اسان جا اڪثر دوست پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ وڌيڪ ميموري رکندڙ هارڊ ڊسڪ جي ڪري ڀانت ڀانت جا سافٽويئر، گيت گانا يا وري مختلف فارميٽس تي مشتمل انتهائي اهم ڊيٽا رکندا آهن۔۔۔۔ کين اهڙي مختلف جڳهين تان هٿ ڪيل ڊيٽا تمام گهڻي عزيز هوندي آهي۔۔۔ ۽ ان جي ضايع ٿيڻ جو خوف هميشه رهندو آهي۔۔۔ خاص طور سافٽويئرز جو ۔۔۔ جنهن تي ڪنهن به وقت ڪنهن وائرس جو حملو ٿيڻ جو خدشو رهندو آهي۔۔۔ بعد جي پريشاني کان بچڻ لاءِ توهان کي گهرجي ته پنهنجي ڊيٽا جو بيڪ اپ بڻائي رکو ۔۔۔ جنهن تي وائرس جو حملو نه ٿي سگهي۔۔۔ ۽ سموري ڊيٽا رهي محفوظ۔۔۔۔۔ حاضر آهي Genie Backup Manager سافٽويئر ۔۔۔ جنهن جي سندس سادي انٽرفيس ۽ وزرڊ ذريعي توهان آساني سان پنهنجي سموري ڊيٽا جهڙوڪ اي ميل، شيڊيولر، ميڊيا، تصويرون، ذاتي فائيلز ۽ فولڊرس ايسيتائين جو ايگزي فائيلز جو بيڪ اپ به بڻائي ڪنهن محفوظ جڳهه تي رکي سگهو ٿا۔۔۔ هن سافٽويئر جي اضافي خوبين ۾ شامل آهي۔۔۔ مڪمل ڊيٽا پروٽيڪشن۔۔۔۔ مڪمل سسٽم بيڪ اپ۔۔۔۔ لاڪڊ ۽ کليل فائيلز جو بيڪ اپ۔۔۔۔ ڊيٽا انڪرپشن۔۔۔ ۽ ڊي ڪرپشن۔۔۔ زپ پاسورڊ سپورٽ۔۔۔ لوڪل ۽ ريمورٽ بيڪ اپ سپورٽ۔۔۔ بيڪ اپ ريسٽوريشن۔۔۔ هن پروگرام کي شيڊيول طور تيار ڪيو ويو آهي۔۔۔ جيڪو توهان کي گاهي بگاهي بيڪ ٺاهڻ لاءِ ياد ڏياريندو رهندو۔۔۔۔ هوئن ته هي سافٽويئر 50 ڊالر جو آهي ۔۔۔ پر مان توهان کي رجسٽريشن ڪِي سميت حاصل ڪرڻ جو طريقي ڪار ڏسيان ٿو۔۔۔ سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري سافٽويئر رجسٽريشن پنو کوليو۔۔۔۔ جيڪو ڪجهه هن طرح هوندو۔۔۔ هاڻي پنهنجي اي ميل سميت معلومات لکو ۽ آخر ۾ موجود رجسٽر بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ ڪجهه ئي دير ۾ توهان جي اي ميل ايڊريس تي سافٽوئير جو ڊائونلوڊ لنڪ ۽ رجيسٽريشن ڪِي ميل ڪئي ويندي۔۔۔ جيڪڏهن توهان چاهيو ته سافٽويئر ڊائريڪٽ هتي ڪلڪ ڪري به حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔ وڌيڪ بهتر طريقي سان سمجهڻ لاءِ هي وڊيوز ڏسو۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=PQ3qEnHHSgs http://www.youtube.com/watch?v=PcR5vMGa_DI
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود هر فارميٽ واري ڊيٽا جو بيڪ اپ بڻايو۔۔۔ ادا تمام بهترين ونڊ ڪيو آهي توهان۔ آخر جادوگر جو آهيو
جواب: پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ موجود هر فارميٽ واري ڊيٽا جو بيڪ اپ بڻايو۔۔۔ سائين جادوگر صاحب۔۔ تمام بهترين ونڊ آهي پر اوهان رجسٽريشن نمبر جي لنڪ واري جڳهه خالي ڇڏي ڏني آھي