• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيروزگار نوجوان 20 منٽن جي اندر نوڪري حاصل ڪري ورتي۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
دنيا ۾‌بيروزگارن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي پيو، ۽‌ روزگار نه ملڻ‌جي ڪري ڪيترا ته خودڪشيءَ‌ تي مجبور ٿي پيا آهن، پر ڪيترائي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي حوصلو نه ٿا هارين ۽‌ مختلف طريقن سان جدوجهد ڪري نوڪري ماڻين ٿا۔۔۔
هڪ تازو مثال برطانيه ۾‌ڏسڻ ۾ آيو، جتي به هاڻي بيروزگار ماڻهن جو تعداد دنيا جي ٻين حصن وانگر وڌي رهيو آهي۔ لنڊن جي هڪ شهر ۾ هڪ بيروزگار نوجوان بيروزگاريءَ‌جي لعنت کان تنگ ٿي زوردار وسندڙ مينهن ۾‌ عام شاراهه تي ”مهرباني ڪري مون کي نوڪري ڏيو“ (پليز گِو مي اَ جاب) جو بينر کڻي بيٺو، انهيءَ‌ڪاوش جي نتيجي ۾ کيس 20 منٽن ۾‌نوڪري ملي وئي۔ 2 سالن جي عرصي کان نوڪريءَ‌جي تلاش‌۾‌ گهمندڙ هن نوجوان زوردار وسندڙ‌‌ مينهن ۾‌ انهيءَ‌ بينر سان بيهي ماڻهن جي توجه حاصل ڪري ورتي، ڪجهه ڪلاڪن جي ڪوشش کان پوء هن کي اتي بيٺل ڏسي هڪ ڪمپنيءَ‌جي ڊائريڪٽر پنهنجي ڪار روڪي کانئس اتي ئي 20 منٽن جو انٽرويو ورتو ۽ کيس انٽرويو ۾‌ڪامياب ٿيڻ تي انهيءَ‌مهل ئي نوڪري جي آفر ڪئي، جيڪا هن قبولي ورتي۔۔

20t10mp.jpg
 
جواب: بيروزگار نوجوان 20 منٽن جي اندر نوڪري حاصل ڪري ورتي۔۔

لڳو ائين ته ٍڄڻ توهان ڪو گر ڏيندو پر نائيس شيئرنگ آادا
 
جواب: بيروزگار نوجوان 20 منٽن جي اندر نوڪري حاصل ڪري ورتي۔۔

ادا مست پاڪستان ۾ اِهو نٿو ٿي پاڪستان جا حڪمران کي راستي تي بهرائي گولي هڻ جي اُها به زبان تي
ڇوجو ووٽ مال پيرن تي هوندا آهن ووٽ کٽڻ کان پوئي آفس ۾ به نه هوندا آهي

جيئي اونلائين ميڪنگ مني
 
جواب: بيروزگار نوجوان 20 منٽن جي اندر نوڪري حاصل ڪري ورتي۔۔

اها ته زنده قومن جي خاص ڳالهه آهي، تو هو احتجاج تي نڪري پوندا آهن، پوءِ ضرور ڪو نه ڪو ان جو حل نڪرندو آهي،
پر هتي احتجاج ڪيو ته هاءِ‌ به ويندي ته هوءِ‌ به هلي ويندي آهي۔
 
جواب: بيروزگار نوجوان 20 منٽن جي اندر نوڪري حاصل ڪري ورتي۔۔

دوستن جي مهرباني جن اهڙا سهڻا ڪمينٽس ڏنا۔۔
 
جواب: بيروزگار نوجوان 20 منٽن جي اندر نوڪري حاصل ڪري ورتي۔۔

ادا جيڪڏنهن اهو پاڪستان ۾ هجي هان ت انهن کي جيل امڻي ڇڏين هان....
 
جواب: بيروزگار نوجوان 20 منٽن جي اندر نوڪري حاصل ڪري ورتي۔۔

هتي ته بيروزگاري کان تنگ ٿي نوجوانن، مختلف احتجاج ڪيا، ڊگريون ساڙيون ايتري تائين جو پاڻ ساڙڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي پر نوڪري ته ٺهيو کيس ڪيس ائين ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ به ڪو نه پهتو۔۔۔
 
سائين پوءِ اها اسان ڊگري هولڊرن جي قسمت اهڙي آهي جو ملڪ پاڪستان ۾‌ڄاوا آهيون۔
 
Back
Top