ڀٽائيءَ جي پنڌن پيچرن بابت هڪ اڌورو انڪشاف نواز ڪنڀر/سانگهڙ ڀٽائي صاحب جا تڪيا، ساڻن منسوب هنڌ يا پاڻ جتي آيا، رهيا يا آرامي ٿيا، اهي هنڌ مختلف جاين تي موجود آهن. پر هڪ ته انهن جي گهربل مالڪي ناهي، ٻيو ته انهن جي باري ۾ جن جهونن وٽ روايتون ۽ خبرون آهن، اهي ڏاڍو تيزي سان موڪلائيندا وڃن. نوجوانن ۽ جهونن وچ ۾ وڌيل وڇوٽين سبب سينه در سينه هلندڙ روايتون به هاڻ منتقل نه ٿي رهيون آهن، جنهن مان صاف نظر اچي رهيو آهي ته جهونن جي موڪلائڻ بعد اهو سالن ۽ صدين جو ورثو ۽ علم، جيڪو سينن ۾ سانڍيل ۽ دلين جي درن پٺيان پيل آهي، اهو جهونن سان گڏ دفن ٿي ويندو. ان ڪري اچو ته گڏجي ڪو اهڙو فورم جوڙيون، جنهن جا ميمبر رضاڪارانه طور تي، انهن ”گوگل“ جهڙن جهونن کي ”سرچ“ ڪري، جهونن جي سينن ۾ سانڍيل علم کي رڪارڊ ڪري محفوظ ڪن. اهو سڀ ڪجهه انهيءَ ڪري لکڻو پيو پوي جو تازو ڀٽائي صاحب جي تڪيئن، انهن سان منسوب مختلف ماڳ مڪانن ۽ اتي چيل شعرن جي تلاش ۾ جڏهن پروفيسر محمد خان ٻرڙي ۽ دوست امداد راهي جي نشاندهي ڪيل ٽنڊي آدم جي هڪ پاڙي ۾ ڀٽائي جي اچڻ جي حوالي سان روايتون گڏ ڪرڻ لاءِ دوستن سميع ميمڻ ۽ ستار خاصخيلي سان گڏ پهتس ته اڪثريت کي ان حوالي سان ڪا به خبر نه هئي. صحافي دوست آچر خاصخيلي جي ڏنل پار پتن تي ڳوٺ الهه يار مري جي لورِڙ پاڙي مان نوجوان ولي مهر کي هٿ ڪيو سين ۽ جنهن داد محمد لورڙ (عمر 75 سال)، سندس فرزند محمد هاشم مهر ۽ محمد عمر (عمر 60 سال) سان ملاقات ڪرائي ته وڃي ڳالهه جي ڳن ۾ اڌورا هٿ پيا. انهن لورڙن جو اصل ڳوٺ موجوده ٽنڊوآدم شهر واري ريلوي اسٽيشن جي جاءِ تي هو. جڏهن انگريزن اسٽيشن ٺهرائي ته هنن لورڙن کي اتان لڏائي، موجوده هنڌ اچي آباد به ڪيائون ته کين روڊ رستا به ٺهرائي ڏنائون. اها جڳهه ديهه پئي سان لڳ آهي، پئي نالي جي حوالي سان تحقيق ڪرڻ سان نيون ڳالهيون سامهون اچي سگهن ٿيون. روايتن مطابق ڀٽائي سرڪار ايندي ويندي، وچين يا ظهر نماز هتي واري موجود محمدي مسجد ۾ پڙهي هئائون. اها مسجد گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي محمد کان الهندي لڳو لڳ، حيدر شاهه بزرگ جي نالي منسوب روڊ جي ڏاکڻي طرف واقع آهي، جيڪا هن وقت هڪ عالشيان پڪي مسجد جي صورت ۾ موجود آهي. ان وقت اها ڪچي ۽ ڇپر جي شڪل ۾ ٻڌائي وڃي ٿي. ڪن روايتن مطابق ڀٽائي هتان ايندا ويندا، ترسندا بلڪه راڳ جون محفلون به منعقد ڪرائيندا هئا. ڪن روايتن مطابق ڀٽائي هتان هوٿي مشائخ (جيڪو هتان ڏکڻ ۾ ڪجهه ڪلوميٽرن تي واقع آهي) ڏانهن ايندي ويندي گذريا هئا. انهيءَ کان وڌيڪ راوي چپ آهن! منهنجي پڙهندڙن ۽ ڄاڻ رکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته جيڪڏهن وٽن ڀٽائي جي انهيءَ الهه يار مري واري ڳوٺ ۾ اچڻ وڃڻ جي حوالي سان ڪي روايتون يا ڄاڻ هجي ته مهرباني ڪري اها شيئر ڪن، ته جيئن ڀٽائي سرڪار جي پنڌن ۽ پيچرن تي ايندڙ مورخن کي ڪم ڪرڻ ۾ سولائي به ٿئي ۽ رڪارڊ ۽ روايتون به محفوظ ٿي سگهن.
جواب: ڀٽائيءَ جي پنڌن پيچرن بابت هڪ اڌورو انڪشاف دوستو! ادي ممتاز هي جيڪو ليک ونڊ ڪيو آهي ، اها هڪ التجا آهي، عرض آهي سائين نواز ڪنڀر سانگهڙ واري جو ؛ ته اوهانکي لطيف سرڪار جي باري ۾ ڪنهن به قسم جي معلومات اوهانجي تر جي پوڙهن وڏن ۽ روايتن مان ملي ته اها لکت ۾ محفوظ ڪري سائين نواز ڪنڀر تائين پهتي ڪجي يا ڪنهن فورم تي ونڊ ڪجي ته جيئن اهڙيون تاريخي روايتون يا ڪهاڻيون يا ماڳن مڪانن جي معلومات محفوظ ٿي سگهي ۔۔۔ اچو ته نواز ڪنڀر صاحب جو هٿ ونڊايو ۽ سنڌ جي تاريخ کي محفوظ ڪيون ۔۔۔ اسان سنڌي هميشه تاريخ گڏ ڪرڻ ۾ سست رهيا آهيون انڪري اڄ به جڏهن ڪنهن تحقيق جي ڪم ۾ اڳتي وڌندا آهيون ته اڳيان خالي حال نظر ايندو آهي ۔۔۔ آزاد قومن جا تعليمي ادارا ڪروڙين روپيا خرچ ڪري تحقيقي ڪم ڪرائيندا آهن پر جيئن ته سنڌ هن وقت غلامي جي دور مان گذري رهي آهي انڪري اهڙي آس ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ آهي ۔۔۔ ان لا اسان کي شخصي طور اڳتي وڌڻو پوندو ۽ پنهنجا اثاثا محفوظ ڪرڻا پوندا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت