دوستو، اڄ مان جيڪا توهان سان ٽپ شيئر ڪري رهيو آهيان، سان تمام آسان پر وڏي فائدي واري آهي، هن ٽپ جي ذريعي توهان پنهنجي ريم کي خالي ڪري پروگرامن کي تيزي سان هلائي سگهو ٿا۔ ٽپ جو طريقو هيٺ ڏنل آهي۔ 1۔ نوٽ پيڊ کوليو 2۔ هاڻي انهي جي اندر FreeMem=Space(128000000) لکو 128 جي جاءِ تي توهان پنهنجي مرضي مطابق انگ اکر لکي سگهو ٿا۔ 3۔ پوءِ انهي فائل کي ڊيسڪٽاپ تي RamBoost.vbs جي نالي سان محفوظ ڪريو 4۔ ڊبل ڪلڪ ڪري هلايو۔ هلائڻ کان بعد ٿوري دير لاءِ ڪوئي به ڪم نه ڪيو ( صرف 30 سيڪنڊن لاءِ) هاڻي نتيجو توهان جي سامهون آهي
جواب: ريم کي خالي ڪريو ۽ اسپيڊ وڌايو پهريان به هڪڙي اهڙي ٽپ آزمائي چڪو آهيان، جنهن کان پوءِ اڳيون نور به چٽ ٿي ويو. هاڻي ٻين دوستن جي راين کان پوءِ ئي اها ٽپ آزمائبي. :|
جواب: ريم کي خالي ڪريو ۽ اسپيڊ وڌايو ادا اسد توهان ئي کڻي تجربو ڪيو ۽ پوء دوستن کي پنهنجي تجربي کان آگاه ڪيو ۔
جواب: ريم کي خالي ڪريو ۽ اسپيڊ وڌايو ادا مان پاڻ اِها ٽپآزمائي آهي، اگر جي توهان وٽ ڪوئي مسئلو ڪري ته پوءِ فقير چواڻي "هلڙي سالو تنهنجا ڀاڳ"
جواب: ريم کي خالي ڪريو ۽ اسپيڊ وڌايو ادا عبدالوهاب سائين مان توهان جي ٽپ تي غور ويچار ڪيو پر يار ان سان ته ڪو به عمل نه ٿيو توهان 30 سيڪنڊ جي ڳالهه ڪئي مان ته اڌ ڪلاڪ ڪمپيوٽر کي ڇڏي ڏنو پر ڪا به تبديلي نه آئي۔۔۔
جواب: ريم کي خالي ڪريو ۽ اسپيڊ وڌايو تمام پراڻي ٽپ ڏسي اٿو۔۔۔ هي ان دور جي آهي جڏهن ڪمپيوٽرس ۾ وڌ ۾ وڏ 128 ميگا بائيٽ ريم هوندي هئي۔۔۔ پر اڄ جي سسٽم ۾ گهٽ ۾ گهٽ ريم ئي هڪ گيگا بائيٽ آهي۔۔۔ پوءِ اهڙن سسٽم تي اها ٽپ ڪو خاص اثر ڏيکاري نه سگهندي۔۔۔