عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
ٻيلهه سواري
هڪ ڳوٺ ۾ هڪ صوبيدار جي ڪافي عرصي کان ڊيوٽي لڳل هئي. اهو ڳوٺ ۾ ڪافي مشهور هو، ڇالاءِ جو اهو تقريبن سڀني ئي ڳوٺاڻن کي ٿاڻي جي سير ڪرائي چڪو هو. پر هاڻي هن جي ٽرانسفر جو آرڊر اچي چڪو هو ۽ اهو ڳوٺ مان چارج ڇڏي ئي رهيو هو ته کيس اوچتو ياد آيو ته ڳوٺ جي مسجد جو مولوي صاحب ته منهنجي گرفت ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪو نه آيو آهي. ان ڪري هن چارج پوءِ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مسجد طرف روانو ٿي ويو. اتفاق سان مولوي صاحب موٽر سائيڪل تي سامهون کان ئي اچي رهيو هو. صوبيدار آڙ وٺي بيهي رهيو ۽ جيئن ئي مولوي صاحب ويجهو پهتو ته صوبيدار هڪدم ٽپو ڏيئي آڏو اچي ويو ته جيئن موٽر سائيڪل جي ٽڪر سبب مولوي صاحب کي غير محطاط ڊرائيونگ ۾ گرفتار ڪري سگهي.
پر خوشقسمتيءَ سان مولويءَ بروقت بريڪ هڻي ٽڪر ٿيڻ کان بچائي ورتو.
مون کي افسوس آهي مولوي صاحب، مان علائقي جي هر فرد کي حوالتن ۾ بند ڪري چڪو آهيان، پر تون واحد انسان آهين جيڪو مون کان بچي ويو آهين.
صوبيدار جي ان ڳالهه تي مولوي صاحب مسڪرايو ۽ وراڻيائين ته ڇا توهان ان جو سبب ڄاڻو ٿا، نه صوبيدار وراڻيو.
اصل ۾ ان جو سبب هي آهي ته خدا تعالي مون سان هر وقت گڏ هوندو آهي. مولويءَ انقشاف واري انداز ۾ ٻڌايو.
ڇا خدا تعالي هن وقت به توهان سان گڏ آهي، صوبيدار تصديق ڪرڻ واري انداز ۾ پڇيو.
بيشڪ مولوي صاحب فخر مان ڪنڌ ”ها“ ۾ ڌوڻيو.
تڏهن صوبيدار مولوي صاحب کي چيو ته خدا مون کي به ڪڏهن مايوس نه ڪيو آهي. هاڻ مان توکي ٻيلهه سواري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيان ٿو، ڇالاءِ جو ڊبل سواري تي حڪومت طرفان بندش پيل آهي۔ :-o:-o:-o:-o:-o:-o:-o:-o:-o:-o
حوالو؛ گوگل سرچ