سنگت کي ٻانهون ٻڌي سلام۔۔۔۔ ابا مون وارو ڪاڪو خبر ڪونهي الائي ڪيڏانهن ويو آهي۔۔۔ پر مون ڏي ڪاڪي نياپو موڪليو هو ته سنگت جو دماغ واندو ويٺو آهي سو ڪا ڳجهارت ڏينس۔۔۔۔ مان به دير ئي نه ڪئي وٺي آيس هڪ ڪتاب ( ڇو جو سنگت پاڻ ڪڏهن اهڙي ڪچهڙي جو مزو ئي ڪونه ورتو آهي۔۔ ڳوٺاڻي زندگي کان پاڻ محروم رهيا آهيون)۔۔۔۔ خيئر اهي سور ياد ڇو ڪيون جڏهن هاڻي پاڻ سان گڏ هيڏي ساري سنگت آهي۔۔۔ سو منهنجا پيارا ساٿيو پنهنجن ڪنن مان ڪپهه ڪڍي ڇڏيو (مُنهنجو ته هڪ ڪن اول ئي بند آهي برسات جو پاڻي جي ڪري) ۔۔۔ حاضر آهي سولي ڳجهارت۔۔۔۔۔۔ هڪڙا 7 چور هڪ دڪان ۾ چوري ڪرڻ جي بهاني سان ويا۔۔۔۔ هنن کي اُتي ڪابه اهڙي شي نظر نه آئي جيڪا هو چوري ڪري سگهن۔۔۔۔ پر هنن ئي نقدي لاڪر نظر اچي ويو۔۔۔ هنن ان مان ڪجهه پئسا چورايا (توهان کي اهي پئسا ٻڌائڻا آهن) هنن سوچيو ته باقي 5 چور ته ٻاهر آهن ڇو نه اهي پئسا پاڻ ۾ ٻه حصا ڪيون۔۔۔ ڇو جو ٻين چورن ڪابه محنت ڪونه ڪئي آهي۔۔۔ جڏهن هنن ان جا ٻه حصا ڪيا ته 1 روپيو بچي پيو۔۔۔۔۔۔ اهو سوچي هنن 3 چور کي اندر گهرايو ۽ 3 حصا ڪيا پر تڏهن به ساڳيو ئي روپيو بچي ويو۔۔۔۔ پو بس۔۔۔ سڀني کي گهرائيندا ويا ۔۔۔۔ آخر ۾ جڏهن هن جا ست حصا ڪيا ويا ته پئسا پورا ٿي ويا۔۔۔۔ هاڻي توهان اهو ٻڌايو ته هنن پئسا آخر چورايا گهڻا،،،،،،8->8->8->
جواب: ڳجهارت نمبر 2 ادا رنجيت اوهان جي هئي ڳجهارت نه چئبي پر هي ته هڪ سوال آهي۔۔۔ سو به پراڻي وقت اهڙا سوال وڏڙا ڏيندا هئا۔۔۔ ڪوشش ته ڪريون ٿا۔۔۔ اميد ته ڪنهن ڪناري تي رسنداسين۔۔۔۔ باقي هن اوطاق تي ڪافي استاد موجود آهن پاڻ ته اٺ جماعت پاس آهيون پو به ڪو پاسو اٽڪايونس ٿا۔۔۔
جواب: ڳجهارت نمبر 2 ادا زاهد مهرباني جو توهان مُنهنجي تصحيح ڪئي۔۔۔۔۔ ٻئي دفعي خيال رکندس۔۔۔۔ هو ڇا آهي نه پاڻ کي اهڙي سنگت ملي ئي ڪونهي۔۔۔ پاڻ ته لقمان ۾ ٻولي به الائي ڪهڙي ڳالهائنيدا هئاسين۔۔۔۔ سڀ توهان جي سنگت جي رنگت لڳڻجي ڪري ٿيو آهي۔۔۔ سو سنڌي به سولي نموني سان سمجهه ۾ اچي ٿي
جواب: ڳجهارت نمبر 2 سائين قبلا مان ايڏو مهان ڪونه آهيان مان به اوهان جو خادم آهيان۔۔۔۔ باقي پنهنجي حساب سان اهو رايو ڏنو آهي نه وري اهو سوچي ڪري جواب ڏنو آهي ته ڪا مون اوهان جي تصحيح ڪئي آهي۔۔۔ دوست هي پراڻي زماني جي ميٿاميٽڪس ئي کڻي چئو يا وري ڪنهن شاگرد جي ذهانت کي معلوم ڪرڻ لا استاد اهڙن سوالن کي ٽرڪمي حساب ئي کڻي چوندا هئا۔۔۔۔ مهرباني قبلا تمام پيارو ونڊ ڪيو اٿو واقعي اهڙيون ڪچهريون ٿينديون رهن جن سان علم ۾ به اضافو ۽ ذهانت به پڪي ٿيندي ويندي
جواب: ڳجهارت نمبر 2 ادا رنجيت ايئن ته نه آهي ته روپيه به 7 ئي هئا ڇو ته 7 کي 2 ۾هڪجيترو ونڊيندئو ته 3 ، 3 ٿي هڪ روپيو بچي پوندو ۽ 3 ۾ ورهائيندئو ته پو به 2، 2 ، 2 ٿي هڪ روپيو بچي ويندو ان ڪري 7 روپيه 7 ڄڻن ۾ هڪ ، هڪ روپيو ٿي ورهائجي ويندا۔ وڌيڪ الائي سهي ، الائي غلط؟
جواب: ڳجهارت نمبر 2 مٺا درويش۔۔۔۔ 2 ۾ 3 مطلب۔۔۔۔۔3،3 3 ۾ 2 مطلب۔۔۔ 2،2،2 4 ۾ ؟؟؟؟؟۔۔۔ 5 ۾ ؟؟؟؟؟۔۔۔ 6 ۾ ؟؟؟؟؟۔۔۔ آڌي، پائلي ڪونه هلندي آ سائين۔۔۔
جواب: ڳجهارت نمبر 2 ابا هي وري جنن جي ٻولي ۾ سٽي ڇڏ.ئي اسڪول کان مس ته جان چوٽي هوئي هنن کي منهنجي حساب سان 7 رپيا مليا جنهن ۾ هنن پاڻ ۾ 3 3 جا حصا ڪيا ته هڪ رپيو بچي پيو ۽ جڏهن هنن وري 3ٽئي چور کي سڏي 2 2 2 رپين جا حصا ڪيا ته اڃا به هڪ رپيو بجي پيو پوءِ هنن چوٿي کي سنڏ ڪيو ۽ وري حصو ڪيو 1.5 رپين جا حصا ڪيا ته اڃان هڪ رپيو بجي پيو پوئي هنن 7 گڏجي حصا ڪيا هوندا
جواب: ڳجهارت نمبر 2 سائين اڪبر صاحب۔۔۔ آهي ته واقعي جنن جي ٻولي ميٿ جي معنى آهي۔۔ مٿو اٿي ته هڻ۔۔۔۔۔۔۔ پر ير اٺ آبا ۽ چار آنا ڪونه هلندا۔۔۔۔۔ سڌو حساب کپي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڳجهارت نمبر 2 ادا اڪبر گهڻي چانهه پيئندين اهڙو ٿي ويندين۔۔۔۔ ها ها ها پر ير تون دلبر ماڻهو آهين ان جي ڪري هي وٺ انڊين چانهه جو ڪوپ صرف 5 روپيا۔۔۔۔۔ تون دل نه لاهه مان پئسا مان پاڻ ئي ڏيندس۔۔۔۔
جواب: ڳجهارت نمبر 2 يار مسڪينن کي مارائين ڇو ٿو۔ 2, 10 + 10= 20 3, 7+6+7 = 20 4, 5+5+5+5 =20 5, 4+4+4+4 = 20 6, 3+3+3+3+4+4 = 20 7, 3+3+3+3+3+3+3 = 21
جواب: ڳجهارت نمبر 2 ڏاهو ٿي، ڇوٿو چورن کي پاڻ ۾ وڙهائين، ڪنهن کي گهٽ ته ڪنهن کي وڌيڪ. سڌو سنئون حساب آهي. 301 روپيا همراهن چوري ڪيا.
جواب: ڳجهارت نمبر 2 ابا واهه جي ڳوٽ ڀڳي اٿئي۔۔۔ مان به چوان تون اهو ايل ڪولر جي هيٺان ويهي يڪو آڱرين تي ڪهڙا ٿو حساب ڪرين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٻه چور۔۔۔۔۔ 150+150 ٽي چور۔۔۔۔ 100+100+100 چار۔۔۔۔۔۔ 75+75+75+75 پنج۔۔۔۔۔۔ 60+60+60+60+60 ڇهه۔۔۔۔۔ 50+50+50+50+50+50 ۽ ست۔۔ 43+43+43+43+43+43+43 برابر ٿيا 301 روپين جي توهان کي اهڙي بهترين ڪوشش تي ملي ٿي ڪاڪي آچار جي طرفان هڪ بهترين گفٽ ٻيو وري هڪ ٽاٽا نينو ڪار۔۔۔۔۔ ٻئي هٿ مٿي ڪري تاڙيون