جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، ابا همانگير۔۔ يار انهيءَبجليءَواري ڪٽليءَکي ته پري رکينس۔۔ مان کي ۽ مون واري مستڻ (توهان واري ڪاڪي) کي ان بجليءَجي ڪٽليءَمان ڊپلڳندو اٿئي، اصل ککر کان به ايترو نه ڊڄون جيترو ان کان۔۔ ڀلا هڪ ڪم ڪر ته چانهه ڪوپن ۾به تون پاڻلاهي ڏي۔۔ ته سنگت دعائون ڪندئي،،
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، ها ادا مان توهانجي خدمت جي لاءَ آهيان حاضر ادا حاضر
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، واھ سولنگي ڪم ته صفا لش پش ڪيو ٿئي پيسا بچي پيا مان وڃان پيو هوٽل تي پيئڻ۔ يار وڃان هان هوٽل تي وري ڪو تو جهڙي دوست ملي وڃي هان اُهو به پنهنجي ڪلهي تي تنهن کان پو ڊاڙون باشون هڻي هڻي مٿي ۾ سور پئجي وڃي هان اسان جي ڀرسان هڪ هوٽل وارو آهي سو به پٺاڻ الائي چانھ ڪرڻ وقت هٿ به صاف ڪندو آهي يا نه۔۔۔۔۔۔ هتي ته اوهان ماشاالله پنهنجي هٿن سان چانھ ٺاهي آيا آهيون۔ هڪ ٽڪيٽ ۾ ٻه مزا وري بسڪيٽ به اصلي عيد ڪري ڇڏئي شان جڙيو هجين الله وڏي حياتي ڏئي۔ چانھ سهي هلا ٻئي سنڱت به پوئتي آهي ادا نثار جي لابه رکجا صبح ادا نثار کي مٿي ۾ سور وجهي ڇڏيو هو تون۔۔۔۔
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، مون سوچيو ته ڪجهه ڪاڪي اچار واري اوطاق جي خدمتڙي به ڪجي، رڳو پيٽ تي زور آهي۔ هي وٺ ادا چانهن ڀري کڻي آيو آهيان۔
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، چلو سهي آهي بهترين ادا مان ماني تيار ٿو ڪرايان اوهان چانھ ڏيو دوستن کي۔۔۔ سهي آهي۔۔۔؟
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، ادا ۔۔۔ واقعي سڀني اوطاقين لاءِچانهه بچائي رکجان، ويچارا جيڪي ٿورو دير ڪري اچن ٿا پوءِ چانهه ۽ ماني نه ملڻجون دانهون ٿا ڪن، ٻيلي ايئن نه ڪريو ڪاڪي آچار جي اوطاق جي لڄ رکجو۔۔۔
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، ادا مست ڪاڪي آچار جي اوطاق تان ڪوئي به خالي ڪونه ويندو
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، واهه واهه سائين اصل لئه ڪرائي ڇڏيئي اصل علي علي جي ڀوري مينهن واري کير مان ٺهيل گهاٽي چانهه کان به وڌيڪ گهاٽي آهي، اها چانهه پي ته مست ڪاڪا آچار جو به مٿي جو سور لهي ويو، ڪٿان ٺهرائي اٿوَ ادا۔۔ ڪا نئين ڀوري مينهن هٿ ٿي آهي ڇا ڀلا۔۔۔
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، ادا کنڊ وجهي ڇڏي آهي، رڳو ملائڻي آهي، حسب ضرورت
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، نه ادا نئين ڀوري مينهن ڪٿي، علي علي واري واري ڀوري مينهن جي ڀاڻيجي آهي، ڀٽاري کير ٿوري ڏيندي آهي، پر واهه جو کير ۾ ذائقو اٿس، اڄ جيڪو به کير ڏنائين سو اچي اوطاق وارن لاءِ چانهه ٺهرائي ڪري کڻي آيو آهيان، گهر وارن جا ڀاڳ گهر سان۔
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، همانگير يار مان جي ته چانھ نصيب نه ٿي هاڻي ڇا ڪيان يار ۔۔۔؟ فرج ۾ کير به ڪونهي يار جلدي ڪر مٿي ۾ سور پيو آهي
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، تڏهن ته چوان ته چسڪو ته ساڳو انهيءَمينهن جي کير واري چانهه جو آهي، سلام آهي توهان کي ادا عبدالوهاب، جو علي علي جي ان ڀوري مينهن کي ۽ مينهن جي نسل کي منهن پيو ڏين۔۔ توهان کي ته هڪڙي ڪُتر مشين نه پر الائي جي ڪيترن ئي ڪُتر مشينن جو گاهه ڪرڻو پيو هوندو۔۔ ها ها ها
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، ادا ڀوري مينهن جو کير ته ختم ٿي ويو بس هاڻي تنهنجي نصيب ۾ سليماني چانهه اٿئي، اونئين به اها چانهه مٿي جي سور لاءِڀلي هوندي آهي۔۔ وٺ پي عيش ڪر۔۔۔
جواب: دوستو چانه پيئو ڪاڪي آچار جي اوطاق تي شام جي چانه جوٽائيم ٿي ويو آهي، ادا وري هاڻي توهانکي ناشتي ۾ چانه نصيب ٿيندي انشالله