جيئن ته مان دوستن کي اڳ ۾ ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته سنڌسلامت فورم کي لاڀائتو بنائڻ لاء جابس جي آپشن جو وڌا ء ڪجي۔ پر دوستن ان تي ڌيان نه ڏنو۔ مان وري دوستن کي اها صلاح ڏيندس ته فورم تي جاڻايل آپشن جي وڌاء سان ڪافي فائدو ٿيندو۔ ان ۾ مختلف اخبارن ۾ ايندڙ اشتهار رکياو ڃن ۽ ٻيو ته جيڪي دوست روزي سان لڳل آهن ۽ انهنجي ڪمپني ۾ جيڪڏهن ڪا ويڪنسي ٿئي ٿي ته اهي هن فورم ذريعي دوستن اها دوستن تائين پهچائن۔ منهجي سائين رشيد صاحب ۽ بين دوستن کي گذارش ڪندس ته هو هن ڳاله تي ضرور غور ڪجو۔
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي ادا سائين اهڙي سهڻي صلاح ڏيڻجي مهرباني، اهڙو سيڪشن وقت جي ضرورت آهي، انهيءَڳالهه تي پهرينءَکان ئي غور ويچار هلي رهيو آهي، جنهن ۾ جاب سيڪشن، جابس جي باري ۾ انٽرويو جا طريقا، انهن انٽرويوز ۾ پيش ٿيڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جا سهڻا طريقا ۽ٻيون ضروري ڳالهيون شامل آهن۔ توهان دوستن جي لاءِ جلد اهڙو سيڪشن کوليو ويندو۔۔۔
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي جي تمام سٺي خبر توهان ٻڌائي آهي هن آپشن جي تمام ضرورت آهي ۽ ٻيو جيڪو توهان چيو آهي انٽرويو جي سکيا ان سان تمام سٺو فائيدو ملندو مهرباني سائين
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي ادا انشاءَالله اهو آپشن جلد ئي شروع ڪيو ويندو، ڪجهه ڏينهن کان وٺي ادو ايڊمن مصروف آهي جيئن ئي وقت ملندس ته انشاءَالله اهو پنهجو جادو ضرورو ڏيکاريندو
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي ادا شبير توهان تمام بهترين صلاح ڏني آهي ۔۔۔ دوستن کي گذارش آهي ته اهڙا موضوع في الحال ”اکر پڙهه الف جو“ سيڪشن موڪلين ۔۔۔ جيئن ئي ڪجهه موضوع گڏ ٿيا ۔۔ هڪ نئون سيڪشن ”سنڌ سلامت روزگار“ جي نالي سان بڻايو ويندو۔۔۔
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي ادي شبير جتوئي نهايت اهم موضوع طرف اسان جو ڌيان چڪايو آهي۔ آءُ به انهي راءَ سان سئو سيڪڙو مطفق آهيان۔ مان به چاهيندس ته اهڙو سيڪشن جلد اسان جي فورم جو حصو بنجي۔ اميد ته اسان کي جلد اهيو سب فورم ڏسڻ لاءَ ملندو۔ ادا شبير جتوئي توهان جا لک ٿورا۔
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي ادا سائين آسلام عليڪم توهانجو مشورو ڏاڍو ڪارآئتو۽ وقت جي ضرورت مطابق آهي ۔هن تي هڪدم عمل ٿيڻ گهرجي۔ن ت سوچڻ ۾ ت سال گذري ويندا ۽ دنيا آلائي ڪٿي وڃي پهچندي۔
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي السلام عليڪم ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحب ادا دوستن جي صلاح کي اهميت ڏيندي اهڙي آپشن جو واڌارو ڪيو ويو آهي ان ۾ ڪافي ٿريڊ اچي به ويا آهن توهان مهرباني ڪري هت ڪلڪ ڪري ڏسو وٺو ادا ان کان علاوه به توهان جي صلاح مشورن جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي فقير سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان نشاندهي ڪئي ورنه اسان جهڙا ٻيا به اڃا ووٽ داخل ڪرايون ها بهرحال اوهان جي اها به نوازش آهي جو دوستن جي راء جيڪا اهميت جوڳي آهي ان تي فوري طور عمل ڪيو ٿا.
جواب: فورم تي هڪ آپشن وڌائڻ جي ضرورت آهي ادا اوهان اصل اسان جي دل جي ڳالھ ڪئي آهي بيشڪ آئون پڻ توهان جي حق ۾ ووٽ ڏيندس ۽ علي کي پڻ اسان جي به درخواست آهي ته مهرباني ڪري جيترو جلدي ٿي سگهي جوب آپشن ڏيندا ته اسان کي جوبز ڳولڻ ۾ سولائي ٿيندي،