هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي هڪ بااختيار سرڪاري عملدار جي گهران چوري ٿي وئي. جنهن ڪري سڄي انتظامي مشينري حرڪت ۾ اچي وئي. پوليس وارن جون ڊوڙو لڳي ويون. علائقي جي اي ايس پي وري صوبيدار کي کڙڪايو. ايس ايڇ او کي هاڻ سندس بيلٽ چيلهه ۾ پاتل هئڻ جي بجاءِ کيس ڳچي ۾ سوڙهو ٿيندي محسوس ٿيڻ لڳو. تنهنڪري سندس بي انتها پڙتين سبب ٿاڻو جلدي ئي حوالاتين سان ڀرجي مڇي مارڪيٽ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ايس جي لٺين لڳڻ سان x-( همراهن جون داهون آسمان تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيون۔%-( ان دؤران کيس اها منحوس خبر ملي ته وڏي سرڪاري عملدار جي گهر ڪا به چوري جي واردات ڪو نه ٿي آهي، بلڪي غلط فهمي هئي ۽ سڀ سامان گهر ۾ ئي موجود آهي. تڏهن اي ايس پي جلدي ئي ايس ايڇ او کي فون ڪري چيو ته، توهان جي ڪارگذارين جي مهرباني، وڏي صاحب کي سامان ملي ويو آهي. اهو ٻڌي، ايس ايڇ او صاحب کي وراڻيو ته سائين هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي، ڇالاءِ جو صبح کان هن وقت تائين ڏهه ڄڻا ان چوريءَ جو اقرار جرم ڪري چڪا آهن (حوالو: گوگل سرچ)
جواب: هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي ادا درويش۔۔۔۔ يار مزو اچي ويو۔۔۔ اصل اهڙي مزاح واري انداز ۾ ايترو بهترين سچ۔۔ جس هجي توهان کي۔۔۔
جواب: هاڻ ڪجهه نٿو ٿي سگهي هل ته سهي! مطلب ته ماڻهون سچ چوندا آهن ته پاڪستاني پوليس دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ڪارگر آهي ۔۔۔ چوري ٿيڻ کان اڳ ئي ٻڌائيندي آهي ته اڄ چوري ڪٿي ۽ ڪيئن ٿيندي ۔۔۔ !!! واه سائين درويش! سچ لکيو اٿئي ۔۔۔ کلڻ گهٽ روئڻ وڌيڪ آيو ۔۔۔۔