جئي سنڌ منهنجو نالو سراج ساجن آهي مان شهر سجاول ضلع ٺٽه جو رهواسي آهيان مان نئون يوزر آهيان سنڌ سلامت جو اميد ته اوهان سڄڻن سان سٺو ٽائيم گذرندو جئي سنڌ:-h
جواب: اسلام عليڪم سڄڻو ادا سنڌ سلامت جي محبتن ڀريي اڱڻ تي خوش آمديد، هتي توهان کي پنهنجائپ ئي ملندي ۽ سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ئي۔ ادا توهان اهو نه ٻڌايو ته توهان ڇا ڪندا آهيو؟
جواب: اسلام عليڪم سڄڻو سدا جيئي سنڌ سجاول جو سراج ساجن ۔۔۔ اسانجي اوطاق جا ڀاڳ ڀلا جو سنڌ جي سهڻي ڀاڱي لاڙ جو هڪ دوست ڪهي آيو اسانجي هن اڱڻ تي ۔۔۔ سڄڻ سراج، اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۽ اميد ته اسانجي دوستي وقت گذرڻ سان سگهاري ٿيندي رهندي ۔۔۔ هي اوطاق سنڌ سڄڻن جي آهي جت سنڌي ٻولي سان گڏ سنڌ جي هر ان ورثي جي سنڀال جون ڳالهيون ٿين ٿيون جن جي مالڪي ڪرڻ اسان تي فرض آهي۔۔۔۔ اميد ته اوهان به سنڌ جي ورثي جا امين ٿيندا ۽ سنڌ سلامت جي دوستن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ٻولي جي خدمت ۾ پاڻ ملهائيندا ۔۔۔۔ ٻي ڳالهه ته اوهان پنهنجي تعرف ۾ ڪجهه اڃان اضافو ڪيو ها ته هوند وڌيڪ خبر پوي ها ته اسانجي هن دوست جي ڪرت ڪهڙي، ڪم ڪهڙو، تعليم يا ٻيا ڪي شغل ۔۔۔ يا ڪو شوق وغيره وغيره دعائن ۾ گڏ
جواب: اسلام عليڪم سڄڻو سڄڻو اوهان دوستن جي مهرباني جو اوهان مون کي ايڏي سٺي موٽ ڏني آهي دوستو منهجي تعليم انٽر آهي ڪمپيوٽر م هڪ سال جو ڊپلوما ڪيو آهي فلحال الله جي آسري هزارين سنڌين نوجوانن جيان روزگار جي تلاش ۾ آهيان ۔ منهنجو پسند جو شاعر مرحوم سرويچ سجاولي آهي مان سنڌي موسيقي جو شوقين آهيان ، ڪرڪيٽ کيڏندو آهيان ء سنڌي رانڌ ونجهوٽي ڏاڍي شوق سان کيڏندو آهيان نماز جو پابند آهيان الله جي فضل سان۔ سنڌ لئي سوري مٿي چڙهندين نه:-چڙهندين چئو کڻي هن قوم لئي قيدن اندر ڪڙهندين نه ڪڙهندين چئو کڻي سرويچ سجاولي جئي سنڌ :-bd
جواب: اسلام عليڪم سڄڻو ادا سراج ساجن۔۔۔ مطلب ته سجاولي ساجن صاحب۔۔ اوهان کي مست سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ ڀليڪار چئي ٿو۔۔ اميد ته سنڌ سلامت جي فورم توهان کي پسند ايندي ۽ هن تي اوهان کي نيون شيون سکڻ لاءِ پڻ ملنديون ۔۔۔ جيڪڏهن توهان تڪليف نه سمجهو ته وقت به وقت سائين سرويچ سجاوليءَ جا شعر ۽ مجموعا سنڌ سلامت تي اپلوڊ ڪندا رهو، ڇو ته سندن نالو ته اسان ڪافي ٻڌو آهي پر سندن متعلق مواد گهٽ ملي ٿو۔۔