو ڏٺو ۽‌ منهنجي هن حقير ۽ ڪم تر شاعري کي نيون معنائون ڏنيون۔ لک لائق۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    محترم علي اڪبر شر صاحب مهربانيون ته توهان مٺڙن ماڻهن جون ليکبيون، جو اسان جهڙن صفا ڪم تر شاعرن جي شاعري کي سٺو ليکيو ٿا ۽ اسان جون همت افزايون ڪريو ٿا۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سُونهن سانئِڻ‌ ڀلا ڇا واکاڻيون ! غزل

    ائِي سچِي سائين نثار ابڙا واقعي توهان کي منهنجي غزل جو بند ” عشق هاڻي ته جسٽ نوپرابلم ، وڻيو، توهان کي هڪڙي ڳالهه ٻُڌايان، منهنجي غزل جي انهي بند مونکي ڏاڍو تنگ ڪيو، عروض ۽ وزن جي حساب سان ڇڪي ڇڪي پورو ڪيو اٿمانس۔باقي ابڙا مون ته هن ۾ موبائل جي اڃان به ڪال جي ڳالهه ڪئي آهي، ير هتي ته مس ڪال به تعويز وارو يا ائين سمجهه اصل گولي وارو اثر ڏيکاري ٿي، مس ڪال کي ته مون هن دور جي عشق جي دروازي کي کولڻ جي چاٻي ڪري ليکيو ۽ ڄاتو آهي۔ تون يقين ڪر جڏهن به ڪنهن رس کوليندڙ آواز واري اڻ ڄاتل ڪال مونکي ملندي آهي ته مان السلام عليڪم چئي ۽ بابا ۽ پُٽ واري لفظن سان مخاطب ٿيندو آهيان ته مونکي اهو جواب ملندو آهي ته توهان کي شرم نٿو اچي جو مونکي جان ، جاني ، پياري جي لفظن سان نٿا پُڪاريو، پو ڪجهه گاريون ڪجهه پِٽُون ڪجهه پاراتا ۽ ڌمڪين سان انهن جو موبائل آف ٿي ويندو آهي۔ مٺا نثار ير هن غزل ۾‌ ٻيو به تنهنجي ڳالهائڻ لا گهڻو ڪجهه هو تو صرف انهي بند تي اڪتفا ڇو ڪيو۔ ٿي سگهي ٿو توهان جي هن غزل جي ڪجهه ٻين بندن تي ڳالهائڻ‌ سان مونکي ڪجهه نوان اڻ ڇُهيل ۽‌ ڪنوارا لفظ هٿ اچي وڃن ها۔ ان هوندي به مٺا توهان جا اصل اڻ ڳڻيا ٿورا جو توهان منهنجي ڀرپور همت افزائي ڪئي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو