• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ لازوال ۽ بي مثال وڊيو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ سلطان
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

هي گيت منهنجي پسنديده ترين آهي، مان جڏهن به ٻڌندو آهيان، ڏاڍو سڪون محسوس ڪندو آهيان۔ ننڍڙي عابده پروين ۽ استاد وحيد علي خان (مرحوم) جو هي وڊيو سنگت سان شيئر ڪريان پيو۔

http://www.youtube.com/watch?v=55HmWcZ1wO4&feature=related
ادا سُلطان سوين جَسَ لهڻو، جو ايڏو زبردست لطيف سائين جو گيت اسان سان شيئر ڪيو آهي، مٿان وري خانصاحب مرحوم وحيد علي ۽ ٻاراڻي وهي ۾ سائيڻ عابده پروين اصل رنگ لڳي ويا، ادا پهرين يو ٽيوب واري فائل ڏسڻ مُنهنجي لاءِ ست سمنڊ پار ڪرڻ مثل هُئي پر هاڻي انٽر نيٽ جي جديد سهوليات ڊي ايس ايل اسان جي شهر ۾ اچي ويئي آهي ۽ مان پڻ ان مان ڀرپور فائدو وٺي رهيو آهيان ها ادا جيڪڏهن توهان کي يو ٽيوب ۾ ڪٿي مون واري محترم اُستاد شوڪت ڌماچ جو گيت ” ڏسي يار مُنهنجي غريبي غريبي ، ڇني وين ڇو ناتو آهي بدنصيبي جيڪو پڻ خانصاحب اُستاد وحيد علي مرحوم ڳايو هو نظر اچي وڃي ته سنڌ سلامت تي اهو ضرور شيئر ڪيو وڃي ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا۔​
 
Back
Top