مست شابس هجئي۔۔۔ تون ته ڀيسان تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهين۔۔۔ الله شل وڌائيندي۔۔۔۔۔۔
اسان پاران به مبارڪون جاني۔۔۔۔
مست کي مُبارڪون واجب آهن،
کيس ڏيڻ مارڪون واجب آهن ۔
خير پوري حال ۾ ممبئي جا رنجيت،
کائڻ ته کارڪون واجب آهن ۔
هل سائين۔۔۔۔ وڏي ڳالهه آهي ، مان کي ته خبر ئي ڪانه پئي ته مان ڪو 3000 جي انگ کي وڃي پهتو آهيان، سنڌ سلامت ۽ توهان دوستن جي محبت ۾ ته خبر ئي ڪانه ٿي پوي ته ڪاٿي پهتاسين۔۔۔ وڏي مهرباني جو توهان دوست اسان جي تحريرن تي نظر رکو ٿا۔۔
ادا مست هيءُ اوهان جي اها محنت آهي & اهو قيمتي ٽائيم آهي جيڪو اوهان اسان لاءِ & سنڌ سلامت لاءِ وقف ڪيو اوهان يقينن قابل تعريف آهيو
ادا سنڌ سلامت اها جڳهه آهي جتان مون گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ گهڻي ئي عزت ملي آهي، جنهن جي لائق هي مست ويچارو نه آهي۔۔
سنڌ سلامت جا دوستو! ادي اسد ميرجت پنهنجو نالو مست سوچي سمجهي رکيو آهي ۔۔۔ “مستن سان ڪير پڄي” وارو پهاڪو ته ٻڌو هوندوَ ۔۔۔ نوجوان آهي ۔۔۔ سنڌ سان پيار ڪندڙ آهي، دل وڏي اٿس ۽ ادب جو به دل گهريو آهي ۽ سنڌي لکڻ ته اهڙي اچيس جو چڱن کي چت ڪيو ڇڏي۔۔۔ هاڻ ان ماڻهون سان ڪير پڄي ۔۔۔ اسين سندس سنگت ۾ هلڻ جي گهڻي ڪوشش ڪريونٿا پر ساڳي حالت پوڙهن جيئان سهڪي ٿا پئون ۽ پو هي همراه پاڻ بيهي اسانکي پاڻ سان گهليندو هلي ۔۔۔
يار مست! ڪي ماڻهون اڻ موٽ هوندا آهن ۔۔۔ اوهانجو شمار به اڻ موٽ انسانن ۾ آهي ۔۔۔ هلن ته پو هلي پون ۔۔۔ ۽ اهڙا هلن جو ٻين کي کڻي هلن ۔۔۔
هڻڻ، هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان اي مرڪ،
وجهـــــن تان نه فـــــرق، رڪ وهنـــدي رانــد ۾۔
لک لک شاباسون ۔۔۔ اسين به اوهانجي پٺيان پٺيان آهيون ۔۔۔ حال پريان نال ۔۔۔
رب العالمين اوهانکي ڪوسي وا کان بچائي ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ
ادا مست اوهان کي 3000 مبارڪونادا سنڌ سلامت اها جڳهه آهي جتان مون گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ گهڻي ئي عزت ملي آهي، جنهن جي لائق هي مست ويچارو نه آهي۔۔
ادا مست اوهان کي 3000 مبارڪون
مست ،
سڀ کان پهريائين ته مان اهو وضاحت ضروري سمجهان ٿو ته مون جي نظر نه موضوع تي نه پئي آهي نه ته ايترو جلد اوهان کي مبارڪ نه ڏيان ها بهرحال سياڻا چوندا آهن ته دير آيد درست آيد ان چوڻي ته توهان کي 3000 نه پر 3688 تحريرن جي مبارڪ هجي ،
ادا مست توهان جي محنت جي هاڻي ڪهڙي تعريف ڪجي چوڻي آهي ته ماڻهو جو ڪم پاڻ ئي ڳالهائيندو آهي
ان نموني سان توهان جو ڪم پاڻ ئي ڳالهائي رهيو آهي دير سان ريپلائي ڪرڻ تي هڪ دفعو ٻيهر معزرت
پر هڪ ڳالهه ٻئي به اٿئي مست جيڪي هيرو هوندا آهن يا ته اهي اڳ ۾ هوندا آهن يا وري صفا اصل آخر ۾![]()