رنجيت جي ڳجهارت ڀڃندي ڀڃندي، منهنجي روميٽ ايل ڪولر جي هيٺان ويٺي ڪلٽو ويٽر (ڪيلڪيوليٽر) هٿ منجهه ڏٺو ته هڪڙي ڳجهارت ڏئي ويٺو. جيڪا آئون هيل تائين ته نه ڀڃي سگهيو آهيان.
”ريل ۾ بنا ٽڪٽ جي سفر ڪندي هڪڙي همراهه کي ٽڪٽ چيڪر پڪڙي ورتو، جنهن وٽ 3 انبن جا ٽوڪرا ساڻ هيا جن مان هر هڪ ٽوڪري ۾ 30 انب هيا. آخرڪار ٿورڙي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ طي ٿيو ته همراهه ٽڪٽ چيڪر کي هر ٽيشڻ 1 انب في ٽوڪري تي ڏيندو. رستي ۾ ٽوٽل 30 ٽيشڻون اچي رهيون هيون.
هاڻي ٻڌائڻو اهو آهي ته همراهه جڏهن آخري ٽيشڻ تي لٿو، ته باقي وٽس ڪيترا انب بچيا؟“