رب سائين انسان کي ڏئين به آزمائي ٿو ۽ وٺي به آ زمائي ٿو ، هڪ غريب انسان ر زق حاصل ڪرڻ لاء ڊوڙي ٿو ، پر امير وري هضم ڪرڻ لاء ڊوڙي ٿو، گناه ۾ لذت ضرور آهي پر دل کي سڪون و اطمينان ڪونهي۔ ڳالهه لفظن جي نه پر لهجي جي هوندي آهي، ڪنهن انسان لاء برو نه سوچيو ٿي سگهي ٿو اهو رب سائين جي نگاه ۾ اوهان کان بهتر هجي، هڪڙو پِي 7 ستن ٻارن جي سهڻي نموني سان پرورش ڪري ٿو، پر ڇا 7 ست پٽ گڏجي هڪڙي پِئ جي خدمت نه ڪري سگهندا آهن، انسان بيماري جي خوف ( ڀوء) کان کائڻ، پيئڻ ڇڏي سگهي ٿو پر آخرت جي ڀوء کان گناه نٿو ڇڏي سگهي۔ انسان سٺي ڳالهه ٻُڌي ته وٺندو آهي پر ٻين دوستن کي ٻُڌاءڻ ضروري نه سمجهندو آهي رب سائين انهي کي آباد رکي۔