شينهن جي ڄڃ ۾ ڪوئو شينهن جي ڄڃ ۾ هڪ ڪوئو نچي رهيو هو. ڀرسان ئي ناچ ڪندڙ شينهن ڪوئي کان پڇيو ته شينهن جي ڄڃ ۾ تون ڪهڙي چڪر ۾ ناچ ڪري رهيو آهين. ڪوئي سيني تي زور سان هٿ هڻندي چيو ته، هي منهنجي ڀاءُ جي شادي آهي. پر تون ڪوئو ۽ هي شينهن، پوءِ گهوٽ تنهنجو ڀاءُ ڪيئن ٿيو. تڏهن ڪوئي رازداريءَ مان کيس ٻڌايو ته شاديءَ کان پهرين مان به شينهن هوس۔۔ ))))))))
جواب: شادي کان اڳ ادا درويش ڏاڍو ڪو زورآور آهين ۔۔۔ ڀلا اهڙا راز به فاش ڪبا آهن۔۔۔ هتي شڪل صورت ۾ نه سهي پر هرڪو ڪئو آهي۔۔۔ متان مون کي به سمجهو۔۔۔
جواب: شادي کان اڳ هل چري! مطلب ته شادي کان پو ماڻهون شينهن مان ڦري ٿيو ڪوئو ۔۔۔۔ هائو يار! ڳالهه سهي ڪئي اٿئي ۔۔۔ کلياسون به گهڻو ۽ جڏهن هوش آيو ته ”هڙ هلي وئي“ ۔۔۔ اڳي اسان به شينهن هوندا هياسون ۔۔۔ سڀ کان اڳ رڙ ڪئي آهي ادي رشيد! لڳي ٿو همراه سان وڏي ويڌن آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ پاڻ سان به گهٽ ناهي ٿي پر ٻين جا آزار ڏسي پاڻکي ويٺا خوش ڪيون ۔۔۔
جواب: شادي کان اڳ ها ها ها ۔۔ سائين توهان جي اها ڳالهه ٻڌي مون کي هڪ صورت حال ياد اچي وئي۔۔ اسان جي ڊپارٽمينٽ۾هڪ ليب انچارج جي پگهار جا 3 هزار رپيا ڪنهن ڳالهه جي ڪري ڪاٽا ٿي ويا۔۔ ٻئي ڏينهن اسان جي هڪ استاد جنهن جا وري 9 هزار ڪٽجي ويا۔۔ ان ايئن ئي ويٺي ويٺي ڪچهري ۾ کلندي اها ڳالهه ڪئي ته يار منهنجا به ته 9 هزار ڪٽجي ويا آهن۔۔۔ اهو ٻڌي ليب انچارج هڪ اندازِ بي مثال سان پنهنجي اکين تان چشمو لاٿو، اميتابهه واري اسٽائل سان سائينءَڏانهن ڏسي۔چيو ”اورون ڪا غم ديکها تو مين اپنا غم بهول گيا“ اهو ڳالهه ٻڌي سڄي سنگت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ سڀ سنگت پيٽ وٺي کلي رهي هئي۔۔۔ ها ها ها
جواب: شادي کان اڳ ادا عمران ڇڏ اهڙي مزاڪ کي اڃان اسين ڪنوارا آهيون مس مس وڃي شادي لا تيار ٿيا آهيون اگر اهڙا ڊپ ڏيندي ته اسين وري شادي کان انڪار ٿا ڪريون
جواب: شادي کان اڳ ها ها ها سنگت جي رايا پڙهي ڪري اصل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڏاڍو انجوائي ڪيم ههههههههههههههههههههههههههه دوستو هتي اسان وٽ اڄا اهڙي صورتحال نه آهي ههههههههههههههههههههههههههههه لاجواب ونڊ آهي ادا عمران درويش جاري رکجو سدائين گڏ
جواب: شادي کان اڳ ادا ڳالهه صحيح ڪئي اٿئو اگر اهي ڊپ ڏياريائون ته شايد فيصلو ٻيو ڪو ڪرڻو پئي ٻيلي ائين نه ڪيو