دوستو هن ڪلام ۾هڪ لڪل سبق آهي جنهن جيڪو سمجهي ويو سو رنگي جي رنگن کي سمجهي ويندو۔ http://www.youtube.com/watch?v=FhHacuQrmrk
جواب: استاد محمد يوسف پيارا دوست درويش، مرحوم استاد يوسف جو آواز ته دل تي اثر ڪندڙ آهي ئي مٿان وري برصغير جا مڃيل ۽ وڏن صوفي شاعرن جا ٻول، جنهن ۾ بلا، سچل ۽ فريد قابل ذڪر آهن ۔۔۔ ۽ اهو گيت ته اسين ائين ٻڌو آهي جيئن ڄمڻ سان ماءُ جي لولي ٻڌبي آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته اسين جڏهن ڄمياسون ته ريڊيي جو زمانو هو ۽ جڏهن هوش سنڀاليوسون ته ريڊيو تي اهي گيت هلندا هئا ۽ اسين روئيندي کلندي بانبڙا پائيندي ٻڌندا هئاسون ۔۔۔ پر اڄ اوهان جي هڪ جملي ته؛ ”جيڪو لڪل راز سمجهندو سو رنگيءَ جي رنگن کي سمجهندو ۔۔“ بيشڪ اوهان سچ چيو آهي پر هڪ عرض آهي ته اوهان ڇا سمجهيو آهي جي ٿورڙو اشارو ڪيو ته من اسانکي به سمجهڻ ۾ اڃان وڌيڪ آساني ٿئي ۔۔۔ ممڪن اوهان اسانکي ان راه طرف وٺي وڃو جنهنکي سڌي راهه چئجي ٿي ۔۔۔ ڇاڪاڻ اوهان پاڻ چيو آهي ته راز لڪل آهي ۽ عام نظر ڏسي نٿي سگهي ۽ عام ذهن حضم ڪري نٿو سگهي ۔۔۔ قرب ٿي ويندا جي ڪجهه سمجهايو ته؛ دعائن ۾ گڏ
جواب: استاد محمد يوسف محترم نثار ابڙو صاحب : هي راڳ يقينن من کي موهيندڙ آهي، ۽ استاد محمد يوسف جو آواز ته اصل دل اندر داخل ٿي لُنو لُنو ۾ سمائيو وڃي۔ ادا هن ڪلام ۾ علم رکندڙ جي لا اهو پيغام لڪيل نه ٿو سگهي۔ پر جيڪو ان نوعيت جي سوچ رکندڙ شايد سمجهي نه سگهي۔۔ سائين هن ڪلام کي موجود دور جي نوجوان راڳين تيز موسيقي ۾ ورجائيندي ڪجه هيئن چيو آهي۔ رنگ ئي رنگ بڻايا ۔۔۔۔۔۔۔۔ الله آدمي بڻايا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا منهنجي سيکڙاٽ سوچ ۾ اها ڳاله ڦري رهي آهي ته اسان جو مالڪ اسانجي زندگي ۾ اسان سان ضرور ڪنهن نه ڪنهن جا تي ملاقات ڪندو آهي، پر اسان ان کي سڃاڻي نه سگهندا آهيون۔۔۔۔ (و الله اعلم) هو ڪڏهن ڪنهن بزرگ جي صورت ۾ مليو هجي يا ڪنهن فقير جي، ڪنهن غريب جي صورت ۾ ملاقات ٿي هجي، يا ڪنهن سدا ڏيندڙ يتيم جي صورت ۾ مليو هجي۔۔۔ ان ساڳي شعر کي استاد محمد يوسف صاحب ڪجه هيئن چيو آهي ته۔۔ رنگي رنگ بڻايا۔۔۔۔ الله آدمي بڻآيا۔۔۔ جيڪڏهن منهنجي ناچيز سوچ سهي آهي ته ان ۾ لڪل پيغام اهو آهي ته ڪڏهن به ڪنهن فقير يا ضرورتمند کي نه ڌڪاريو يا ان کي دڙڪو نه ڏيو۔۔ ڇو ته اسانکي اهو ڊپ هوندو ته هن فقير کي ته ڌڪاريان ۔۔ پر الله سائين الائي ڪهڙن ڳالهين ۾راضي،،، ۽ مالڪ جا لکين روپ آهن۔ سو جڏهن قيامت ۾ جڏهن اسان جي ڪيل ڪمن جو حساب ٿيندو ۽ اسان چوندا سين ته مالڪ اسان اسانکي خبر نه هئي ته ڪير مستحق آهي نه ئي ڪڏهن مون ڪنهن ضرورتمند کي ڌڪاريو۔۔۔ پو منهنجو مالڪ اسانکي سندس اهو روپ ڏيکاريندو جنهن کي اپنائي هو اسان وٽ ڪنهن ضرورتمند جي صورت ۾ حاجت کڻي آيو هيو ۽اسان ان کي ڌڪاري ڇڏيو سين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽اسان وٽ شرمندگي ۽پڇتاو کانسوا ڪجه به نه هوندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ (والله اعلم)