ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿيندڙ پهريون سنڌي ميلو

آرٽس ڪائونسل ڪراچي 1961ع ۾ وجود ۾ آئي. ان وقت ستن لکن ۾ ٺهندڙ اها بلڊنگ ڪيئي ورهيه ۽ ڏهاڪا رڳو چانهه پيئارڻ جي ڪتب ايندي رهي. ڪائونسل جي باني ميمبرن 1964ع ۾ آرٽس اسڪول پڻ ٺاهيو. اهو ڪراچي جو پهريون آرٽس اسڪول هو، پر ان جي ٺهڻ جا سڀ حساب ڪتاب سنڌ جي ڪنهن به اداري وٽ رجسٽرڊ ناهن. آرٽس ڪائونسل گذريل پنجن ورهين کان هڪ نئين رستي تي هلڻ شروع ڪيو آهي. ان آرٽس ڪائونسل جون محنتون، رونقون، نتيجا ۽ آرٽس ڪائونسل کي پنهنجي اصل مقصدن لاءِ هلائڻ جو ڪريڊٽ سيد احمد شاهه سميت ڪيترن ئي ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو. اها ساڳي آرٽس ڪائونسل، جنهن ۾ سسئي پليجو جا افتتاحي بورڊ لڳل آهن، جتي امر جليل جهڙن وڏن ماڻهن کي اردو جي وڏن ماڻهن جي صف ۾ بيهاري اعزازي ميمبرشپ ڏني وڃي ٿي، جتي عابده پروين سڀ کان وڏي فنڪاره آهي، جتي سال جي سوين ڏينهن ۾ هزارين پروگرام ٿين ٿا. اوهان حساب ڪريو ته آرٽس ڪائونسل ۾ سال ۾ 270 ڏينهن ”ٿيٽر“ هلي ٿو، جيڪو اردو ۽ انگريزي ۾ هجي ٿو، جنهن ۾ اسڪولن جا شاگرد توڙي اداڪار پنهنجو فن پيش ڪن ٿا. ڪيئي سنڌي تنظيمون، ڪيئي مصنف، ڪيئي شخصيتون، سگا سميت ڪيئي سرائيڪي ۽ پشتو تنظيمون اتي اچن ٿيون. آرٽس ڪائونسل پاڪستان جو اڪيلو ادارو آهي، جتي لان ۾ ”نعت“ جو مقابلو هلي ٿو، اوپن ايئر ٿيٽر، بلي شاهه جي ڪافين جو زور هجي ٿو. 250 ماڻهن جي ايئرڪنڊيشنڊ آڊيٽوريم ۾ ٿيٽر هلي ٿو، جنهن کي جيڪا ڳالهه پسند هجي ٿي، اهو ان طرف وڃي ٿو. هڪڙو جمهوري، سيڪيولر ۽ لبرل ادارو آهي. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ اڄ پنج هزار ميمبر آهن. انهن جي گورننگ باڊي ۾ هڪ سنڌي قيصر خان نظاماڻي آهي. 1961ع کان 2009ع تائين جي رڪارڊ موجب سنڌي ميمبرن جو انگ 138 هو. رڳو هن سال 150 نوان سنڌي ميمبر ٿيا آهن، انهيءَ ميمبرشپ جو ڪريڊٽ مشهور شاعرن عبدالغفار تبسم ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ ٻين ڏانهن وڃي ٿو. جيڪي به اديب، شاعر، فنڪار ۽ صحافي يا واپاري آهن، تن کي هن اداري جي ميمبرشپ وٺڻ گهرجي. ڳالهه سنڌين جي گهڻائي جي هئڻ يا نه هئڻ جي ناهي، پر جيترا سنڌي ان اداري جي ويجهو هوندا، تن کي سڄي پاڪستان جي ادب ۽ اديبن جي خبرچار ملندي رهندي. ادارا ڪيئن هلڻ گهرجن، ان جي باري ۾ پڻ مدد ملي سگهندي. کين تخليقي صلاحيتن ۾ اضافي جو هڪ ٻيو سامان ملي پوندو. 6 کان 8 آگسٽ ٽي ڏينهن آرٽس ڪائونسل پنهنجي تاريخ جو پهريون ”سنڌي ميلو“ ڪرائي رهي آهي. ان ۾ رڳو ٿر ۽ هالا جي هينڊي ڪرافٽس جي ڳالهه نه هوندي، رڳو سنڌي طعامن جي باري ۾ ڄاڻ نه ملي سگهندي، رڳو سنڌ جي اهم ترين ٽي وي چينلن جي ڳالهه نه هوندي، پر ان ۾ سنڌي ميڊيا جي تاريخ، ترقي ۽ مختلف ميڊيائي مهندارن کي سامهون آڻڻ، سنڌ جي اهم ترين ادبي دورن، شاهه لطيف کان ويندي مرزا قليچ بيگ، اهم ترين ڪهاڻيڪارن، ناول نگارن، نوجوان ليکڪن، شاعرن، ڪالم نويسن توڙي مشهور پبلشرن جو پڻ ڪردار سامهون ايندو. انهن ٽن ڏينهن ۾ ٿر ۽ لاڙ کان وٺي ساهتي پرڳڻي ۽ سنڌ جي اترئين علائقن جا فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا. انهن ٽن ڏينهن ۾ ڪيترين ئي اديبن ۽ شاعرن کي پنهنجي ميمبرشپ ڪرائڻ جو موقعو پڻ ملي ويندو. اٺن سالن کانپوءِ ميمبرشپ کُلي آهي، جنهن مان فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي. ٻيو ته انهن ٽن ڏينهن ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي ٽي ڏينهن ڪراچي ۾ رهي سکڻ جي گهرج آهي، رابطا وڌائڻ جي گهرج آهي، نون نون ماڻهن سان ملڻ جي گهرج آهي. آرٽس ڪائونسل جهڙي عاليشان ۽ خوبصورت اداري جي سراسري ڪردار ۽ ترقي ۾ پنهنجو حصو ادا ڪرڻ جي گهرج آهي.
http://www.youtube.com/watch?v=tkCaJFCwiLo