استاد حامي مرحوم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ کوسو طرفان آندل موضوعَ ‏24 جولائي 2010۔

  1. کوسو

    کوسو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مئي 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڊاڪٽرعطا محمد حامي
    از علي احمد بروهي
    نيٺ استاد حامي به اسان کي ڇڏي ويو۔ وڃي اصلوڪي ماڳ جا وڻ وسايائين۔ڏاڍي تڪڙ ۾ ٿي ڏٺو. ڀانئن ته آتو ويٺو هيو. جيئن ڪو ٽيشن تي ٽپڙ رکي گاڏيءَ جي اوسيئڙي ۾ هجي. ويو به اڪيلو ۽ اوچتو. وات ٽڪاڻي به ڪانه ڪيائين ، ته ڪا هلندي جيڏيون ؟ خير ، جي وڃان وڃان ڪن سي رهي رهندا ڪيترو؟ هونئن به هتي رکيو ڇا هيو. صبح منجهند ۽ سانجهي . وري سورن ڀري جبل جيڏي رات! زندگي ته نه هئي ڪو ٽمجهڻ هئي. ٻارهوئي ڀنڊڻ . وري ڪو هڪ اڌ سور هجي تڏهن به چڱو. هتي ته ڄڻ گداڙي ويائل هئي. اڃا به شڪر ، جو هر روح پٺيان ڪونه ڪو روڳ لڳل هو. جنهن رڃ جي لقاءُ ڪڍ هرڪو چرين جيان ڊوڙندو ٿي رھيو. ڪو دنيا جو پوڄاري ھيو. ڪو ڪنهن ديويءَ جو ديوانو ھيو. ڪو ڪرسيءَ جو پروانه ھيو. هرڪنهن پنهنجي روح جي ورنھه ٿي ڳولي يا ڪو راءُ ٿي ريجهايو. پوءِ ڪنهن ڦيريون پائي ، مرليون وڄائي يا نراڙ نوائي.
    استاد حامي اھڙين مڙني مشغولين جي جھنجھٽ کان آجو ھيو. وتائي فقير جيان هو نه ھيو ڪنهن جي تيريءَ ۾ نه ميريءَ ۾ . هن جي ڪنهن جي آتڻ يا آکاڙي ۾ ڪا گھري دلچسپي ڪانه هئي. هو ڪڏهن ڪڏهن پري کان بيهي جڳ جو تماشو ڏسندو ٿي رهيو. اهو به فقط رونشي خاطر . جيئن ڪو ٻھراڙيءَ جو ٻار ڊونڊي ٻير تي چڙهي ملاکڙھه جو مزو وٺندو رهي . پوءِ ڪير کٽي ته ڇا يا ڪير هارائي ته ڇا اڃان به هارائڻ واري لاءِ ڪجھه هڏ ڪُرڪندو هيس . الله پاڪ کيس دل ئي اهڙي نازڪ ڏني هئي. جهڙي نرمل ۽ ڪومل مکڙي . ڪنهن جو ڏک سور سھي نه سگھندو هيو. شاعريءَ کي به شايد ان ڪري نپايو هوائين ته جيئن سندس دل کي ڪو ڳـٿو ملي ، جنهن وسيلي سندس غم جا غبار دور ٿي سگھن . عاشق مزاج به بي انت هيو. سونهن سندس روح جي غذا ۽ جيءَ جو جياپو هئي. آخري ڏينهن هڪ سٽ ور ور ڪري ٿي ورجائين . ” محبت نه جن جي من ۾ تن جي مٽي اڻاسي.“
    مون ته استاد حاميءَ کي هردم کلندي ڏٺو. الله پاڪ کيس خلقيو ئي اهڙو خوشخلق هيو. ننڊ ۾ توڙي سڄاڳ . معلوم ائين ٿيندو هيو ڄڻ کلي رهيو هيو. اسپتال ۾ بيماري جي بستري تي ته سندس کل عجيب لڳندي هئي . خاص طور جڏهن کلندڙ ڪئنسر جو مريض هجي. وري مرض جي کيس ڄاڻ به هجي . اندر ۾ وڍ ڪٽ جي پيڙا به چوٽ تي هجيس . آئون ته کلندو هيس کيس کلائڻ لاءِ . جڏهن پيٽ جي زخم مٿان هٿ ڌري کلندي ، وري سور جي ٽاٽ اڀرڻ ڪري ڪنجھندو، ته آئون ڇرڪي ويندو هيس . ڪڏهن ته ائين ڀائيندو هيس ته ڄڻ موت مون تي کلي رهيو هيو . موت هيو يا ڪا ٻي هستي؟ بنگال جو مشهور شاعر قاضي نذرالاسلام جڏهن ڪنهن ڪوڙه جي مريض کي کلندي ڏسندو هيو ته چوندوهيو ته” خدا پاڪ پاڻ کلي رهيو هيو.“ استاد حاميءَ کي کلندي ڏسي مون کي به اهڙو گمان اڪثر گذريو.
    سموري زندگي ائين مرڪندي مشڪندي ۽ کلندي گذريس. ائين به نه هيو ته ڪو هميشه حورن جي هنج ۾ رهيو. بلڪل نه. پليو نپيو پڙهيو ڏکن ڏوجھڙن ۾ هيو. گذريل سال ته مٿس قيامت ٿي گذري. ڪٽنب جا چار ڏيئا هڪ ٻئي ڪڍ اجھامي گل ٿي ويا. انهن ۾ هڪ ته سندس ڳڀرو پٽ هيو جو ڪاليجي شاگرد هيو. اوچتو مٿي ۾ سور پيس . چئن ڪلاڪن جي چٽ گھٽ ۾ نه تو ڏٺو نه مون ڏٺو. خيرپور جي خلق شاهد آهي ته استاد حاميءَ ڳوڙهو اکين نه ڳاڙيو. چي ” جنهن مالڪ ڏنو ان سنڀالي واپس ورتو. منهنجو اڌ يا ٽهائي؟ آئون وچوارو ۽ ٽياڪڙ ڪير جو ارهو ٿيان . “ هن ڀيري البت آنو ٻٽو دلگير ٿي ڏٺو. پنهنجو غم ته خير ڪي هيس . چيائين ته” نبين جي وصال واري عمر اٿم . ٽيهٺ سال پورا ڪري چڪو آهيان . وڌيڪ ڌرتيءَ تي ڌرڻو ماري ويهڻ جي آس به ڪانه اٿم . پر يار امڙ جيئري اٿم . ڪراڙي ٻڌندي ته مري ويندي . صدمي سهڻ جهڙي آهي ئي ڪانه. گھٽ ۾ گھٽ آئون ڇو سندس دل ڏکائڻ جو بهانو بڻجان؟.“ ايئن چوندي سندس اکڙين ، جي ڪامڻ ڪارڻ سايون ٿي چڪيون هيون ، ۾ ڳوڙها تري آيا. پر اکيون ڇنڀيائين نه. متان ڳوڙها ڇلڪي ، قطار ڪري ، هيٺ نه وهي ڇڙن ـــــ
    منهنجي استاد حاميءَ سان ڏيٺ ويٺ اڄ کان اٺاويهه سال اڳ خيرپور ميرس ۾ ٿي جتي مون نوڪريءَ سانگي وڃي ديرو دمايو هيو. ان دور ۾ منهنجي ڄاڻ سڃاڻ ۽ سنگت ڳچ اهڙن انسانن سان ٿي ، جن جي ياد ۽ ساٿ اڃان سوڌو پنهنجي زندگيءَ جو املهه سرمايو ٿو سمجھان . مرحوم اميد علي شاه ، مرزا نور حسين ، هادي بخش لاڙڪ ، قائم علي شاه ، منظور حسين پنوهر ، عطا محمد حامي . سموري ڪھول ۾ استاد ۽ آئون ٻيئي عمر ۾ لڳ ڀڳ هوا سون . استاد 1919 ۾ ۽ آئون 1920 جي پيدائش هيس . پاڻ ۾ ويها اڻويها هئڻ کان اڳڀرو اسان ٻنهي جي پاڻ ۾ ڪا خاص نسبت نه هئي . اڃان به افعالن ۾ هڪ ٻئي جي ابتڙ هوا سون . آئون چلتو پرزو ۽ چيڙاڪ هئڻ سان گڏ سڀني بڇڙاين جو بولٽن مارڪيٽ هيس . برعڪس ان جي ، استاد حامي سادو سودو ، ماٺيڻو ، حليم ، با اخلاق ۽ هڪ درويش صفت انسان هيو. جهڙس محبتي ۽ مٺڙو ماڻهو مون مشڪل سان ڏٺو.
    اها سندس مٺاس ئي هئي جنهن جي سبيل هئڻ ڪري استاد ڪيئي مرض پرايا. ڪجھه سال اڳ کيس ذيابيطس وچڙي . پوءِ کيس سائي يا يرقان جو عارضو ٿيو. مهينو اڳ سندس نياڻيءَ پٺيءَ تي ٿڌڙا ڪڍندي ۽ پِتُ ماريندي استاد جي ڪُک وٽ ڪجهه ڳوڙهي ڏٺي . ٻئي ڏينهن استاد اسپتال وڃي آموسيل هنڌ ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ تپاس لاءِ جناح اسپتال ڪراچي روانو ڪيو. داخلا جي چوٿين ڏينهن تي سندس آپريشن ڪئي ويئي. ٻن هفتن کانپوءِ وري ٻي آپريشن جي تياري ٿي. ٽئين ڏينهن صبح جو يار ويندا ڏيکاريندا . ٽن هفتن ۾ ٽيهٺ ورهين جو اُڀريل ۽ اُسريل وڻ ڪاٽا ـــــ
    انا لله و انا اليه راجعون
    صاحب جي صاحبي عجب ڏٺي سون . ماکي ۽ مصريءَ جهڙي مٺي ماڻهوءَ کي ڪئنسر جي مرض ۾ نهوڙي نيڻ ! الاهي اسرار هيو يا آزمائش ؟ چئي نه ٿو سگهجي . پر هر حال ۾ اها قدرت جي ڏاڍ مڙسي ضرور چئبي . ڪئنسر ڪو انساني مرض ٿورو ئي هيو. هي ته ڪا ڪاسائڪي ڪار هئي . اها به مڏي ڪاتيءَ سان مارڻ هيو. اهو به اهڙي ماڻهوءَ کي جنهن زندگي ۾ شايد ڪک کي به نه رنجايو هجي . اهڙي اپيپاه کي اها بيماري بڇيندي قدرت کي ڪجهه ڪهڪاءُ ته اچڻ گهربو هو. ان بيماري ۾ جنهن کان دشمن کي به الله شل پناه ۾ رکي ، پنهنجن ڪجهه پيارن عزيزن ۽ دوستن کي بک ٿيندي ڏٺو هيم ، جي بيحد شريف ۽ نهايت نيڪ انسان هوا . جيئن ته پنهنجي مرحومه همشيره ، منشي نور قادر علي ملنگ ۽ استاد حامي . ٽنهي جي بيماريءَ واري مدت ساڻ گڏ گذاريم . آخرين گهڙين تائين . ڄڻ تربيت ٿي حاصل ڪيم . هاڻ ته اهو ايمان ٿي چڪو اٿم ته ڪئنسر ڪجهه به آهي ، پر سزا هرگز نه آهي . ٿي سگهي ٿو فقط موت جو سڏ هجي . آئون به ايندڙ نومبر ۾ عمر جي ٽيهٺ ڏاڪي تي پير رکڻ وارو آهيان . جي الله پاڪ اها عنايت مون تي به ڪئي ته اکين تي . پر مهابي پاڪ رسول جي . ان نوازش گڏ شل اهڙي سور سهڻ جي توفيق مون کي به ڏئي ، جا استاد حامي کي بخشي هوائين .
    هڪ ڏينهن ڀٽ شاه وڃڻ ڪري استاد وٽ وڃي نه سگھيس . ٻي ڏينهن تي ڏوراپو ڏنائين ، ” ادا سائين ائين بيوفائي ته نه ڪر . آئون هتي علاج لاءِ ٿوروئي آيو آهيان ، مان ته ظالم تو سان ڪچھريون ڪرڻ آيو آهيان “. لاڏاڻي کان پنج ڏينهن اڳ وري به تغاتو ڪيائين . ” ڀائو متان ڀيرو ڀڳو اٿيئي . باقي ڏهاڙا آهن چار“.
    مون وائڙو ٿي پڇيو ته پوءِ؟ ” پوءِ ادل وينداسين اباڻي وطن “. پر ڊاڪٽر توکي ڳوٺ وڃڻ جي اجازت ڏيندا؟ کلي چيائين ته ” دلبر ڏاڍو ظالم آهين . سمجھين به ٿو ته ڪهڙي ڳوٺ جي ويٺو ڳالھه ڪريان . پوءِ به پڇي پڪ ٿو ڪرين ؟ “
    ٻين يارن جي آئي آئون ڳالھه کي لنوائي ويس . موقعو وٺي استاد سان ڳوٺ هلڻ جي ڳالھه چوريم . چيائين ته ” ڀلي . پر ڊاڪٽر کان اجازت وٺڻي پوندي “. اهو ذمون پاڻ تي کنيم . ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ مرض دوا درمل جي سطح کان مٿي چڙهي چڪو هيو . ٻيو استاد کي وڏي اُڻ تڻ هئي پنهنجي امڙ سان ملڻ جي جيئن ته هوءَ ڪراچي اچڻ جهڙي نه هئي . ٻئي ڏينهن شام کان وٺي رات تائين آئون ڊاڪٽر جي ڳولا ۾ رهيس . پر ڪو پتو پئجي نه سگھيو. ٽئين ڏينهن تي نيرن مهل اسپتال پهتس . معلوم ٿيو ته استاد کي ٻي آپريشن لاءِ وٺي ويل هوا . ڀائو منگيءَ احوال اوريو ته ڪالهه شام ڊاڪٽر سمورو وقت هتي استاد وٽ ، ٻي آپريشن جي وٺڻ لاءِ آيل هيو. ان آپريشن کان پوءِ حالت تيزي سان بگڙندي رهي . تان جو هي فانوس اجھامي ويو.
    حامي مرحوم هڪ مخلص ۽ محنتي انسان هيو. ٻاراڻي اسڪول جي ماستريءَ سان زندگيءَ جي شروعات ڪيائين . نوڪريءَ سان گڏ وڏي پڙهائي به جاري رکيائين. گرئجوئيٽ ٿيڻ بعد ” ناز هاءِ اسڪول“ ۾ ماستر ٿي خيرپور ۾ آيو. جڏهن يونيورسٽي قائم ٿي ته سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان مدت ۾ تحقيقي مضمون لکي علمي ڊاڪٽريءَ جي ڊگري به حاصل ڪيائين . چاليهه سالن کان وڌيڪ عمر جو عرصو علم ۾ سيڙايائين . خيرپور ضلعي ۾ ورلي ڪو لکيل پڙهيل نوجوان هوندو جو سندس شاگرد ٿي نه رهيو هوندو . سندس سموري عمر علم جي ڏس ۾ هڪ لڳاتار جدوجهد ۽ خلق خدمت هئي . ساڳي ريت ادب جي ميدان ۾ نثر توڙي نظم ۾ سندس نالو سنڌ جي چوٽيءَ وارن اديبن ۽ شاعرن ۾ شمار ٿيندو هيو. سندس سنگت جو دائرو به سموري سنڌ جي آراضيءَ تي پکڙيل هيو . هر هڪ سان ياري دوستي ملهائي پاڻ موکيائين . پنهنجي گھراڻه ، ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ جي رهاڪن لاءِ ته حامي صاحب هر حاج ۽ هر مشڪل ۾ خواجه خضر جي حيثيت رکندڙ هيو . سنڌي ٻوليءَ جو سچو خادم ، عاشق ۽ سنڌ جو صحيح معنى ۾ سپوت هيو. سندس زندگي سڦلي گذري ۽ اڳڀرو رواني ٿي . زندگي ڪا الله جي ڏنل سوکڙي ته نه هئي. پر هڪ قرض هيو. جو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور واپس ٿيڻو هيو. اها اوڌر واپس ٿي. ليکوئي ختم.
    استاد حاميءَ سان روزانه ٻه ٽي ڪلاڪ کن روح رهاڻ ٿيندي رهي . ان گفتگو ۾ موت جو ذڪر ڪڏهن به زير بحث نه آيو. توڙي جو موت اسان ٻنهي جو سوچ ۽ خيال تي پوري شدت ۽ دهشت سان ڇانيل هيو. اهو به الله پاڪ جو اسان مٿان وڏو احسان آهي جو موت کي انساني اکين اڳيان غائب رکيو اٿس . پر جي موت ظاهر ظهور گھٽين بازارن يا اسپتالن ۾ گھمندي ڦرندو ڏٺو وڃي ، ته شايد گھڻن جو خون خشڪ ٿي وڃي ۽ چرين جي آدمشماريءَ ۾ چڱو واڌارو ٿي پوي. اسان کي اها ڀليءَ ڀت ڄاڻ آهي ته موت اسان جي پُٺ وٺندو ۽ پير کڻندو ٿو رهي ۽ اسين سندس عقابي نظر کان ڪڏهن به لڪي ڇپي نه ٿا سگھون . عجب ته هي آهي جو جيئن اسين قبر جي ويجھو ايندا ٿا رهون اوترو موت اسان جي خيالن ۾ پرڀرو ٿيندو ٿو رهي . تحقيق اهو معجزو فقط الله پاڪ ئي سر ڪري سگھي ٿو.
    اها به خاطري آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن اسان کي ضرور مرڻو آهي . در اصل زندگيءَ جي اصل حقيقت ئي موت آهي . باقي ته آهن ٻڌل ڳالھيون يا گشا پتا. اهي ڌڪا به اسين اڪثر غلط ٿا هڻون . جيئن ڪي ٻار هڪ گھاٽي جھنگل ۾ بنان خوف خطري جي گھمندا ڦرندا رهن . تيئن اسين به زندگيءَ جي اوڙاه ۾ هٿوراڙيون ڏيندا رڙهندا ٿا رهون. اسان کي ته اها ڄاڻ ئي نه آهي ته سڀاڻي ڇا ٿيڻو آهي؟ ڪهڙا خطرا درپيش ايندا . حضرت موت سان ميلو ملاقات ڪڏهن ٿيندي ؟ شڪر آهي جو ان بي خبري ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ ئي اوچتو اجل اچيو سهيڙي . اسين پوءِ خواب جي دنيا ۾ داخل ٿي ڪنهن خيال جي اڏام ۾ مست رهون ٿا . ٿي سگھي ٿو ته مرڻ کان پوءِ اسان کي اها سڌ ئي نه رهي ته ڪو اسين مري چڪا آهيون! ـ
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: استاد حامي مرحوم

    ان لله و انا اليه راجعون
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: استاد حامي مرحوم

    ان لله و انا اليه راجعون سائين هن جي باري ۾ ٿورو تفصل سان ٻڌايو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو