ابا سنگت کي سلام۔۔۔ ير اڪبر تو واري ان ڏينهن واري چلم ته هڻي اسان کي ڪيرائي وڌو آهي۔۔۔ پر ير ڪاڪو اسانجي اکين جو تارو آهي۔۔۔ سو سنگت مڙئي اڄ ڇونه ان اوطاق جي لا ڪجهه ڪجي سو مڙئي تصويرن واري دُڪان (فوٽوشاپ) ۾ ٿوڙي گهڻي محنت ڪئي آهي۔ اميد آهي ته سنگت کي پسند ايندي۔۔۔۔ سو سنگت جي اڳيان حاضر آهي اهو آرٽ ورڪ ٻيو اهو ته سنگت مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته مان ڇا لکان۔۔۔۔۔ توهان پاڻ ان کي ڏسو ۽ ان جي باري ۾ صلاح ڏجو۔۔۔۔۔
جواب: ڪاڪي آچار جي اوطاق جو ٻاهريون ڏيک۔۔۔ ادا بهترين ڪم ڪيو اٿئي۔۔ ڪاڪا آچار جي طرفان سلام ٿئي۔۔ ڀلا تنهنجا ڀاڳ۔۔۔ باقي ادا هن تي اهو لکينس۔۔ ڪاڪو آچار زنده باد۔۔ ها ها ها
جواب: ڪاڪي آچار جي اوطاق جو ٻاهريون ڏيک۔۔۔ ڪاڪل سائين۔۔۔لکجي ويندو ٻيو ڪو حڪم احڪام۔۔۔۔۔ڀلا اهو ته ٻڌايو اهو همون ۽ اڪبر نظر ڪونه ٿا اچن۔۔۔ ماني وٺڻ ويا آهن ڇا۔۔۔۔؟
جواب: ڪاڪي آچار جي اوطاق جو ٻاهريون ڏيک۔۔۔ الله سڌي واٽ ڏيکاريندن سائين۔۔۔۔ ٻيو ٻڌايو کجين جي ڇا پوزيشن آهي
جواب: ڪاڪي آچار جي اوطاق جو ٻاهريون ڏيک۔۔۔ تمام سٺي نموني سينگاريو آهي توهان اوطاق چاچي آچا کي ڀلي نموني سان لکيو آهي اهڙي ونڊ ڪرڻ ته مهرباني
جواب: ڪاڪي آچار جي اوطاق جو ٻاهريون ڏيک۔۔۔ واهه جو نالو لکيو اٿئيل، اصل هڪ بورڊٺهرائي ڳوٺ جي ٻاهران به هڻائي ڇڏ۔ ته ماڻهن کي خبر پئي ته واقعي اوطاقي مڙس آهن
جواب: ڪاڪي آچار جي اوطاق جو ٻاهريون ڏيک۔۔۔ ادو رشيد ٺهي ئي نه۔۔۔۔۔ اُتي ته اڳي ئي سائين هڪ وڏو بورڊلڳل آهي۔۔۔ ٻيو وري الائي ڪيئن ته جڳهه ڏنائون اٿائون اوطاق جي لا۔۔۔۔
جواب: ڪاڪي آچار جي اوطاق جو ٻاهريون ڏيک۔۔۔ ادا رشيد ته ٺهيل آهي، ويچاري سائين ايڏي ساري 2000 هزار فوٽن تي ٺهيل بنگلو اوطاق لاءِ ڏنو، اڃان ڇا ڪري۔۔۔ باقي هائو ادا وڏيري ڪانڀو خان کي پاڻ واري اوطاق ڏسي اصل تپ چڙهي ويو اٿئي۔۔ ها ها ها ۔۔۔ سندس بنگلو ته هاڻي ڪوئي جي ٻر پيو لڳي هن جي اڳيان۔۔