جيئن ته آمريڪا ڏاڍو ترقي پسند ملڪ آهي، پاڪستان ۾ ترقي جي شروعات ڪرڻ لاءِ پهرين پهرين پٺاڻن جي هڪڙي سردار کي آمريڪا آندو ويو، ان پٺاڻ کي آمريڪي صدر پاڻ انگريزي سيکارڻ شروع ڪئي۔۔۔ ڪجهه وقت کان پوءِ اهو پٺاڻ فُل انگريزي سکي پاڪستان وري آيو۔۔ ٻئي ڏينهن اوباما جو فون آيو۔۔ :-c پٺاڻ چيو: ”هيلو سر، هائو آر يو“ :> اوباما وراڻيو: ”يارا ۔۔۔ انگريزي کي هڻ گولي، تون مان کي نسوار موڪلي ڏي۔۔ ڏاڍي ٻاڙِ لڳي آهي۔۔“ ><
جواب: انگريزي کي هڻ گولي۔۔۔ ادا پٺاڻ پاڻ ته نسوار استعمال ڪندا رهندا آهن پر اهيا به حقيقت آهي ته انهن باقي ماڻهن کي به نسوار جو عادي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سنڌي، اردو ڳالهائيندڙ بلوچ به شامل آهي۔ پٺاڻن ته سنڌ جي مختلف شهرن خاص ڪري ڪراچي ۾ ته نسوار جون ننڍيون نڍيون فيڪٽريون پڻ لڳائي ڇڏيون آهن جنهن جي تصوير توهان هيٺ ڏسي سگهو ٿا۔ http://www.youtube.com/watch?v=OnL8Vc5M1Vk
جواب: انگريزي کي هڻ گولي۔۔۔ ادي ممتاز ته تصويري ثبوت به ڏئي ڇڏيا آهن ۔۔۔ بس ڙي ادا انهي نسوار نڀاڳي گهڻن کي نهوڙيو آهي ۔۔۔ انسان به عجيب آهي، مڙئي کيس ڪا نه ڪا شئي کپي جنهن ۾ سندس دماغ کي گهوماٽيون اچن ۔۔۔ منهنجي ڀر ۾ اچي هڪ ڏينهن نسواري ويٺو بس يارو! نه پڇو ته سندس وات مان ايندڙ ڌپ سبب منهنجو ڇا حال ٿيو ۔۔۔ !!!! پر مست چواڻي ته جهڙي صحبت اهڙو رنگ ۔۔۔ اوباما به وڏو موالي آهي ۔۔۔ دنيا جا سڀ موالي سندس جا دوست آهن ۔۔۔ بلڪ لڳي ٿو ته صدارت ڇڏڻ کانپو موالي ايسوسيئشن ٺاهيندو ۔۔۔ جنهن ۾ دنيا جا سڀ موالي ۽ هر قسم جا موالي شامل هوندا ۔۔۔ آمريڪي انگريزن سان دوستي به خراب ته دشمني به ۔۔۔ خاص ڪري دوستي ته سخت خراب؛ پاڻ ڏسو پٺاڻ ڏني نسوار ته انگريز ڏنو ڊرون هوائي جهاز ۔۔۔ ڪر ڳالهه ڪٿي نسوار ڪٿي ڊرون جهاز هل ڙي اوباما تنهنجي لئه ۔۔۔
جواب: انگريزي کي هڻ گولي۔۔۔ دوستو هن موضوع کي چارچنڊ لڳائڻ جي مهرباني۔۔ ٻه چنڊ ادا ممتاز لڳايا ۽ ٻه چنڊ ادا نثار ابڙو۔۔
جواب: انگريزي کي هڻ گولي۔۔۔ بس يار لڳي ٿو توهان جي ڳوٺ ۾پٺاڻن جي اڪثريت آهي يا وري اتان جا سڀ سنڌي نسوار جا شوقين آهن، جيئن پاڻ وارو ڊبل اي نسواري شوقين اٿئي۔۔۔ :-?